سکر آئي بي اي ۾ وياکياڻ

آڪٽوبر 19, 2008 ڏانهن 2:01 am | Posted in Education, Sindhi, سنڌي | 12 رايا
ڇاپو: , ,

وِگيانڪ فلسفو ڇاهي ۽ ڍنگ ڪهڙو؟

سکر شهر ۾ آئي بي اي جي شاگردن کي تازو هڪ وياکياڻ ٻڌايم.  اِنهيءَ ۾ وگيان (سائنس)، تنهن ۾ ڳڻت گيان (”ميٿَميٽِڪس“) ۽ حسابي ڪلنن (”ڪَمپيِوُٽَرَنِ) جو ڪِردار،  پنهنجي ڦولا، ۽ ٻيون ڪي بنيادي ڳالهيون ڪيم.  تنهن وياکياڻ جا سِلائيڊ هيٺين ڪڙيءَ تي ٺڙڪ هڻندا ته لڀندوَ.

sukkur-slides پي ڊي ايف ۾ ڏنل (هتي ٺرڪ هڻدا)

ڳنڍ ڄار وسيلي  ڏيک ۽ آواز هليو.   وياکياڻ ڏيڍ ڪِلاڪ جي هئي، پرَ سلائيڊن ۾ سڀ ڳالهيون لکيل ناهن.  تنهن کان پوءِ اڌ ڪِلاڪ سوال جواب پِڻ ٿيا.

هِت رات جا ٻارهان لڳي ويا، هُت ڏينهُن پهريون پهر مس پورو هو.  ٽَلَ هيم ته پنهنجي سموري ڄمارَ ۾ ٻن هزارن وڌ وياکياڻَ ڏنا اٿم.  تِنِ مان هڪ ڏيڍ سيڪڙو مسَ سنڌيءَ ۾ ڏنيون هوُندمِ. پر اِهو پهريون وار آهي جو هِڪَ ٽيڪنڪيِ وياکياڻ سنڌيءَ ۾ ڏني اٿمِ.

توڙي پهرين وياکياڻ ڀانيان ٿو ته درازن ۾سچل جي ورسيِءَ تي ننڍَپِڻ ۾ ڏنيِ هيمِ.  شايد سائين پروانو ڀٽي سٽاءُ ترتيب ۽ پڌرائي ڪئي پي.  بابا پاڻ بدران مانکي مقالو پرهڻ جي هدايت ڪئي.  تنهن مقالي لکڻ ۾ پاڻ ڏاڍي مدد ڪيائون.  ياد ٿمِ ته اعلاني سڃاڻپ ڪرائيدي چيو ته اديب ابنِ اديب فلاڻو هاڻ مقالو پڙهندو.   ٻي سال مان پاڻ لکيو. ريڊو پاڪستانَ حيدرآباد سو مقالو ڇَٽ چوء ڦير ڪيو، سو ڪنهن منهنجي مائٽن کي سڃاڻيندڙ سنڌي بزرگ آديپور ۾ ٻڌو ۽ تنهن تي ٽپالي ڪارڊُ موڪليائوُن (تنهن زماني ۾ ماڻهن کي هِند مان لفافا گُم ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو لڳندو هو، تنهن ڪري ڪيترا رڳو کليل ڪارڊ موڪليندا هُئا جِن کي پاڪستاني سيِ آئي ڊيِ کولڻ بنا پڙهيِ سگھي. گذري چار ڏهاڪڙا اچي ٿيڻ تي بيٺا آهن، ڪِنِ ڳالهينِ جون يادون مرڻ ڪنڌيءَ تائين ڀانيان ٿو رهندم.


Entries ۽ رايا feeds.