بيدل ۽ رام پنجواڻي

نومبر 24, 2007 at 8:27 pm | Posted in History, Poetry, Sindh, Sindhi, سنڌي | 2 رايا

فقيرُ بيدِلَ جو عُرسُ،

پوئين هفتي پڙهُيمِ سُڀان کان (نومبر 25) وٺي ٽي ڏينهن فقير بيدل جو عُرسُ ملهايو پيو وڃي. فقير جي حياتي ڏاڍي ويچار جوڳي آهي. جوانيءَ ۾ فقيرُ پنج وقتَ نمازي هو. مسيِت ويِندي اجرڪ مٿي تي ورائي مُنهُن ويڙهي هلندو هو تي متان ڪا اهڙي شئي يا آدم ذات آسي پاسي ڏسڻ نه اچي جنهن سان هِرکي وڃي. پَرَ ليکو ڪيرُ مٽائي نه سگھي! هڪَ ڏينهن نماز پڙهڻَ ويو پي ته هوا جو جھوڪو لڳو ۽ مُنهَن تان نظر ڍڪيندڙُ لٽو لٿسُ. پاسي ڏسي ته ڪنهن جوان ڇوڪري تي نظر پينِ. سو دلِ لڳي ڪيرُ جھلي؟ ڏاڍو سُهڻو لڳُنِ ۽ تنهن سان دل ۾ يڪدمَ عشق مجازي جاڳيُنِ. تڏهن نماز جو خيال لهيِ ويُنِ ۽ ڌرم جون رسموُن وري نه ياد ڪيائون. انهيءَ کان پوءِ فقيِري جي واٽ ڌاريائون ۽ عشق حقيقيءَ جي ڪنهن وڏي منزلَ تي پُڳا. سو پهتل فقير ٿو ڏات ڏي

مذهبَ واري قيدَ کون بيدل

عشقُ ڪندءُ آزادُ

عشقَ جي صوفياڻيِ راهَه ”همه اوُست“ (سڀ هوُ آ؛ همه معنا سڀُ) سڃاڻڻ جي واٽ. تنهن واٽ ۾ ڌرمَ جا جھيڙا جھٽا ترڪ، رڳو هيڪائي هيڪاند (هيڪاندُ ـــ گڏجاڻيِ، هِڪ ٿيڻ واري حالت) جي ڳولها. فقير سائين ٿا ٻڌائِن Continue Reading بيدل ۽ رام پنجواڻي…

Advertisements

قلم تازو ــ جي پُڇڻا سي نه منجهڻا

نومبر 9, 2007 at 11:57 pm | Posted in animals, Autobiographical, Education, Folklore, Poetry, Sindhi, سنڌي | 4 رايا

(ڦريل رنگ وارن سٽن تي ٺرڪَ هڻي ويب ڪڙيءَ تي وڃي سگهندئو)

ڏسُ ــــ پڙاڏو سوسڏُ ُ

ٻُلهڻِين بابت سنڌي شعر ڏسڻ آيُم. (ٻهوُن معنا وڏي انداز سان، نمونن سان)

ٻَهوُن گھمن ٻُلهڻيون ساڻ تنين سير (حفيظ)

جيئين ڳالهه پي ڪيم، ٻُلهڻين کي ٽِپڻ ڪُڏڻ ۽ سير ڪرڻ جو گھڻو شونق هوُندو آهي؛ جيڪا ڳالهه ڏسندي شعر سائين حفيظَ جي دل ۾ آيو هوُندو جنهن جي تُڪَ مٿي ڏنلَ آهي. حفيظ ۽ سندس شاعري بابت ڪا ڄاڻ نٿم، ڪو پڙهندڙ سڃاڻين، ته تِن بابت لکندا؛ جي اِهو شعر اڳتي وڌيڪ اچين ته لکي ٻڌائيندا. مٿين تُڪَ (شعر جي سِٽَ) جامع سنڌي لُغتَ ۾ ڏٺم. جي ڪنهن صاحبَ يا صاحباڻيءَ کي ٻُلهڻين بابت ٻين سنڌي شعرن يا سنڌي لوڪ آکاڻين جي ڄاڻ هجي ته ٻڌائيندا.

آمريڪا سميت گھڻن ئي ملڪن ۾ ٻلهڻين جي شڪارَ تي پابندي لڳائي ويئي آهي. افسوس ته جپان ۾ اڄُ به سامونڊي ٻُلهڻين جو شڪار ٿئي. انهيءَ ڳالهه کي گھڻا ماڻهوُن هاڻ واهِڻو (جھنگلي، بي رحمي) سمجھندا آهن. تنهن ڪري هر سال اعتراض وٺندڙ جپان وڃي مُظاهرا ڪندا آهن ته جئن ماڻهن ۾ احساسُ وڌي. هيٺين وڊيو اهڙن اعتراض وٺندڙن جو هِڪُ تازو ڌرڻو ٿي ڏيکاري

http://video.nationalgeographic.com/video/player/news/animals-news/japan-dolphins-apvin.html

ڏَسُ ـــ آمريڪا وڃڻَ جيِ ٽِڪَسَ

سائين فرهان شيخَ لکن ٿا ته شاه ڪريم بلڙي واري جو بيت هِن ريتِ آهي

جي پُڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وِيرَ،
جو لَکَڻُ ۾ ماڙُوهِين ، سو ڪُلَکَڻُ ۾ کير

لَکَڻُ جوُن ٻه معنائون مِلن ٿيوُن ــــ هڪ پرکڻ، ڏسڻ وائسڻ، جانچڻ؛ ٻيو عادت، ارڪان، خصلت. لغت موُجب مراد ٻي معنا آهي. ڪُ لفظن اڳيان گڏبو آ ٻِن مان هڪ معنا ڏيڻ لاءِ ـــــ هڪ بڇڙو، ردي، ناچڱو (جِئن ڪُسَنگُ)؛ ٻيو بي، بِنا، کانسواءِ. ڪلُکَڻ معنا ڪُلَڇڻُ، يا جيڪو بي لڇڻو هجي. کير تي آوازي نشان ناهي ڏنل، پرَ ڀانيان ٿو ته بيتَ جي تُڪبنديِ موُجِب اِهو کِيرَ هجڻ گھرجي، جنهن جي معنا مبارڪ (ڏيڻ)، واڌائي (جنهن لفظ جو جمع کيروُن آهي). سو بيتَ معنا (عام) ماڻهن ۾جِن ماڻهن کي اِها خصلت آهي، سي جڻ بي لڇڻن ۾ واڌائيءَ لائق ٿيا.

اِها ٿي منهنجي سمجھ بيتُ پڙهيِ، پرَ ياد رکجي مان سنڌي ٻولي نڪو سنڌي شاعري ماهِرُ آهيان، جيون وِگياني ۾ ڪاٽيو ٿمِ. سو تنهن سمجھ سان بيتَ جي پهرين تُڪَ جي معنا اکر به اکر موتي لعل جوتواڻيءَ ترجمو ڪندي ڏِني. ٻيءَ تُڪَ جو ترجمو تمثيليِ ٿو لڳيمُ. اڳتي اديبن کي وڌيڪ ڄاڻ هوُندي.. هيءَ سَمڀَوَ به آهي، متان سائين جوتواڻيءَ کيِرَ بدران کيِرُ لفظ سمجھيو هُجي. اهڙن ڳالهين ڪري سنڌيءَ لاءِ سنڌي عربي لپيِءَ جي ڪوتاهيِءَ جي اَنڀَوء اٿمِ ڇو ته لپيِ زيرُن زبرن هڻڻ تي زور نه ٿي ڏي؛ هٿان اِنهن کي قلمَ سان لکڻ لاءَ وڌيڪَ گھڪا کَپن جنهن ڪري ماڻهون عام تور لکڻ ڇڏي ٿا ڏين.

(لپين بابت ڏسندا منهنجو بلاگُ ظ ظالم، ز زالَ ته پوءِ ذ ڇالاءِ )

بيتَ تان ڳالهِه ياد ٿي اچيمِ…. جڏهن آمريڪا ڪاليجَ پُڳُمِ ته گڻت گياني متن اَپاري ڪٿَ (”ڪيلڪيوُلسَ“) جي ڪِلاسن جو سٺو ڏکيو سِلسِلو کڻڻو پيم. وگياني ۽ انجنري متنن لاءِ اَپاريِ ڪَٿَ ماهري لازم آهي. اَپاري ڪٿ پاڙهيندڙُ وڏو مشهورُ پروفيسر ڊين نالي هيو. آئي ڪي هفتا ٿيا هوُندا، پروفيسر ڊينَ ڪنهن ٻي پروفيسرَ کي منهنجي نالي چيو ته هيءُ ڇوڪرو ڏاڍو هوشيار آهي. مان به پاسي ۾ بيٺو هومِ. چيومانسِ،” سائين! هتي ته سڀ ڇوڪرا ڏاڍا هوشيار آهنِ.“ (جنهن يونيورسٽيءَ ۾ مان بيچلرَ لاءِ ويُو هوسِ سا آمريڪا جي ڏُکي ۾ ڏُکي يونيورسٽي ليکبي آهي). چيائين ”مسئلا سَلڻ ۾ سڀِ هوشيار آهنِ، پر ڏنل مسئلا توڙي ڏکيا هُجن، سي سلڻ سولو آهي، چڱا سوال سوچڻُ ڏُکيو. چڱا سوال پُڇَڻ وارا ڪي ڪي هوندا آهن ۽ سي ٻين کان گھڻو اڳتي ويندا. تنهنجا سوالَ اوُنهيِ سمجھه ڏيکاريندڙ هوُندا آهن.“ اِنهيءَ ڳالهه مانکي تڏهن ايتري تَپرَسَ ۾ وڌو جوسا ڳالهه اڃا ياد بيٺيِ اٿم؛ تنهن اڳُ سوچيو هوم ته ڏکيا مسئلا سَلڻ وڏي هوشياري جي نشاني آهي. هاڻ هِنَ وڏي پروفيسرَ جو چوڻ هو ته اوُناهيون کوٺيندڙ سوال سوچڻ تنهنکان اڃا ڏکيو. تنهن ڳالهه کي ٽيٽيهه ورهيه ٿيا. اڄُ پنهنجن شاگردن ۾ اِها خاصيت ڏسڻ جي ڪندو آهيان؛ بيشڪ تنهن تجربي ڪار پروفيسر جي ڳالهه منهنجن پنهنجن تجربن سان به ملي ٿي ۽ تنهن ڪري پڪ سان سچُ لڳيم.

خيرُ. ”جي پُڇڻا سي نه منجهڻا “ اڄُ به مشهور سنڌي پهاڪو آهي. سوچيُم پي ته الاجي هيِءَ سورهين صديءَ کان اڳُ به چوڻي هئي جيڪا بلڙيءَ واري شاهه سائينءَ ڪتب آندي؛ يا وري اها چوڻي شاه بلڙيءَ واري سائين جي بيت مان نِڪتيِ. ڪو سورهيِن صدي کان اڳ جي ڪتاب اهڙي ملي جنهن مان اِها سُڌَ پوي!

شاه ڪريم بلڙيءَ واري بابت ٿوري لکَه هيٺين ويبَ ڪڙيءَ تان ڏسندا

http://www.voiceofsindh.net/sindhiadab/articals/33.htm

سائين رومي ــ اٺ سوَ سال

سيپٽمبر 30, 2007 at 6:44 pm | Posted in Poetry, Sindhi, سنڌي | 2 رايا

سائين روميءَ جي اٺ سَوَيِن ساليانو ورسيِ

konyaاڄ سائين جلالدين روُميءَ جي ورسي سڄي جڳَ ۾ پئيِ ملاهي وڃي. گڏيل قومن تعليمي وگياني سنسڪرتي تنظيمَ پاران هن سال کي روُمي سال رکيو ويو آهي. دنيا جي ٻين ٻين شهرن ۾ روُمي جو سال ملهايو ويو. هيٺ کاٻيِ ٺرڪَ هڻدا ته رومي جي شان ۾ ڪيئي مجلسن بابت پڙهي سگھو ٿا جيڪي يوُرپَ ۽ آمريڪا ۾ ٿيون آهن. ڪيترن ئي ورهين کان روُمي آمريڪا ۾ سڀن کان وڌيڪ وڻندر شاعر (جنهن جي مثنويِءَ جا ترجما سڀن شاعري جي ڪتابن کان وڌيڪِ وڪاميا آهن ۽ جنهن کي شيڪسپيِئر کان شايد وڌيڪ ماڻهون حوالو ڏين ٿا). افغانستان، جتي سائين روُمي ڄائو، اُتي ” طالبانن“ وهابي ڪٽرپِڻي ۾ موسيقي تي پابندي وڌيِ هُئي ۽ روُمي جي اثر کي پورو ڪرڻ جي ڪيائون پر هاڻي وري صوفي اُنهيءَ لاءِ شونق جاڳائن پيا.

http://clipmarks.com/clipper/Gul+Agha/search/rumi/

جيئين شاه صاحب جي رِسالي کي سنڌي قرآن ليکبو، تيئين روُمي جي مثنوي کي فارسي Continue Reading سائين رومي ــ اٺ سوَ سال…

عشقَ مُبارڪَ

سيپٽمبر 27, 2007 at 11:13 am | Posted in Autobiographical, Poetry, Sindhi, سنڌي | 4 رايا

 

عِشقَ مُبارَڪَ!

راتِ پوڻي ٻيِ وڳي هِتي پورن ماسِ جي چانڊوڪِي هئي جا عربي چنڊَ پنچانگ موُجب چوڏينهن چئبي. سچلَ جي پريمين سائين جَنِ جي ورسي مَلاهي. توڙي مادي سفر درازن ڪانه ٿيوم ته به دستوُرَ موُجب ويراڳي سفر رهَيوم. سرمستَ جا ڪلام ٻُڌمِ ۽ چنڊ ڏانهن نهاريندي روحَ دوُر درازين ويامِ.

سائين سچلَ جو ننڍي هوندي کان مان تي وڏو اثر پيو، جنهن جي ڳالهه وري وري ڪندو رهندو آهيان. سائين سچلَ جا وڏا سبق هن ريِتِ لڳيمِ.. اِهي اوهان آڏو بيان ڪيان ٿو، ياد رهي ته اِهي منهنجي سوچَ ويچارَ موُجب آهِن، چوڻ جو مقصد سائينَ سچلَ کي پيِرُ ٺاهڻو ناهي (جنهن ڳالهه کي پاڻ رَدِ ڪيائون، پاڻ کي رڳو هِڪُ اُستاد ڪوٺائيندا هئا ۽ ڪِنِ کي شاگرد مڃيائون)، نڪي سندن ڪلامَ کي ويدَ قران ڪري مڃڻو (توڙي اهڙو درجو هجين، اهڙنِ مان حق حاصل ڪرڻ جو ويچار به پاڻ رَدِ ڪيائون).

اِهي ڳالهيون چوڻ جو مقصد اِهو به ناهي ته اِيها اصل معنا اَٿَوِ. هر ڳالهه تي پڙهندڙ پاڻ سوچُ ويچارُ ڪندا ۽ پنهنجي سمجھ پاڻ ڌاريندا… ڇڙو اِيهو مقصد ته مان هيءُ وِردُ پرايو، جنهن سان منهنجي سوچَ ويچارَ ۽ ڪمَ تي وڏو اثر پيو، جي هيءُ اثر جيِئڻ جي فلسفي تي هيو، يا وگياني شونق تي. اڳتي اوهان جيڪي ڪُجھ پِرايو نه پِرايو، مڃو نه مڃو. Continue Reading عشقَ مُبارڪَ…

ٽيِڪنِ جي اُتَرَ ۽ ٻيا خيالَ

سيپٽمبر 19, 2007 at 8:35 am | Posted in Autobiographical, Human Rights, Poetry, Sindhi, سنڌي | 3 رايا

ٽيِڪنِ جي اُتَرَ ۽ ٻيا خيالَ ــ

گڏيل قومون ۽ سنڌي ندمائندگي

ڪِنِ لفظن جون سمجھاڻيون

 

ڏسُ ــ ”پاڪستان ٽوڙڻ بابت اشتهارُ“ http://tinyurl.com/2lkbsc

اِنهيءَ چٽڪري واري بلاگ تي چڱي ٽيڪا ٽپڻي ٿي آهي. بلاگ ۾ ڏسُ هيو ڪنهن پناهگيرَ سيد جي ڪمَ جو جنهن ڪتاب ۽ اِشتهارَ هلايو آهي. سندس ليک ۽ ڳالهه مان ڀانيان ٿو ته شيعو آهي؛ ڪراچيءَ ۾ ڪي پناهگير سُنيِ شيعن کي ڪُهندا وتندا آهن، ياد ٿمِ ته جماتِ اسلامي 1970 واري چونڊ ۾ڪراچي جي سڀنِ پناهگير هندن کٽي هئي, جنهن جمات جو رهبر مولانا مودوُدي هيو… تنهن عالم موُجب شيعا مُسلمان ئي ناهن (جيڪا ڳالهه اهڙن صاحبن واتان چوڻ معنا سِرَ جو جوکو پوڻ، جو هي عالمُ به مُرتد کي ڪُهڻ واجب ڄاڻي!) ۽ سندن ڌرمي رهبرن خلاف هيٺ مٿي ڳالهائيدو هيو.

هاڻ، عجب جي ڳالهه آ ته توڙي هِن اِشتهارُ وجھندڙ کي پناهگيرن لاءِ ڌارَ ڏيههُ کپي، پرَ سُنين کان ڏِجي ٿو، تنهن ڪري چي ته هند مان اڙدوُ ڳالهائيندڙ عيسائي گھرائي ”جناهپور“ ۾ وهارجن!

جي اصولي پرڏيهه وسائيندڙُ پناهگير هجي ها، ته سنڌي ٻولي ۽ سنسڪرتي سِکي ها. پوءِ پِڙوڙَ پويس ها ته بچاءُ اِنهيءَ ۾ اٿس ته سنڌي ٿي سنڌ ۾ رهي. اسان وٽ اهڙا شيعا سُني فسادَ ته پري، جنهن جيِ ڳڻتي همراه کي ”جناپوُر“ بابت لڳيل آهي، ”هِندوُ مومن“ جھيڙا فساد به نه ٿِيَنِ.

UN Geneva Building

گڏيل قومن جي انساني حقَ سُپردگُي سَڀا (”هيومن رائٽس ڪميِشن“) ۾ ڪيئي وار جڳ سنڌي ميڙَ (ورلڊ سنڌي ڪانگريسِ) پاران سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ جينيوا شهرَ ويو آهيان. مٿيون فوٽون گڏيل قومن جي جينيِوا واري عمارتَ جو آهي.

هيٺين ڪڙيءَ تي جڳ سنڌي ميڙَ پاران وياکياڻن تي مضمون ڏسندا جيڪو هڪ غير حڪومتي تنظيم پاران پاڻمرادو ڏنو ويو آهي.

http://www.ngochr.org/view/index.php?basic_entity=DOCUMENT&list_ids=336

اِنهنِ گڏيل قومن جي انساني حقَ سُپردگُي سَڀا جي اِجلاسَنِ ۾ پاڪستاني گھڻائي پيا گھمندا آهن. سدائين ڪشمير جي ڳالهه ڪرڻي هوُندي اَٿن. سنڌين جو اچڻ نه وڻندو اٿن جو سندن پول پڌرا ٿين. (هيٺ فوٽون اُتي ڳالهائيدي ڪڍيل آهي، پاسي ۾ امبرين هيسباڻي ويٺل آهي جيڪا گڏيل قومن انساني حقَ سُپردگُي سَڀا ۾ جڳ سنڌي ميڙ پاران گھڻو ڪم پاڻمرادو ڪري). ٻي عجب جي ڳالهه هوُندي آ ته ڏوراپا ڏيڻَ پناهگيِرن Continue Reading ٽيِڪنِ جي اُتَرَ ۽ ٻيا خيالَ…

سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي

سيپٽمبر 15, 2007 at 6:59 pm | Posted in Folklore, Poetry, Sindh, Sindhi, سنڌي | 2 رايا

سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي

سائين دانش نواز گھنگھرو، منهنجي بلاگ، ”ڪي اُمي ڄاڻو…“ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي لکن ٿا ته کين سُرڻو جيوَ گيانَ سان شونق آهي. (سرڻو جيوَ ٿدي Dirk Huijssoon رت واري جانور کي چئبو جيڪو پٽ سان سُري هلندڙ آهي. سُرڻا جيوَ ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪُ ته نانگ جهڙا پيٽَ هلندڙ جانور ــ سُرڻي جانور جو انگريزيءَ ۾نالو ئي پيو آهي ’ريپتائيِلُ‘، معنا پيٽَ تي هلندڙ جانور، توڙي پيٽ هلندڙن جي ٻي ڌارڪَ ۾ هاڻ واڳن جهڙا جانور پڻ ليکبا آهن. سُرڻو جيوَ وشيشَ گروهَه ۾ ٻيو ڏيڏرن جهڙا جَلَ ٿَلَ واسين جا وِشيش شامل آهن.

(مٿيون فوٽوُن سچن جوڳين جو نه ليکبو، سچا جوڳي نانگن جو تماشو نه ڪندا آهن، هٿان نانگن کي مانُ ڏين. اڄ ڪلهه ماني ٽڪر لاءِ ماڻهون ڇا ڇا نه ٿا ڪن).

سائين گھنگهرو ٽي ڳالهيوُن ڪيون ــ Continue Reading سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي…

ڪي ڏُوُرِ به اوڏا سُپِرِين

مَي 7, 2007 at 8:27 pm | Posted in Poetry, Sindh, Sindhi, Uncategorized | 1 راءِ

سائيِٽَ ميِٽَرَ تان تِن محمانن جا ماڳَ جن پوين ٻن چئن ڏينهن ۾ اوطاق ڏانهن هڪَ سَوَ ويراڳي سفَرَ ڪيا آهن .جڏهن محمان اچن ساڳي ڏيههَ يا ماڳ تان (جيتري قدرُ سائيِٽَ ميِٽَرُ حساب لڳائي سگھي) ته ساڳي نقتي تي ڏيکارجن پيا ـــ سنڌ کان ٻاهران ايندڙَ پنڌرهن ٻين ٻين مُلڪن مان هُيا ـ  ڳاڙهو نقتو جتي مان رهيو پيو آهيان، ساوا نقتا جتان پويان ڏهه محمان آيا ــ



وَيٺي جِنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏوُر ٿِئي؛
تَنَ! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

(شاه)

 

 

سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي تي سوچَ ويچارَ، ٽيِڪنِ جي اولِڙائي

فيبروري 24, 2007 at 10:27 pm | Posted in Education, Language, Poetry, Sindhi | 2 رايا

 

 

گھر اڳيان ڏهن ڏينهن کان بلاگ ڪونه لڳايو اٿمِ. شمپين شهرَ ۾ برف ڪجھه ڳري آهي جو ٻڙيءَ کان مٿي سيونڀاڱي درجا تپش ماپ ڏينهن جو ويندي رهي آهي پر رات جو يَخَ ڄمي جو ٻڙي کان وري تپش ماپ هيٺ ڪري.

بلاگُ شروع ڪئي مهنو ٿيو هوُندو ۽ ڪي ٽِيهاڪو ٽيِڪا ماڻهنُ هيل تائين ڇڏيا آهِن جنِ مان سنڌي ٻوليءَ بابت ڪيترا آهن. تنهن ٽيڪا ٽپِڻيءَ تي پنهنجا ڪي سوچَ ويِچارَ ٻڌايان ٿو. هوُنئن لکندڙن جو مقصد ڇا هو ۽ منهنجي سمجھَه سندن ٽيِڪنِ کي ڪينئن اولِڙايو، اهو چئي ته نه ٿو سگھجي. ڪا ڳالهه وِڻسَ لڳيوَ ته ٿورائتو ٿيندُمِ جي وڌيڪ ٽيِڪا ٽِپِڻيِ ڪندا. Continue Reading سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي تي سوچَ ويچارَ، ٽيِڪنِ جي اولِڙائي…

چڪون ۽ ڀلناما

جنوري 23, 2007 at 1:42 pm | Posted in Poetry | 5 رايا

سائين وسيم مفتيءَ مان کنئون هڪ سوال پڇيو

ھوُسٽن واري سلائيڊن ۾ مانپڙھيو(جتي ليار ٻيرون..) پَرَ منھنجي ڄاڻ مطابق اِھو آھي (جتي يارَ پيرون…) پوءِ ڇا سھي آھي؟“.

انهي سوال جي وردي مان وٽ ڪانهي. اها ڪافي ٻڌي الا جي گھڻا ورهيه ٿيا هوندم. محمد يوسف جي ڳاتل ٻڌي هوَمِ. ڀانيا ٿو ته هيءُ ”مير“ جو لکيل آهي. پر افسوس ته مان وٽ ميرَ جو رسالو موجود ڪونهي. جي ڪو پڪ ڪري ٻڌائي سگھي ته ٿورائتو ٿيندسُ.

منهنجي ياد موجب اڳتي لکي

جتِ جھانگيِ جتِ جھوپڙا

جتِ ڍاٽي منهنجا ڍول

ڪالهه ٻڌا ڪَنَ تي

مون ٻابيهنِ جا ٻول

قلم تازو…

ڪچهري مان ڏسندا ته هيءُ ”جتي ليارَ، پيروُن..“ هجڻ گھرجي.

……

 

 

جي ايم سيد جنم ڏينهن تي هوسٽڻ آمريڪا ۾ گڏجاڻي

جنوري 22, 2007 at 10:16 pm | Posted in Archeology, History, Human Rights, Poetry | 3 رايا

تازو هوُسٽن ٽيڪسَسِ ۾ سنڌين جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ مان سنڌين جي تاريخ ۽ Houston Sindhi Gatheringآئيندي تي پهنجا ويچار ڏنا. پنهنجي ليڪچر جي آوازي ٽيپ پڻ هن بلاگ تي هڻندس. حالي هيٺ سلائيڊن جو فائيل وجھان ٿو.

ڪي سلائيڊ اڳواٽ ڏنل ليڪچرن مان کنياهم. تنهن ڪري اهي اڃا انگريزي ۾ آهن. وقت مليو ته اهي پڻ سنڌي ۾ وجهندس.

https://shikarpuri.files.wordpress.com/2007/01/gmsyed-pub-2007.pdf


Entries and رايا feeds.