سکر آئي بي اي ۾ وياکياڻ

آڪٽوبر 19, 2008 ڏانهن 2:01 am | Posted in Education, Sindhi, سنڌي | 12 رايا
ڇاپو: , ,

وِگيانڪ فلسفو ڇاهي ۽ ڍنگ ڪهڙو؟

سکر شهر ۾ آئي بي اي جي شاگردن کي تازو هڪ وياکياڻ ٻڌايم.  اِنهيءَ ۾ وگيان (سائنس)، تنهن ۾ ڳڻت گيان (”ميٿَميٽِڪس“) ۽ حسابي ڪلنن (”ڪَمپيِوُٽَرَنِ) جو ڪِردار،  پنهنجي ڦولا، ۽ ٻيون ڪي بنيادي ڳالهيون ڪيم.  تنهن وياکياڻ جا سِلائيڊ هيٺين ڪڙيءَ تي ٺڙڪ هڻندا ته لڀندوَ.

sukkur-slides پي ڊي ايف ۾ ڏنل (هتي ٺرڪ هڻدا)

ڳنڍ ڄار وسيلي  ڏيک ۽ آواز هليو.   وياکياڻ ڏيڍ ڪِلاڪ جي هئي، پرَ سلائيڊن ۾ سڀ ڳالهيون لکيل ناهن.  تنهن کان پوءِ اڌ ڪِلاڪ سوال جواب پِڻ ٿيا.

هِت رات جا ٻارهان لڳي ويا، هُت ڏينهُن پهريون پهر مس پورو هو.  ٽَلَ هيم ته پنهنجي سموري ڄمارَ ۾ ٻن هزارن وڌ وياکياڻَ ڏنا اٿم.  تِنِ مان هڪ ڏيڍ سيڪڙو مسَ سنڌيءَ ۾ ڏنيون هوُندمِ. پر اِهو پهريون وار آهي جو هِڪَ ٽيڪنڪيِ وياکياڻ سنڌيءَ ۾ ڏني اٿمِ.

توڙي پهرين وياکياڻ ڀانيان ٿو ته درازن ۾سچل جي ورسيِءَ تي ننڍَپِڻ ۾ ڏنيِ هيمِ.  شايد سائين پروانو ڀٽي سٽاءُ ترتيب ۽ پڌرائي ڪئي پي.  بابا پاڻ بدران مانکي مقالو پرهڻ جي هدايت ڪئي.  تنهن مقالي لکڻ ۾ پاڻ ڏاڍي مدد ڪيائون.  ياد ٿمِ ته اعلاني سڃاڻپ ڪرائيدي چيو ته اديب ابنِ اديب فلاڻو هاڻ مقالو پڙهندو.   ٻي سال مان پاڻ لکيو. ريڊو پاڪستانَ حيدرآباد سو مقالو ڇَٽ چوء ڦير ڪيو، سو ڪنهن منهنجي مائٽن کي سڃاڻيندڙ سنڌي بزرگ آديپور ۾ ٻڌو ۽ تنهن تي ٽپالي ڪارڊُ موڪليائوُن (تنهن زماني ۾ ماڻهن کي هِند مان لفافا گُم ٿيڻ جو خدشو وڌيڪ هوندو لڳندو هو، تنهن ڪري ڪيترا رڳو کليل ڪارڊ موڪليندا هُئا جِن کي پاڪستاني سيِ آئي ڊيِ کولڻ بنا پڙهيِ سگھي. گذري چار ڏهاڪڙا اچي ٿيڻ تي بيٺا آهن، ڪِنِ ڳالهينِ جون يادون مرڻ ڪنڌيءَ تائين ڀانيان ٿو رهندم.

12 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. Saaiin,
    I have some observations on Sample Turing Machine, so please correct me if wrong.

    1. Sample Turing machine in slide-19 may require more clarification in problem definition, that is the read/write head comes to its initial condition whenever 0 occurs.

    2. Extra input of 1 at state-3 is may be wrong. Because Because after last input 0 at state-3 it jumps to initial state. Then from initial state the last input 1 takes it to state-2 (last input of 1 is covered here).

    3. It should also be clarified that three 1s occur “consecutively”, not just in a row(tap) of 0s and 1s.


    Waseem

  2. Good to see you are still active in promoting Sindhi around the world. I am especially happy to see the usgae of Sindhi for technical terms. I hope you don’t mind me borrowing them and trying them out on my friends to see how well they understand. Thanks for sharing with us.

    Rod

  3. I am pleased to see a presentation on a purely technical subject in our language,a language which infact hardly has major book written in Sindi on technical subjects.
    Sukkur IBA is a island of education in violent-ridden fuedal society of upper Sindh, it needs support, ideas, visits and connectivity from Sindhi diaspora.
    Saiin Gul Agha sahb, welcome back to your sweet motherland, welcome to hot and dry sukkur, on the bank of Indus, in the faces of young students you might have seen where does Sindh and Sindhis stand while the world has already gone through post-modern era.

    Regards,
    Mushtaque Rajpar
    Goth Chhutal Rajpar
    Naushahro Feroze, Sindh.

  4. Saiin,

    kaadhein aayaa aahiyo tavhaan.

    niaz mand

    Bohyo

  5. Saeen Gul Agha Sb,
    It was really an honour for Sukkur IBA to have your lecture. We would like to have some more lectures like this. It is infact your greatness to accept our request for delivering lecture.
    We all are proud of you that you are representing the Sindh at international level.
    Sir this Institute, Sukkur IBA, is a ray of hope for the poor Sindhis, who can’t afford quality education.
    I do hope the other Sindhis like you will keep on supporting this institute and will talk about Sukkur IBA on national and international forums.

    Jeay Munhinjee Dharti. Sada Jeay (Ameen)

  6. Dear Gul Agha
    It is my pleasure to enjoy your lecture in so called sindhi which is purely Hindhi. You have love for the motherland that is ok.But Nowadays world is changing rapidly so please use all the terms in pure sindhi or you should deliver your whole lecture in English which is international language. every person is trying to appear in GRE IELTES ……..
    Dear Sir, First we are muslims then we are Sindhi. There is no any book in sindhi language which contains your terms.
    we are very pleased to see our sindhi scholar is part of top five universities of the world.
    I pray for your long life and prosperity that you make progress by leaps and bounds.
    Niaz Hussain Ghumro
    Bagarji District Sukkur Sindh Pakistan

  7. That’s the actual Sindhi of Sindh and Hind. We have forgot the original Sindhi therefore a large number of people may not understand. After creation of pakistan we have lost the original Sindhi language.

  8. هر سنڌي گھرَ ۾ هڪ سنڌي جامع لغت هجڻ گھرجي. جي اهڙي لغت ڏسندا ته پوءِ پنهنجي سنڌي پِڻ سڌاري سگھندا ۽ اهڙيون جڙتو ڳالهيون نـَ ڪندا تـَ جيڪي اولائيڪيِ سنڌي لفظ آهن سي هِندي آهن. سالُ ڏيڍُ ٿيو هوندو، هڪ ٻي ڄڻي اهڙي ڳالهـ اڳي مان ڏي لکي هُئي جھڙي سائين گھممرو مٿي ڪئي آهي، تڏهن هندي لغتَ ويبَ تي ڏِٺم. مانکي هڪُ بهِ ڪتب آندل لفظ تنهن ۾ نـ لڌو! (ٿي ٿو سگھي تـَ اِها وڏي لغتَ لکندڙن کان وڏو هنديِءَ جا ماهرَ سائين گھممرو آهن، پرَ مان نـَ ٿو ڀانيان).

    تنهن ڪري ڳالهائڻ کان پهرين مان صلاح ڏيندمِ تـَ لَکـَ ڄاڻڻ لاءِ ٿوري ڳولاها ڪجي ۽ ساکـَ لاءِ مثال ڏِجن ـَ پوءِ چئي سگھبو، ”اَبا هيِءُ هيءُ هندي لفظ آهن ۽ تِن بدران اِهيِ نڄ سنڌي لفظ ڪتب آڻجن.“ وردي ڏينداسين، ”ڀلو ميان!“ خيرُ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو هِندي منجھـِ پڻ لفظ هوندو، ۽ جي ڪو اهڙو لفظ هجي بِـِ ، تـَ بـِ اِها ڳالهـ اوَڳُڻ نـَ ليکبي: هندي اولائڪيِ سنڌيءَ جي ڏُهٽي نـَ تـَ ماساتي آهي ڇو جو اولائڪي سنڌي سنسڪرتَ جي ڀيڻَ آهي ۽ اڄوڪي سنڌي هند جي سڀن ٻولين کان مٿي سنسڪرت وارو رنگُ رکي ٿي.

    جيسين رهي سنڌيءَ ڪي نيَنِ ڄاڻن لاءِ ڪتب آڻڻ جي ڳالهـ، تنهن جو ڇا ملهـُ آ، سو اڳي ڪِن بلاگن ۾ لکيو اٿمِ . هيِءُ سچ آهي تـَ انگريزي پنهنجي جاءِ تي مڃبي، پر جڳ جو هرُ ننڍو وڏو اڳتي وڌيل ڏيهـ پنهنجي ٻولي ڪتب آڻي ٿو ۽ سو تِن ڏيهن جي واڌاري جو هڪُ ڪارڻ آ. ڏسندا هيٺيان بِلاگَ : ـ
    https://shikarpuri.wordpress.com/category/sindhi/language/

    ٻي رهي (سنڌي اهڙيون ڳالهيون گھٽ ڪندا آهن، پر ڪي هوُندا) سائين گھمرو جا ٻوليءَ جيِ ڳالهـ تي ڌرمي نعرا هڻڻي، هجوَ آميز ڳالهـ لڳيَمِ تـَ اهڙي سوچ ڌاريندي، عربي بدران ”ڪافراڻي“ انگريزيءَ تي زور ڏنائوُن! ويتر اِشارو ڏين ٿا تـ سنڌي مسلمانن کي عربي مڪي نـ پرَ آمريڪا وڃڻ جو شونق چڙهيو آ! ۽ مان کي ڄاڻائِڻ ٿا تـَ دنيا اڳتي وڌي پئي. ابا پٽَ، اُس ۾ وار ڪيِنـَ اچا ڪيا اٿمَِِ. جي اڳتي وڌي پئي تـَ مان پٺتي ڪونـ ويٺو آهيان، حسابي ڪل گياني ڪري اڳتي گھڻو وڌي آهي. منهنجو ليک سڀن کان مٿي ڏسيلِ 150 حسابي ڪل گيان ليکن مان هڪ آهي (جي ڪي درسي ڪتاب نـَ ڳڻبا تـَ سو ۾ وڃي بيهڪ پوندي).
    http://citeseer.ist.psu.edu/articles.html
    وڌيڪَ جيترو گھٽ چئجي اوترو چڱوــ پڌرائي ڪرڻ جي گھرج ئي ناهي تـ منهنجي وياکياڻ سڀنِ سنڌين لاءِ هُئي، پوءِ هو پاڻ کي مسلمانُ، سني، شيعا، احمدي، هندوُ، ڪِرستان، يهودي، ٻڌ ڌرمي، ڪافر، جينئين سڏائن، تن جي پنهنجي مرضي، پاڻ ڄاڻن سندن ڌڻي ڄاڻي، تنهن سان ٻيليِ منهنجو ڪو واستو نـَ هيو ۽ مان نـ ٿو ڀانيان تـ سائين بيدلَ جي نگريِ ۾ ڪنهن کي ڪو تنهن ڪري ڪٽپِڻو هجڻ گھرجي.
    ـــ آغا گل

    • مونکي تونهان جو سنڌي ۾ بلاگ ڏسندي ڏاڊي خوشي ٿي . سچل سرمست جا اسان به مريد آهيون حق موجود سدا موجود ۽ ما هاڻي توهان لاءِ شاهه عبدالطيف ڀٽا ئي رح جو هڪ شعر عرض ڪريان ٿو آهي.
      ماندي نه ٿي ءٌ مارئي تنهجو الله به آهي
      جو ورهين جا ڌکڙا هڪ لحزي ۾ لاهي
      اهو ئي الله آ جو ما ڳ پهچائيندئي مارئي

      • گل سائين مونکي توهان جي رهنمائي جي ضرورت آهي. سائين اصل ۾ هتي يعني اسلام آباد ۾ سنڌين کي ته ڪوئي ليکيئي نه ٿو. رب پاڪ جا لک احسان جو هن اسانکي سنڌي ڪري پيدا ڪيو اٿس ۽ اسانکي موهنجي دڙي جو وارث بڻايو اٿس. شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جهڙا ڏاها شاعر ڏنا اٿس. انهن جي شاعري ۾ هر رنگ ڀريل آهي. شاه سائين جي هن شعر مان اسانکي دنيان جي مشڪلاتن ۽ لاهن چاڙهن جو پتو لڳي ٿو.
        دهشت دم درياهه ۾ جتي جايون جانارن
        نه ڪو سندو سير جو مپ نه ملاهن
        سڄاٻيڙا سير ۾ هليا هيٺ وڃن
        ظاهر ٿئين نه تکتو تن
        اتي اڻ تارن ستار سير لنگهائج تون
        فقط توهان جي دئاعن جو طلبگار توهان جو شاگرد
        عبدالساجد سومرو لاڙڪاڻو

  9. Dear Saiin Gul,

    Really always i am reading your posting in various group as well as at your blog. however, amazing its very large and reamrkable to me whenever i read you mail becuase your doing well with literary subject for Sindh and Sindhi nation. i am fully agree with your regarding commetns about Age of Sindhi Language & SINDH.

    Peace & Love.

  10. واه سائين لائق تحسين


پنهنجو رايو ڏيو


Entries ۽ رايا feeds.