آغا صوفي، سچل سرمست

نومبر 28, 2009 at 10:51 pm | Posted in Uncategorized | 5 رايا


آغا صوفيءَ 1933ع ۾ سچل سائين جو پهريون رسالو ترتيب ڪيو. ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي هيٺين فائيلن ۾ سو رسالو وڌو اٿم . پهرين فائيل ۾ آغا صوفي جي ڪتاب جا ڪي مضمون، ۽ پهريان ٽي باب جن ۾ تصوف ۽ ويدانت جي سمجھاڻِي، سائين سچلَ جي حيات، ۽ راڳن جي سمجھاڻي ڏنل آهي . ٻي فائيلَ ۾ پويان ٻه باب جن ۾ ڪلام سرمست، ۽ شرح ۽ معنا ڏنل آهي. ڇو ته اِهو ڪتاب وري ٽائيپ ڪونه ڪيل آهي، پر ساڳيو ڇاپو بيهر پڌرو ڪيو اٿم، پويان ڀلنامو پڻ ٻي ڀاڱي ۾ ڏنل آهي.
هنن فائيلن کي لاهڻ لاءِ هيٺين ڪڙين تي ٺرۡڪ هڻندا ـ

آغا صوفي، سچل سرمست (ڀاڱو پهريون)ـ

آغا صوفي، سچل سرمست (ڀاڱو ٻيو)ـ

آغا صوفي سچل جي درگاه جا خليو هيا. سائين پنهنجي وقت جا مشهوُر شاعر ۽ ناٽڪ نويس پِڻ هيا. سندن ناٽڪ ”دنيا دورنگي“ سنڌي ادبي بورڊ پاران وري ڇاپايل آهي، پر سندن هڪ سوَ کان وڌيڪ ٻيا ليک هاڻي ملڻ ڏکيا آهن. جي ڪنهن صاحب وٽ تِن جي شاعري جا ڪي نسخا هجن ته مانکي موڪليندا ته اِهي پڻ پڌرا ڪبا. آغا صوفي جي ٻن ڪلامن جي ريڪارڊنگ ڀڳونتي ناواڻي جي آواز ۾ هٿ آيون اٿم، جن کي پڻ ونڊينم. تِن مان آغا صوفي جو هڪ ڪلام مهتما گانڌي جي صبح ستسنگ ۾ ڳائيندا هيا جو اِهو ڪلام ماهتما کي گھڻو وڻندو هو. اِهو ڪلام هيٺين ڪڙي ٺرڪ هڻي ٻڌي سگھو ٿا ـ
http://www.4shared.com/file/137350129/8ceac0f1/teddaa_makaanu_vaaha_vaaha_2.html

وَهن ڌارو ڌارَ

مَي 27, 2009 at 11:42 pm | Posted in Uncategorized | پنهنجو رايو ڏيو
 هڪ اولهـ ۾ نارَ جو فوٽون ڳنڍ ڄار تي مقالي مان کنيل

هڪ اولهـ ۾ نارَ جو فوٽون ڳنڍ ڄار تي مقالي مان کنيل

هيءَ ڪافي سمجھڻ ۾ ٻـ ڪَلاڪ لڳي ويا هوُندم، پرَ ٻهراڙيءَ جو اهڙو منظر سائين سچلَ چِٽيو آهي جو مان کي مزو اچي ويو. هِن ڪافيءَ ۾ نـ رُڳو انسان جي پرَ ٻين مِرون پسون جي نڪته نظر سان چٽائي ڪئي آهي ۽ ويچارن جانورن جو احساس ڪيو آهي جيڪو ٻنيءَ تي ڪمُ ڪندا آهن.

جامع سنڌي لغتَ کي ڪيئي وار ڏسڻو پيُم جو سنڌي ٻوليءَ منهنجي زور ناهي؛ نيٺ ڪافيءَ دل ريجھائي وِڌي… لونئون لونئون لاتي. هيٺ اوهان جي سولائي لاءِ ڪِن لفظن جي معنا ڏيان ٿو.

ڪِن شهر واسين کوهَـ نـ جاچيا هجن نـ ڏٺا هوندا، انهيءَ جو عضوون جو فوٽون ڇڪيو ڪير ونڊيندو ته لفظن جي سمجھاڻي سولي ٿيندي. هونئن جِن سائين سچلَ جنِ پکين جي ڳالِهـِ ڪئي آهي، تِن مان مانکي ڪي تـ ياد ناهن.

وهَن ڌارو ڌارَ، ڳاڌيِءَ جي ڳِٽڪارَ تي.
ڀاروني هِڪڙي چَڪريون ٻيئِي، آرا اُنهن جا آهن اهي ئي،
وهن بارو بارَ، وو، لَٺَ واريءَ للڪار تي.
ڦرهيون ونگڙون آهن اوڀاريون، ارِڙيون سونهن مالهه موچاريون،
جھَلڻ جا جھلڪار، وو، لوُٽِن واريءَ ڌڌڪار تي.
ڍڍي چونڪ جوئر جا نِسري، ڳنا تنهن جا ماکِي مصري،
کِيرن جا به خُمار، وو، آهن پيهي واريءَ پونجار تي.
ڪانگَن ڪانگيرو، وهين واهيرو، ڪَٻرن، ڳيرن ڪيو اچي گھيرو،
ڳوڙهن جا وسڪارَ، وو، جھِرڪين جي جنسار تي.
آيو نيسَر پاڙڇ ۾ پاڻِي، مرشد اچي ٿيڙ مَ ساڻِي،
سا جوئر پَچايوم جار، وو، آهن ڪَم “سَچلَ” جا ڪلتار تي.

(سچل)

ڳاڌيِ (هِتي) وڏي چڪرَ مٿان ڀِرڄَلَ ۾ لڳل (ساڍا ڇهـَ هٿ کن ڊگھو) تختو

ڀِرڄَلَ اُها ٿلهيِ ۽ سڌيِ لٺ جنهن جو هڪ ڇيڙو هيٺُ ڀارونيءَ تي بيهي ۽ ٻيو ڇيڙو مٿي ڪاڃڻ ۾ لڳل مڪڙي اندر هجي (نارَ يا هُرليءَ جو هڪ عضوو) ـ

ڳِٽڪارَ جانور کي سَڏُ

ڀاروُنيِ اُها ڪاٺيِ جنهن جي “مُهري” جي هيٺين چوٽيِ ڦِري  (نارَ يا هُرليءَ جو هڪ عضوو) ـ

(نارُ جنهن سان کوه مان پاڻي مٿي زمين پڄائبو آ (هُرلو)) ـ

چڪري ڪا بِه گول شئـ . گھيرو.

آرا سينگاريندڙ

ڦرهيون اوڀاري جي چوٽيءَ ۾ پيل ڪاٺيِ

ونگُڙو ورن وڪڙن وارو ــ ڀانڊيءَ ۾ ڏِنگي ڪاٺيِ جا ڦرهين کي پاڻ ۾ مِلائي

اوڀاري نارَ يا هُرلي جي لٺَ ۾ کُتل ڪاٺين (جِن ۾ ڦرهيون وِجھبيوُن آهن) مان هِڪَ ڪاٺي. چاڙهُـ پاڻيءَ جو

مالَهه نار جو هڪُ عضوو؛ هُرلي جي ڍينگي تي ويڙهيل لوڙ جا ٻَـ لڙهـ جي ارڙين وسيلي ڳنڍيل ٿين ۽

جنهن ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪِنگر ٻڌجن

لوُٽِن مٽَ ــ لوٽيِ ــ ننڍي دَکي (هِتي مُراد جن ۾ کوهـ جو پاڻي ڪري) ـ

ڌَڌِڪَڻُ گجگوڙ ڪرڻ ــ گوڙ ڪرڻ ــ ڪرڪڻ ــ ٺڪاءُ ڪرڻ ــ ٻُرڪڻ

ڍڍيِ جوُئرَ جو هِڪُ قِسم (ٻي معنا جيڪا هتِ مُراد ناهي، ٻار جو پيٽُ) ـ

نِسري (سَنگَ جو) ٻاهر نڪرڻ ــ اُڀرڻ ــ اُسرڻ ــ انگورجڻ

کيِرَ (هِتي مُراد) سڀا ــ مجلس ــ سڳر ــ ٽولي

پيهي ننڍو پيهو، پوک تان جھار هڪلڻ لاءِ ٻنيءَ ۾ ٺهيل ننڍڙو منهن (انگريزيءَ ۾ “سڪير ڪُرو”) ـ

پوُنجار پُڇڙي ـ چوٽيِ

ڪانگيرو (هتي)  سِج لهڻ مهل ڪانگن جو گڏيل آوازُ ــ ڪانگن جو لشڪر

وَهِيو (سنڌ ۾ هوندڙ) پکيءَ جو هِڪ قسمُ. آسوُدو ــ ڌَنَوارو

واهيرو اُکيري ۾ پکيُنِ جي ويهڻ جو وقتُ. آرام جي جاءِ ــ آکيرو

ڪَٻَ ڊَپُ ــ ڀوء. (ٻيون معنائوُن) گوٿناٿ ــ گَس گُساءُ. بهانو ــ ٽارو

ڳيرو پکيءَ جو هڪ قسم (قد ۾ تتر جيڏو، گچيءَ ۾ ڪارو ليڪو ٿئيس) ـ

جَنسارُ هار سينگار ڪرڻ ــ ٺاهَـ ٺوهَـ ــ آرائِش

نيِسَرِ پاڻيءَ جي نيڪالَ جو نالو

پاڙِڇُ نار يا هُرليِ جو عضوو جيڪو ڪاٺ يا لوهَـ مان ٺهيل هٿ کن ڊگھو ۽ فوٽ کن ويڪرو نارو جنهن ۾

لوٽِن مان پاڻي ڪري ۽ اُتان وڃي نيِسَرِ ۾ پوي) ـ

ٿيِڙُ لوڏو ــ ڌِڪو. ڪوڙو آسرو ــ گُساءُ

ساڻيِ ساٿي ــ همراه ـ مددگار

جارَ جالارو ــ گھڻو ــ جام (پرَ جارُ معنا ساڙو، تيسو) ـ

ڪَلتارُ اُپائِڻهارُ ــ خالق ــ ڪرتار

نار جي تاريخ بابت هيٺيون مقالو ڏسندا؛ هونئن ڀانيان ٿو ته نار موئن جي دڙي ۾ هُئا.  سنڌ وارا نارَ قسم ٻيءَ ڪڙيءَ تي ٺرڪ هڻي نارن بابت ڪتاب ۾ ڏسي سگھندئو..ـ 

http://www.waterhistory.org/histories/waterwheels/

http://books.google.com/books?id=quT1DflghpkC&pg=RA1-PA358&lpg=RA1-PA35

سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ

آڪٽوبر 23, 2007 at 9:33 pm | Posted in Sindhi, Uncategorized, سنڌي | 2 رايا

 

سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، ماروُ جي مَلِيرَ جا

هِنَ بلاگَ لکڻ جو خاص مقصد سنڌ جي ماڻهن سان ويراڳي مجلسَ ڪرڻ هومِ. تنهن ڪري هجوَ آميز ڳالهه لڳندي اٿمِ ته پڙهڻ وارن مان اٽڪل ٽيون ڀاڱو سنڌ مان ايندو آهي، ۽ لڳُ ڀڳُه ساڳيو ڀاڱو آمريڪا مان. ويراڳي سفر ڪندڙن جي ڏيهن جي نسبتَ ”سائيٽِ ميٽرُ“ هِن ريتِ ڏيکاري ٿو. Continue Reading سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ…

ايلڪس، سياڻو طوطو لاڏاڻو ڪري ويو

سيپٽمبر 11, 2007 at 12:27 pm | Posted in animals, Uncategorized, سنڌي | 1 راءِ

 

پنهنجي سنڌي طوطي بابت مان هڪَ بلاگَ ”ڪي اُميِ ڄاڻوُ ته ڪي پڙَهيلَ اَڻَ ڄاڻَ“ ۾ ڳالهه پي ڪئي. تازو هِڪُ مشهور آفريڪي طوطي جي لاڏاڻي جي خبر پڙهيمِ. اِنهيءَ طوطي جو نالو ايلِڪِسُ هيو ۽ سندس عمر ايڪَٽيه ورهيه هُئيِ. هڪَ وِگيان َ (سانسدان) سان ڪم ڪندي ايلڪسَ ماڻهن کي اِهو ثابت ڪري ڏيکياريو ته طوطا نه رڳو انساني ٻولي جا آواز َ ورجائي سي لفظ ياد ٿا رکي سگھن، پرَ کين انهن لفظن جي ڪيتري سمجھه ٿي سگھي ٿي. اِئين ڪرڻ سان ايلِڪسَ ڪيترن ئي ماڻهن جا پکين جي سمجھَه بابت تعصبُ ٽوري ڇڏيا.

ايلڪسَ پنجاه شين جا نالا چئي سگھندو هيو. شئي ڏيکاريوس ۽ نالو پُڇو ته ٻڌائيوَ. رنگن ۽ روپن جي سڃاڻپ هُيسِ. هڪَ کان ڇهن تائين ڳڻپ ڪري سگهندو هيو.

ڀوڳَ چرچا، لُچايون ۽ نخرا ڪرڻ جي به عادت هُيسِ. هِڪ وار ڪنهن ٻي نئين طوطي کي سيکارڻ جي پي ڪيائون. ايلڪسُ به اتي ويٺو هجي. چار شيون اڳيان هجن. نيئين طوطي کان پڇائون ته ”هِتي گھڻيون شيون آهن؟“ ته اُنهيءَ اليڪسَ ڏانهن نهاريو. ايلڪسُ ٿو چئيس” ٻه ٻه ٻه،“ ته اِنهيءَ طوطي به چيو ٻه، ته وري اليڪسُ ٿو چوڻ لڳيس نه نه ڇهه، ڇهه، ڇهه.. هڻي ويچاري کي منجھائي ڇڏيائين!

هيٺ ٺرڪَ هڻي اليڪسِ بابت آکاڻي ٻڌي سگھو ٿا جيڪا آمريڪا جي وڏي ريڊي ٽيشڻ تي آئي (هيٺين ويب َ ورقَ تي مٿين پاسي سپيِڪرَ جو نشان ڏسو).

http://www.npr.org/templates/story/story.php?storyId=14293868

 

ايلڪسَ جي لاڏاڻي جي خبر هتان جي مُکي اخبارن پڻ ڇاپي، جيئين ڏسندا هيٺين خبرَ

clipped from www.nytimes.com

Mike Levitt, Brandeis University

As parrots can, he also picked up one-liners from hanging around the lab, like “calm down” and “good morning.” He could express frustration, or apparent boredom,
He knew his colors and shapes, he learned more than 100 English words, and with his own brand of one-liners he established himself in television shows, scientific reports and news articles
Alex showed surprising facility. For example, when shown a blue paper triangle, he could tell an experimenter what color the paper was, what shape it was, and — after touching it — what it was made of.
and his cognitive and language skills appeared to be about as competent as those in trained primates.
Even up through last week, Alex was working with Dr. Pepperberg on compound words and hard-to-pronounce words. As she put him into his cage for the night last Thursday, she recalled, Alex looked at her and said: “You be good, see you tomorrow. I love you.”
He was found dead in his cage the next morning, Dr. Pepperberg said.

  blog it

حسابي ڪلن (ڪمپيوُٽرن) جو آئيندي

آگسٽ 31, 2007 at 1:09 pm | Posted in Uncategorized | 1 راءِ

 

Siebel Center for Computer Science University of Illinoisڪي ڏينهن ٿيا مان پنهنجي يونيورسٽيءَ (اِلانائي جي يونيورسٽي اربانا شيمپينَ) ۾ ايندڙ نوَن وديارٿين کي حسابي ڪَلن (ڪمپيوٽرن) جي آئيِندي تي وياکياڻ ڏني. توڙي اها وياکياڻ انهن لاءِ هئي جيڪي حسابِي ڪَلَ گياني ۾ پِي ايچ ڊِي جي سنَدَ لاءِ ڦولا ڪرڻَ اِتي آيا آهن، انهي وياکياڻ جا پهريان اٽڪل ڏهه منٽ هر ڪو گھڻي ويتر سمجھي سگھندو. (پاسي فوٽوُن يونيِورسٽيءَ جي حسابي ڪلَ گِياني کاتي جي عمارت جو آهي).

حسابي ڪلَ جي جوڙڪ ۾ نئون انقلاب اچڻ وارو آهي جنهن سان هڪ حسابي ڪلَ ۾ گھڻيون حسابي هليڻون هونديون جيڪي ڳڏو ڳڏ ڪمُ ڪنديون رهنديون. پوين سٺ ورهين ۾ عام حسابي ڪَلن ۾ رڳو هڪَ هلائـڻي (”پَراسيسرُ“) هوُندي هئي. هيِنئر عام حسابي ڪَلن ۾ ٻه چار هلائـڻُيوُن وجھندا آهن جِنِ تي وڌيڪ حسابي ڌاڳا ساڳي وقت هلي سگھن. ايندڙ وقت ۾ انهن هلائِـڻيُنِ جي ڳڻپ هر ڏيڍ ٻين ورهين ٻيِڻ ِٿيندي ويندي، تنهن ڪري وڌيڪ حسابي ڌاڳا هلائي سگھبا جنهن سان ڪلي دماغَ اڃا تِکا ٿيندا.

ساڳي وقتَ ٻيا به ڦير اچن پيا. هڪُ ته حسابي ڪلَ جنهن ڳنڍَ ڄار (اِنٽرنيٽ) سان لڳاپيل آهن تنهن جي وَهڪ ۾ حسابي ڪلن جي رفتارَ کان پڻ وڏا واڌارا ٿيا آهن. ٻيو ته هاڻي سهانگا پسڻَ ڪلَ ايجاد ڪيا پيا وڃن، جن سان رفتاري ڦير، دٻاءُ، تپشِ ماپ، روشني، وغيرا ماپي سگھجن ٿا. اهڙا پسڻ ڪلَ، حسابي ڪلن سان جڙيل هوُندا. انهيءَ قابليتَ ڪري پسڻ ڪلَ مادي شين (اوزارن، ڪلن، جاين، پُلن، وغيرا) سان جوڙي تِن شين لاءِ پنهنجي پاسي ماحول پسڻ ممڪن ٿيندو. انهيءَ سان حالتون پرکي، حسابَ هڻيِ، شيون سلامتي يا سُک لاءِ اُپاوَ پاڻ مرادو کڻي سگھنديون يا وري ماڻهن کي آگاه ڪري سگھنديون. مثال ته جي پُل ۾ ڪا ڪمزوري هجي ته مرمت ڪرائڻ لاءِ انجنرن کي پُلُ پاڻ اِطلا پڄائي سگھي.

منهنجي وياکياڻ کي هيٺين ويبَ ڪڙيءَ تي ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا؛ اِها انگريزيءَ ۾ آهي.

http://media.cs.uiuc.edu/DCS/2007-08/Agha_colloquium.asx

ڪي ڏُوُرِ به اوڏا سُپِرِين

مَي 7, 2007 at 8:27 pm | Posted in Poetry, Sindh, Sindhi, Uncategorized | 1 راءِ

سائيِٽَ ميِٽَرَ تان تِن محمانن جا ماڳَ جن پوين ٻن چئن ڏينهن ۾ اوطاق ڏانهن هڪَ سَوَ ويراڳي سفَرَ ڪيا آهن .جڏهن محمان اچن ساڳي ڏيههَ يا ماڳ تان (جيتري قدرُ سائيِٽَ ميِٽَرُ حساب لڳائي سگھي) ته ساڳي نقتي تي ڏيکارجن پيا ـــ سنڌ کان ٻاهران ايندڙَ پنڌرهن ٻين ٻين مُلڪن مان هُيا ـ  ڳاڙهو نقتو جتي مان رهيو پيو آهيان، ساوا نقتا جتان پويان ڏهه محمان آيا ــ



وَيٺي جِنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏوُر ٿِئي؛
تَنَ! تِنِين سين ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.

(شاه)

 

 

پاڪستان ٽوڙڻ بابت اشتهارُ

مارچ 11, 2007 at 9:05 pm | Posted in Uncategorized | 11 رايا

 

ٻن هفتن کان ”سي اين اين“ ٽي وي تي هيءُ اشتهارُ اچي پيو

جيڪو تواهان هيٺ ڪلڪِ ڪري ڏسي سگھندئو،

جي پاڪستان ۾ انهيءَ تي اڃا پابندي نه هنئي اٿئوُن!

ڪتاب لکندڙ جي وياکياڻ هيٺين سائيٽَ تي آهي

http://www.dividepakistan.blogspot.com/

Dailymotion blogged video
TV-COMMERCIAL
Video sent by dividepakistan

This is a TV commercial being shown on CNN. This uploading is permitted by the author of the book titled DIVIDE PAKISTAN TO ELIMINATE TERRORISM

 

قلم تازو

هن همراهَ جو ڪتاب پڙهي، سائين شيخَ ايازَ جو شعر ياد آيو، جو ڪجھ ائينئن آهي (چُڪ هجيس ته دُرست ڪندا)

ڪُتا ڀونڪن، ڀاڳيا ڀونڪن

چورَ به ڀونڪن ٿا

ڪيڏي آ اوُناڙَ هوا ۾

هَرَ هَرَ هيءَ ڦاڙَ هوا ۾

 


Entries and رايا feeds.