چيٽي چنڊ

مارچ 20, 2007 at 12:06 pm | Posted in Autobiographical, Folklore, History, Sindh, Sindhi | 5 رايا

 

انسان اٽڪلَ يارهان هزار ورهيه اڳُ شڪار ۽ ميڙڻ مان گذر ڪرڻ بدران پوکَ شروع ڪئي. ڪي آباديون وري به خانه بدوش رهيون جو پاڻي جا وسيلا ڪِن هندن تي ڪونه هيا.

From Wikipedia entry on moon

اولائڪي انسانَ مهنا چنڊ جي چڪرن تي ٻڌا. چنڊ ڌرتي جي گول اٽڪلَ ساڍن اڻٽيهن ڏيهنِ (29.53059 days) ۾ ڦيري پائي ٿو. جڏهن ڦيري پوري ٿيسِ ته ساڳيو سمورو يا اڌورو ڏيک اچيس. هونئن اهو به ٻين سيارن جي ڇڪَ ڪري ٿورو گھٽ وڌ ٿيندو آهي.. 1900 عيسوي سال ۾ اهو چڪر 29.5305886 ڏينهن هيو ۽ 2100 ۾ 29.5305891 ڏينهن ٿيندو. (گھڻا هزار ونڊيل سيڪنڊَ ٿيا؟).

(اصلَ ۾ اهو چنڊ جو چڪر تارن جي هندن جي ليک سان ماپجي ته اٽڪل27.32 ڏينهنِ ۾ پورو ٿئي، پر ڇو ته ڌرتي به هڪ هند ڪانه بيٺي آهي، سج ۽ درتي جي ليک جي حساب سان اهي اٽڪل 29.5 ڏينهن لڳن جو تنهن دوران ڌرتي به اڳتي هلي ويئي آهي).

 

پرَ اهو حساب ڄاڻڻ بنا به مهنو چنڊُ ڏسي ماڻهون سمجھي سگھي ٿو چنڊ تي مهنن جو حساب.

چنڊ کي پنهنجي ڪا روشني ڪانهي . انهيءَ جي روشني سج جي ڪِرڻن جي چنڊ جي سطحَ تان موٽَ (عڪس) کائي ڌرتي تي ڏسڻ اچي. چنڊ تڏهن سڄو ڏسڻ اچي جڏهن ڌرتيءَ کان سج جي ابتڙ پاسي آهي، ۽ جڏهن چنڊُ ۽ سجُ ڌرتي جي ساڳي پاسي هوندا آهن ته ڌرتي تان سڄو چنڊ ڏسڻ ممڪن ناهي جو سج جون ڪِرڻون ڌرتي کان ٻي پاسي پيون ڪِرن ۽ اِنهن جو اولڙائي به ڌرتي ڏانهن ڪانه اِيندي. رڳو چنڊ جي ”هيٺين“ پاسي تان ڪرڻن جو اولڙائي ڌرتيءَ ڏانهن ٿينديِ (ڏسندا مٿيون نقشو جيڪو وڪي ِ ڪوش مان ورتل آهي). پيلا تيرَ سج جي ڪرڻن جا آهن . ڌرتي ۽ چنڊ، بنهي جي ڦيرين جو رخ گھڙيالي موڙ جي اُبتڙ آهي. ڌرتي اتر پاسي کان ڏيکاري ويئي آهي. ياد رهي ته چنڊ بالي گولو آهي، تنهن جي اڌ تي ڪِرندڙ ڪِرڻن جي اولڙائي سان اسان کي چنڊ سڄو گول ڏسڻ ايندو.

ڀوُن ۽ چنڊ جو ڦيريون

ڪُسوُف ۽ خسوُف تڏهن ٿين جڏهن چنڊ ڌرتي ڏانهن ايندڙ سج جي ڪِرڻنِ جيِ آڙ ۾ اچي يا ڌرتي چنڊ تي پاڇو وجھي. پر اهڙو چنڊ جو گِرهَڻُ (ڪُسوُف) سال ۾ چار کان ست ڀيرا ٿئي پَرَ گھڻو ڪري ٿورو پاڇو پوندو آهي . خسوُف اڃا گھٽ وارَ ٿئي. چنڊ جي چڪر جي دائري جو سَريِکو سطحَ پنج درجا ڌرتي جي چڪر جي دائري جي سريِکي کان مُڙيِل ِ آهي. (ڏسندا نقشو جيڪو مان ٺاهيو آهي). جيڪرٻن سطحن هر جاءِ هڪ (برابري) فاصلو نه هوندو، ته اِهي سطح هڪَ ليڪ تي هڪَ ٻي کي ڪٽيندا. ڇو ته چنڊُ ڌرتي سان گڏ سج گول ڦري، اِها ٻن سِطحن کي ڪٽيندڙِ ليڪَ به ٻين جاين تي لڳي.

جڏهن رات جي اونداهيءَ ۾ پورن ماس (چنڊ سڄو ڏسڻ) آهي ته وڌيڪ چمڪاٽ لڳندي اٿس. هونئن چنڊ جي ڇڪ ڪري پورن ماسي تي پاڻي ڀرَ تي هوندو آهي ۽ اُماسي تي آلُڙُ. چون ٿا ته عاشقن جو ڏينهن به پورن ماسي تي ٿي!

ڪاشتگاري جو ڪمُ جييئن اڳتي وڌيو ته ماڻهن شهر جوڙيا. جينئن سج جي چڪر جي سمجھه وڌي ته نوان پَنچانگ جوڙيا ويا جن تي آبادگاري ٽپڻو ٺاهي سگھجي. انهي ڪري سال پوري طرح سج جي سنٻنڌي چڪر تي ٻڌيا ويا. ڌرتي سج جي چڪر ۾ 365.24219 ڏينهن هڻندي آهي. ٻارهان چانڊوڪا مهانا ٿيا اٽڪلَ 354.36 ڏينهن. سنڌين ۽ يهودين پنهنجن مهنن کي بدلائڻ َ بدران هر ٽين سالين هڪُ وڌيڪ مهنو ڳنڊڻ شروع ڪيو. روماني ۽ ايراني پنچانگ پنهنجا مهنا بدلائي سال کي لڳُ ڀگُ ٻارهن ڀاڱن ۾ ورهائيو. انهيءَ ريت ڪاشتگاري جو ڪمُ پوري حساب سان انهن سماجن پنهنجن پنچانگ مطابق جوڙيو جيڪو رڳو چنڊ جي چڪرن تي ٻڌل پنچانگ مان ڪونه بيهيِ سگھي. اهڙين پنچانگن لاءِ آڪاس نروار جي وڌيڪ سمجھه پڻ گھربل هئي جا انهن سماجن ۾ آئي، توڙي گيلَليئي تائين اِنهيءَ وديا ۾ گھڻيئي ڪوتاهيون هيون.

ڪالهه سنڌي پنچانگ موجبِ ڦُڳُڻَ جو مهنو پورو ٿيو ۽ اڄُ (نئين) چنڊ سان سڀاڻي چيٽ جو مهنو شروع ٿيندو. انهيءَ مهني ۾ سنڌي سال جي شروعات ٿي جو ساواڻ اچي ۽ پاڻي ۽ نئين لٽُ درياهُ آڻي.from flickr indus near hyderabad by اِنهيءَ لٽُ سان سنڌ جو جياپو ٿيو، سنڌ جي زمين مالا مال ٿي ۽ منجھس پوک پئي ، نه ته سنڌَ جي مِٽي رڳو واريِ هُجي ها ۽ اَوَسَرُ ڪري پوک ڪانه ٿئي ها. چيٽ مهني جبلن ۾ ڳڱڻياٺ ڳرڻ سان وهڪرو وڌي ٿئي ۽ برف ۽ ڳڱ جو آبي ذخيرو پنهنجو ڪجھه پاڻي ڇڏي. انهيءَ ڪري سنڌي چيٽي چنڊ سان نئون سال ڳنڍين ۽ ان کي جھولي لال جو ڄمڻ ڏينهن ليکين، جو جھولي لال پاڻي جي ديو جو روپ ڪري مڃجي. هوُنئن هن وگياني دور ۾ سڀن ڌرمن جي نهريِ ۽ خيالي آکاڻين تان گھڻن ماڻهن جو ويساه اوُئين ئي پورو ٿيو آهي. پر انهن آکاڻين کي رڳو ڏند ڪٿائون ليکڻ بدران تن جي ڳالهين کي تشبيهه ڪري ڏسبو ته تِن جي اهم اِخلاقي سمجھه اسان کي اڄ به ملندي.

http://flickr.com/photos/99444759@N00/395151586/انهيءَ ڪري جھولي لال جو رنگ اهڙو ڳاڙهو هوندو آهي جهڙو انهيءَ سنڌوُ جي پڄايل لٽُ جو. اِها سنڌوُ درياهه جي سنڌ کي سوکڙي هئي ۽ اڄ وڏا بندَ ٺاهي سنڌ تي ڌاڙو هڻندڙن گھڻي ڀاڱي لٽُ روڪي سنڌ جون ٻنيون تباه ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. 1955 ۾ ڏهه لک ٽَنَ لٽُ سنڌ ڏي ايندي هيو.. هاڻ اها چار لک مسَ اچي. (مٿيون فوٽون سنڌوءَ جو حيدرآباد وٽِ، ۽ پاسي ۾ ساڌ ٻيلي جو).

هر پراڻي سماج ۾ تنهن ڏيهه جي ڌرتي نِروار (جاگرافي)، آب هوا ۽ رهڻي ڪرڻي تي ٻڌل عيدون ۽ ميلا ٿين ٿا. اولهه يوُرپَ جا ڏيههَ ڀوُن وچ ڦاڪَ (ويڪڙائي تي چڪريِ ليڪَ ؛ خط اِستوا) جي گھڻو اُترَ آهن تنهن ڪري گھڻيون عيدون سياري ۾ ٻڌيون اٿنِ جو سُسَل ڏينهن جي گھڻي اونڌائي ۾ ماڻهن گھوماٽجي ويندا آهن. ايراني اڃا پنهنجو سال سانوڻ جي وِسُوَ (ڏينهن رات جي بروبري) کان شروع ڪندا آهن. سياري ۾ ڏينهن ننڍا ٿين ۽ اونهاري ۾ اوترو ئي ڊگھا. جيئن ماڻهو ڀوُن وچ ڦاڪ (چَڪرَي ليڪَ) کان پري ويندو ته اهو ڏينهن رات جي ڦير جو اثر وڌيڪ ٿيندو آهي. آلاسڪا جي هڪَ ڳوٺ ۾ ته سج سياري جو چار مهنا نه نڪري. هتي اِلانائي ۾ سياري جو ڏينهن اٺ ڪِلاڪ کان ٿورو مٿي هوندو آهي. سويڊن جي وڏي شهرَ سٽاڪهومَ ۾ ڊسمبر ۾ ڏينهن ست ڪِلاڪن جو ۽ جون ۾ اٽڪل سترهان ڪِلاڪن جو ڏينهن ٿي. انهي کان اڃا اتر جي شهرن ۾ ٻن ٽن ڪلاڪن جو وڃي ڏينهن بيهي. پر سال ۾ ٻه ڀيرا ڏينهن رات لڳ ڀگ جاتي ڪاٿي برابر ماپ جا ٿين، هڪ وار سانوڻ جي مُند ۾ هڪ وار سرءُ (خزان) جي مند ۾. هونئن اتر جي اڌ ڀوُن ۾ سيارو ته تڏهن ڏکڻ جي اڌ ڌرتي ۾ اونهارو… ساڳي ريتِ سانوڻ ۽ سَرءُ به ابتڙِ.

خيرُ. اتر اڌ ڀوُن ۾ سانوڻ واري وِسَوَ َ ڏينهن کي ايراني عيد نوروز چوندا آهن ۽ اڄ تائين ڌومَ سان ايران ۾ مَلاهِن. پوءِ توڙي اهي پارسي پاڻ کي ڪوٺائين يا مسلمان، عيد نوروز جون رسموُن جيئريون رکيون ٿنِ. عربي مُلن ايران جي اها رسم ختم ڪرڻ جي گھڻيئي ڪئي پر انهيءَ ۾ ناڪامياب رهيا.

الاجي ڇو ڪي سنڌي چيٽي چنڊَ کي رڳو سنڌي هِندُن جي عيد ليکين. هڪ ته هندو جهڙو ڪو لفظ ئي نه ويدن ۾ آهي نه ڪنهن پراڻن ۾. سنڌ جا رهندڙ پاڻ کي سنڌي ڪوٺائيندا هيا. ٻيو ته هندي جا هندو نه جھولي لال کي مڃن نه سنڌوءَ تي ڪي رسمون اٿنِ. اصلُ ۾ چيٽي چنڊ سنڌين جي رسمي عيدَ آهي جيڪا سنڌين کي سنڌو درياههَ ۽ سنڌي آبادگاري ۽ رهڻ جي تال ۽ وهڪري سان مِلائي ٿي. . اڄ به سنڌوُ درياهَه جيِ سنڌ جي رهواسين لاءِ ساڳي تاريخي اهميت آهي جيڪا اولائڪيِ سنڌين جي هئي. سنڌين کي پنهنجي يگانيت   چيٽي چنڊ 2000نه وڃائڻ کپي ۽ وڏي ڌومَ سان چيٽي چنڊ جو ميلو ملاهِڻ کپي. اچو ته انهيءَ ڏينهن سنڌو درياهه بابت سوچون ۽ انهيءَ جي بچاءُ لاءِ پاڻ کي اَرپيون. جي سنڌي سنڌو کان پري لڏي ويا آهن سي به اڄ تائين چيٽي چنڊ کي ملاهيندا آهن. پاسي ۾ فوٽون 2000 ۾ ممبئي شهر وٽ باندرا ۾ سنڌين جي چيٽي چنڊ جي ميلي جو آهي جنهن ۾ مانکي مُکي ِ محمان ڪري گھرايو هئائون. ميلي ۾ ڏهه هزار مٿي سنڌي شريڪ هيا.

نه رڳو چيٽي چنڊ پر بيا به ميلا جن جو اصلي لاڳاپو سنڌو ُءَ جي آلُڙُ ۽ ڀَرَ سان ٻڌل آهي. انهن ميلن بابت وڌيڪ ڪڏهن لکندمِ.

سنڌي ڇِڙِ وِکِڙِ ٿي ويا آهن. پَرَڏيهي سنڌي اڃا اهي سنڌي ميلا ملهائين. ڏسو هيٺين وڊيو جيڪا تنهن ميلي تي ورتل آهي جو سنڌوُءَ جي پاڻِي لهڻ وقت چاليهَه ڏينهنِ جي روزي کانپوءِ ملاهبي آهي. انهيءَ کي چاليهو ڪوٺيندا آهن ۽ انهي ڏينهن پڻ چيٽي چنڊ جي ميلي وانگر جهولي لال جو بهراڻو اُلهاس نگر ۾ ڪڍن پيا.

 http://video.google.com/videoplay?docid=1551931546744037485

مانکي ڪي ڏينهن ٿيا لاڙڪاڻي جي هڪَ شيخ فون ڪئي. هو مان سان هڪ سال هتي رهيو هو ۽ منهنجي نگهباني هيٺ ڦولها ڪئي هئائين. هاڻي ڪينيڊا جي مکي شهرَ اوٽاوا َ ۾ رهي. چيائين هوُ اتان جي سنڌي سَڀا جو مِمبر آهي ۽ هاڻ هولي ِ ملاهِڻ لاءِ سَمتيِ جو ڀاتي هو. چيائين اوٽاوا ۾ اسان گڏ آهيون پرَ ٽورونٽو شهر ۾ سنڌي مسلمان ۽ هِندن جون سنسٿائون ئي ڌار آهن! سنڌ ۾ صدين کان سنڌي پنهنجا ميلا گڏجي ملاهيندا هيا. هاڻ پرڏيهه ۾ ڏڦير ڇالائي؟ جي پنهنجيت کي سڀ سنڌي مانُ ڏين، ته سنڌين ۾ ايڪو وڌندو. اونئين ئي سڀ سنڌي جھولي لال کي مڃندا آهن ۽ ٻيا سڃاڻنسِ ئي ڪونه.

سائين رومي ڏات ڏيئي ويو..

هندوآن را اصطلاح ِ هند مدح سندي آن را اِصطلاح ِ سند مدح

هِندُن لاءِ هند جو اِسطلاح (ڳالهيون، هتيعبادت، جو ڍنگ) ساراهَه لائق آهي

سِنڌين لاء سنڌ جو اِسطلاح ساراهَه لائق آهي

Advertisements

5 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. اھڙو informative and thought-provoking article لکڻ لاءِ مھرباني. پڙھي ڏاڍو سٺو لڳو!
    بالاچ، ڪراچي.

  2. dear gul agha,
    haq mojood,man awhan khe parhando rahndo aan, awhan san munhja ghana reshata aahen 1 ta awhan bhi shah daraza ja devootee aahio man bhi un dar jo ghulam aahiyan,2 awhan bhi shikarpur ja aahio man bhi utan je miti man gohio wayo aahyan. awhan bhalai kare karachi acho ta asan j angan ta achjo.
    awhan jo
    irshad soomro

  3. Dear Agha Sb,
    How r u?
    Kindly write about current political situation as well as How we develop our political and social skill to save our Sindh from Butcher so-called Punjab. develop with new generation/us political skills becuase after assassination SBB all Sindh & Sindhies are feel lonely like orphan child’s.
    Peace,

  4. Saeen Agha Sb

    Nice to learn every-time stuff being publish by you, such material has the valuable height as it is to brought with repute research and refereces.

    You have unique style to write, you specify sindhi language in your typical way which add me lot to learn because it is not common here, also you criticise on current lanaguage being published in papers, periodicals as well communication.
    Do you have accumulated source or dictionary of sindhi words or phrases to share? or I only be able to read it by articles.

    Likewise Irshad Soomro, I open invite you to come to islamabad and recret capital with me, this offer has no time restriction.

    Regards

    Aijaz Ali Shah,
    Islamabad

  5. saine tamam suthe knowledge


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: