وَهن ڌارو ڌارَ

مَي 27, 2009 at 11:42 pm | Posted in Uncategorized | پنهنجو رايو ڏيو
 هڪ اولهـ ۾ نارَ جو فوٽون ڳنڍ ڄار تي مقالي مان کنيل

هڪ اولهـ ۾ نارَ جو فوٽون ڳنڍ ڄار تي مقالي مان کنيل

هيءَ ڪافي سمجھڻ ۾ ٻـ ڪَلاڪ لڳي ويا هوُندم، پرَ ٻهراڙيءَ جو اهڙو منظر سائين سچلَ چِٽيو آهي جو مان کي مزو اچي ويو. هِن ڪافيءَ ۾ نـ رُڳو انسان جي پرَ ٻين مِرون پسون جي نڪته نظر سان چٽائي ڪئي آهي ۽ ويچارن جانورن جو احساس ڪيو آهي جيڪو ٻنيءَ تي ڪمُ ڪندا آهن.

جامع سنڌي لغتَ کي ڪيئي وار ڏسڻو پيُم جو سنڌي ٻوليءَ منهنجي زور ناهي؛ نيٺ ڪافيءَ دل ريجھائي وِڌي… لونئون لونئون لاتي. هيٺ اوهان جي سولائي لاءِ ڪِن لفظن جي معنا ڏيان ٿو.

ڪِن شهر واسين کوهَـ نـ جاچيا هجن نـ ڏٺا هوندا، انهيءَ جو عضوون جو فوٽون ڇڪيو ڪير ونڊيندو ته لفظن جي سمجھاڻي سولي ٿيندي. هونئن جِن سائين سچلَ جنِ پکين جي ڳالِهـِ ڪئي آهي، تِن مان مانکي ڪي تـ ياد ناهن.

وهَن ڌارو ڌارَ، ڳاڌيِءَ جي ڳِٽڪارَ تي.
ڀاروني هِڪڙي چَڪريون ٻيئِي، آرا اُنهن جا آهن اهي ئي،
وهن بارو بارَ، وو، لَٺَ واريءَ للڪار تي.
ڦرهيون ونگڙون آهن اوڀاريون، ارِڙيون سونهن مالهه موچاريون،
جھَلڻ جا جھلڪار، وو، لوُٽِن واريءَ ڌڌڪار تي.
ڍڍي چونڪ جوئر جا نِسري، ڳنا تنهن جا ماکِي مصري،
کِيرن جا به خُمار، وو، آهن پيهي واريءَ پونجار تي.
ڪانگَن ڪانگيرو، وهين واهيرو، ڪَٻرن، ڳيرن ڪيو اچي گھيرو،
ڳوڙهن جا وسڪارَ، وو، جھِرڪين جي جنسار تي.
آيو نيسَر پاڙڇ ۾ پاڻِي، مرشد اچي ٿيڙ مَ ساڻِي،
سا جوئر پَچايوم جار، وو، آهن ڪَم “سَچلَ” جا ڪلتار تي.

(سچل)

ڳاڌيِ (هِتي) وڏي چڪرَ مٿان ڀِرڄَلَ ۾ لڳل (ساڍا ڇهـَ هٿ کن ڊگھو) تختو

ڀِرڄَلَ اُها ٿلهيِ ۽ سڌيِ لٺ جنهن جو هڪ ڇيڙو هيٺُ ڀارونيءَ تي بيهي ۽ ٻيو ڇيڙو مٿي ڪاڃڻ ۾ لڳل مڪڙي اندر هجي (نارَ يا هُرليءَ جو هڪ عضوو) ـ

ڳِٽڪارَ جانور کي سَڏُ

ڀاروُنيِ اُها ڪاٺيِ جنهن جي “مُهري” جي هيٺين چوٽيِ ڦِري  (نارَ يا هُرليءَ جو هڪ عضوو) ـ

(نارُ جنهن سان کوه مان پاڻي مٿي زمين پڄائبو آ (هُرلو)) ـ

چڪري ڪا بِه گول شئـ . گھيرو.

آرا سينگاريندڙ

ڦرهيون اوڀاري جي چوٽيءَ ۾ پيل ڪاٺيِ

ونگُڙو ورن وڪڙن وارو ــ ڀانڊيءَ ۾ ڏِنگي ڪاٺيِ جا ڦرهين کي پاڻ ۾ مِلائي

اوڀاري نارَ يا هُرلي جي لٺَ ۾ کُتل ڪاٺين (جِن ۾ ڦرهيون وِجھبيوُن آهن) مان هِڪَ ڪاٺي. چاڙهُـ پاڻيءَ جو

مالَهه نار جو هڪُ عضوو؛ هُرلي جي ڍينگي تي ويڙهيل لوڙ جا ٻَـ لڙهـ جي ارڙين وسيلي ڳنڍيل ٿين ۽

جنهن ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪِنگر ٻڌجن

لوُٽِن مٽَ ــ لوٽيِ ــ ننڍي دَکي (هِتي مُراد جن ۾ کوهـ جو پاڻي ڪري) ـ

ڌَڌِڪَڻُ گجگوڙ ڪرڻ ــ گوڙ ڪرڻ ــ ڪرڪڻ ــ ٺڪاءُ ڪرڻ ــ ٻُرڪڻ

ڍڍيِ جوُئرَ جو هِڪُ قِسم (ٻي معنا جيڪا هتِ مُراد ناهي، ٻار جو پيٽُ) ـ

نِسري (سَنگَ جو) ٻاهر نڪرڻ ــ اُڀرڻ ــ اُسرڻ ــ انگورجڻ

کيِرَ (هِتي مُراد) سڀا ــ مجلس ــ سڳر ــ ٽولي

پيهي ننڍو پيهو، پوک تان جھار هڪلڻ لاءِ ٻنيءَ ۾ ٺهيل ننڍڙو منهن (انگريزيءَ ۾ “سڪير ڪُرو”) ـ

پوُنجار پُڇڙي ـ چوٽيِ

ڪانگيرو (هتي)  سِج لهڻ مهل ڪانگن جو گڏيل آوازُ ــ ڪانگن جو لشڪر

وَهِيو (سنڌ ۾ هوندڙ) پکيءَ جو هِڪ قسمُ. آسوُدو ــ ڌَنَوارو

واهيرو اُکيري ۾ پکيُنِ جي ويهڻ جو وقتُ. آرام جي جاءِ ــ آکيرو

ڪَٻَ ڊَپُ ــ ڀوء. (ٻيون معنائوُن) گوٿناٿ ــ گَس گُساءُ. بهانو ــ ٽارو

ڳيرو پکيءَ جو هڪ قسم (قد ۾ تتر جيڏو، گچيءَ ۾ ڪارو ليڪو ٿئيس) ـ

جَنسارُ هار سينگار ڪرڻ ــ ٺاهَـ ٺوهَـ ــ آرائِش

نيِسَرِ پاڻيءَ جي نيڪالَ جو نالو

پاڙِڇُ نار يا هُرليِ جو عضوو جيڪو ڪاٺ يا لوهَـ مان ٺهيل هٿ کن ڊگھو ۽ فوٽ کن ويڪرو نارو جنهن ۾

لوٽِن مان پاڻي ڪري ۽ اُتان وڃي نيِسَرِ ۾ پوي) ـ

ٿيِڙُ لوڏو ــ ڌِڪو. ڪوڙو آسرو ــ گُساءُ

ساڻيِ ساٿي ــ همراه ـ مددگار

جارَ جالارو ــ گھڻو ــ جام (پرَ جارُ معنا ساڙو، تيسو) ـ

ڪَلتارُ اُپائِڻهارُ ــ خالق ــ ڪرتار

نار جي تاريخ بابت هيٺيون مقالو ڏسندا؛ هونئن ڀانيان ٿو ته نار موئن جي دڙي ۾ هُئا.  سنڌ وارا نارَ قسم ٻيءَ ڪڙيءَ تي ٺرڪ هڻي نارن بابت ڪتاب ۾ ڏسي سگھندئو..ـ 

http://www.waterhistory.org/histories/waterwheels/

http://books.google.com/books?id=quT1DflghpkC&pg=RA1-PA358&lpg=RA1-PA35

Advertisements


Entries and رايا feeds.