امريڪا جا جونيئر ڪاليج ۽ امان جون مارڪوُن
جنوري 31, 2007 ڏانهن 12:02 am | Posted in Autobiographical, Education | 3 رايا
هيٺين چارٽ ۾ امريڪا ۾ ورهيو ورهِيه ڊگرين جا انگ ڊجن ٿا جيڪي 2003ع ۾ ڏنل ڊگرين جا آهن (هنن انگن ۾ ٿورڙو سيڪڙو ٻه وڌارو هرَ سال ٿيندو پر ايڏو خاص ڦير نه ايندو) ـــــ
ڊگريون ساليانو 2003 |
وديارٿين جو انگ |
||
Associate ٻه ورهيه |
665,301 |
||
Bachelor’s چار ورهيَه |
1,399,542 |
||
ماسٽر |
558,940 |
||
پي ايچ ڊي |
48,378 |
||
پروفيشنل |
83,041 |
||
|
|
||
مايون |
57.1% |
|
|
)Full-timeسارو وقتي ( |
61.0% |
||
)Foreign) پرڏيهي |
4.4% |
هنن انگن موجب سنڌ جي جوان آبادي ڏسي، ورهيو ورهيه اڍائيِ ٽي لکَ سنڌي جوان چار ورهين واري بيچلر پورِي ڪنِ.
مان اڳي ڳالهه پي ڪئي ته جونيِئر ڪاليجن ۾ ”ٻه ورهيه“ لڳنِ ۽ انهي کان پوءِ ”ايسوسيِئيٽَ“ جي ڊگري ملي. ايسوسيئيٽ جو ڊگري سان ڪي ٽيڪنيڪي ڪم ڪن، جيئين سولي پروگرامنگ ڪمپيوٽرن جي، ڪي موٽرن جي مرمت جو ڪم سکن، ڪي وري ڪلارڪي جو ڪم سکن…. اهڙا ٿوڙا ڪلاسَ سڪولن ۾ يارهين ۽ ٻارهين ۾ پڻ ٿين ۽ جيڪي ٻار چار ورهيه ڪاليج ۾ ڪونه وڃڻ جو ارادو رکن سي کڻندا آهنِ ته جينئن ڏسن ته شونقَ ۽ يوگتا (لياقت) ڪهڙي اٿن.
انهي چارٽ مان پڌرو ٿيندو ته جونيئر ڪاليج ۾ ڪيترائي ڊگري وٺڻ لاءِ نه ويندا آهن جو 65 لکَ پڙهنِ پرَ ٻن Continue Reading امريڪا جا جونيئر ڪاليج ۽ امان جون مارڪوُن…
آمريڪا جون يونيورسٽيون ۽ اُتاهون (اعلا) تعليمَ
جنوري 27, 2007 ڏانهن 4:44 pm | Posted in Education | 7 رايا
مان آمريڪا جي ڪِن مکي يونيورسٽين (وشوَ وِديالنِ) ۾ ٽيٽيهه کن ورهيه ڪاٽيا آهن. ڪڏهن وري ڳالهه ڪندس ته منهنجو هتي اچڻ ڪيئن ٿيو ۽ مان يَتا تَٿا هتِ ڇا ڪندوهان. حالي فلالي آمريڪي اُتاهون (مٿيون) تعليمي نظامَ بابت ٿوڙو سڌ سماءُ ڏيان ٿو. هتي آمريڪا ۾ ڏيڍ ڪڙوڙ کان مٿي شاگرد اُتاهون تعليمي ادارن ۾ پڙهن پيا. ڀيٽڻ لاءِ ياد رهي ته آمريڪا جي آبادي 30 ڪڙور آهي ۽ سنڌ جي آبادي چار ڪِڙورَ لڳ ڀڳ هوندي. پرَ اهو پڻ انگُ ويچار ۾ رکجي ته آمريڪا جي وچٿري عمر پنجٽيه ورهين کان مٿي ۽ سنڌ جي وچٿري عمر ارڙهان ورهيه بيٺي آهي. تنهن حساب سان هيٺيون چارٽَ جو جائزو وٺندا. جي اُتاهون تعليم جي ساڳي پکيڙَ هجي ته سمجھو هنن انگن جو پنجون ڀاڱو کنِ سنڌَ ۾ هجن. اهي انگَ سن 2003 جا آهن پر تنهن وقت کان خاص ڦير گھير ڪانه هوُندي. ٻيو انگُ، ٻارهان سالو سِڪوُل پورو ڪري اڌ کن ٻار هڪ نه ٻي قسم جي ڪاليج ويندا آهن.
تعداد | شاگردن جو انگ | |
سرڪاري چار ورهيَه ڪاليج |
629 |
6,649,441 |
خانگي چار ورهيهَ ڪاليج |
1,845 |
3,758,112 |
سرڪاري جونيئر ڪاليج |
1,070 |
6,207,618 |
خانگي جونيئر ڪاليج |
596 |
285,300 |
جوڙَ |
4,140 |
16,900,471 |
بيچلر |
|
14,473,884 |
ماسٽر ۽ پي ايچ ڊي |
|
2,097,511 |
پروفيشنل |
|
329,07 |
هِنَ چارٽ ۾ ڏيکاريل شئين جي سمجھاڻي هن ريتَ آهي. ”چار ورهيهَ“ ڪاليجن ۾ اهي ڪاليج ليکجن ٿا جيڪي بيلچلرَ جي ڊگري ڏينِ ۽ يونيورسٽيون Continue Reading آمريڪا جون يونيورسٽيون ۽ اُتاهون (اعلا) تعليمَ…
شطرنج جي راند ۽ قديم سنڌ
جنوري 23, 2007 ڏانهن 10:26 pm | Posted in Archeology, Folklore, Sindh, Sindhi | 2 رايا
انسان اوهدار جانور (جنهن کي انگريزيءَ ۾ ميمل چوندا آهن) جو هڪ قسم آهي. رانديون خاص ڪري اوهَدار جانور ٻارنِ جي قابليت وڌائڻ لاءِ گھڻو قدرُ رکنديون آهن. انسان جي وجود ۽ پکيڙ ۾خيالي سمجھَ abstract intelligence جي وڌائو جو وڏو ڪردار رهيو آهي. شطرنج هڪ اهڙي راند آهي جنهن سان خيالي سمجھ جو گھڻو واڌارو ٿئي.
موئن جي دڙي مان جيڪي رانديون لڀيون آهن تن مان شطرنج جو هڪ اولائڪي نمونو پڻ مليو آهي. (ڏسو مٿي فوٽوُن. اهو هيٺين ڪتاب مان آهي جنهن ۾ دڙي جي ٻين راندين جا پڻ فوٽا ملندا). Continue Reading شطرنج جي راند ۽ قديم سنڌ…
چڪون ۽ ڀلناما
جنوري 23, 2007 ڏانهن 1:42 pm | Posted in Poetry | 5 راياسائين وسيم مفتيءَ مان کنئون هڪ سوال پڇيو
”ھوُسٽن واري سلائيڊن ۾ مانپڙھيو(جتي ليار ٻيرون..) پَرَ منھنجي ڄاڻ مطابق اِھو آھي (جتي يارَ پيرون…) پوءِ ڇا سھي آھي؟“.
انهي سوال جي وردي مان وٽ ڪانهي. اها ڪافي ٻڌي الا جي گھڻا ورهيه ٿيا هوندم. محمد يوسف جي ڳاتل ٻڌي هوَمِ. ڀانيا ٿو ته هيءُ ”مير“ جو لکيل آهي. پر افسوس ته مان وٽ ميرَ جو رسالو موجود ڪونهي. جي ڪو پڪ ڪري ٻڌائي سگھي ته ٿورائتو ٿيندسُ.
منهنجي ياد موجب اڳتي لکي
جتِ جھانگيِ جتِ جھوپڙا
جتِ ڍاٽي منهنجا ڍول
ڪالهه ٻڌا ڪَنَ تي
مون ٻابيهنِ جا ٻول
قلم تازو…
ڪچهري مان ڏسندا ته هيءُ ”جتي ليارَ، پيروُن..“ هجڻ گھرجي.
……
جي ايم سيد جنم ڏينهن تي هوسٽڻ آمريڪا ۾ گڏجاڻي
جنوري 22, 2007 ڏانهن 10:16 pm | Posted in Archeology, History, Human Rights, Poetry | 3 راياتازو هوُسٽن ٽيڪسَسِ ۾ سنڌين جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ مان سنڌين جي تاريخ ۽ آئيندي تي پهنجا ويچار ڏنا. پنهنجي ليڪچر جي آوازي ٽيپ پڻ هن بلاگ تي هڻندس. حالي هيٺ سلائيڊن جو فائيل وجھان ٿو.
ڪي سلائيڊ اڳواٽ ڏنل ليڪچرن مان کنياهم. تنهن ڪري اهي اڃا انگريزي ۾ آهن. وقت مليو ته اهي پڻ سنڌي ۾ وجهندس.
https://shikarpuri.files.wordpress.com/2007/01/gmsyed-pub-2007.pdf
پهنجي سڃاڻَپ
جنوري 18, 2007 ڏانهن 12:16 am | Posted in Autobiographical | 7 رايامنهنجو ڏاڏاڻو ڳوٺ شڪارپور ۽ ناناڻو حيدراباد آهي. مان ننڍپڻ انهن ٻنهيِ شهرن ۾ ڪاٽيو، وري ڪي ورهيه ڪراچي ۾ پڻ گزراڻ ٿيو. ننڍي هوندي کان ئي مان کي سائنسَ جو شونق هيو. ڏٺم ته پاڪستان ۾ انهي سيک ملڻ جو چارو ڪونهي. تياري ڪري آمريڪا جي مشهور يونيورسٽي ڪيلٽيڪَ مان نه رڳو داخلا ورتمِ پرَ انهن مانکي فيِين سان ڳڏ لڳ ڀڳ سمورو خرچو سڪالرشپِ (وضيفي) ۾ ڏنو.
اها آکاڻي وري ڪنهن ٻي وقت ڪبيِ.
انهيَ ريت سورهنِ ورهين جي عمر ۾ پنهنجي تعليم کي وڌائڻ لاءِ آمريڪا هليو آيُسِ. هاڻِ ڪي ٽيٽيهه ورهيه آمريڪا ۾ رهي ٿيا آهن ۽ هتان جي هڪَ وڏي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسري ڪري رهيو آهيان. مٿيون فوٽون نومبر ۾ لڪسمبرگَ يونيورسٽيَ ۾ ليڪچر ڏيندي ڇڪيو ويو.