چنڊَ ڏانهن سفرُ

ڊسمبر 11, 2007 at 10:06 am | Posted in Education, Folklore, Sindh, Sindhi, سنڌي | 13 رايا

 

چنڊَ ڏانهن سفرُ

”وَلوُ! ماڻهوُن چنڊَ ڏي پيا وڃن.“painting by aleksei_leonov__andrei_sokolov

”سائين، ڪڏهن؟“

”سڀان اُتي لهندئي.“

ولوُ ڳوٺاڻو ڇوڪرو هو. هاريءَ جو پُٽ هو. ڪڏهن سِڪوُلَ ڪونه ويو هو. ڪراچيءَ اسان وٽ ڪمُ ڪرڻ مائٽن موڪليو هو. اسان جي گھر ۾ سدائين ڳالهه ٿيندي هُئي ته ڪنهن سِڪوُل ۾ موڪِلجيسِ. اٽڪل ڏهن ورهين جو هوُندو. سمجھو ته تڏهن مان جيڏي عمرِ هوُندسِ. کيس ڪا پروڙَ ڪانه هئي ته ڄمُ ڏينهن ڪهڙو، يا عمر گھڻي هوندي. ڪراچي ۾ پاڙي ۾ سرڪاري سِڪولُ اڙدوُءَ ۾ هيو (تڏهن خانگي سِڪوُلَ مهانگا ۽ تِن ۾ داخلا ڏُکي). ولوُءَ کي اڙدوُ ڪانه اچي. پناهگيرٻارن ۽ ماسترن جا مٿس گُھٻا هُجنسِ ها. پرَ انهن حالتن جي الائي ڪيتري ساڃاه هويم. هوشيار ڇوڪرو لڳندو هومِ. ارمان رهندو هومِ ته کيسِ ڪا اوسَرَ ڪانه مِلندي. ڪنهن شاعرَ جو ڪلام، جو سال ٻه ٿيا ته پڙهيو هوُندُم، ٿورو ڪجھه هِنَ ريتَ ياد اچيم… Continue Reading چنڊَ ڏانهن سفرُ…

Advertisements

قلم تازو ــ جي پُڇڻا سي نه منجهڻا

نومبر 9, 2007 at 11:57 pm | Posted in animals, Autobiographical, Education, Folklore, Poetry, Sindhi, سنڌي | 4 رايا

(ڦريل رنگ وارن سٽن تي ٺرڪَ هڻي ويب ڪڙيءَ تي وڃي سگهندئو)

ڏسُ ــــ پڙاڏو سوسڏُ ُ

ٻُلهڻِين بابت سنڌي شعر ڏسڻ آيُم. (ٻهوُن معنا وڏي انداز سان، نمونن سان)

ٻَهوُن گھمن ٻُلهڻيون ساڻ تنين سير (حفيظ)

جيئين ڳالهه پي ڪيم، ٻُلهڻين کي ٽِپڻ ڪُڏڻ ۽ سير ڪرڻ جو گھڻو شونق هوُندو آهي؛ جيڪا ڳالهه ڏسندي شعر سائين حفيظَ جي دل ۾ آيو هوُندو جنهن جي تُڪَ مٿي ڏنلَ آهي. حفيظ ۽ سندس شاعري بابت ڪا ڄاڻ نٿم، ڪو پڙهندڙ سڃاڻين، ته تِن بابت لکندا؛ جي اِهو شعر اڳتي وڌيڪ اچين ته لکي ٻڌائيندا. مٿين تُڪَ (شعر جي سِٽَ) جامع سنڌي لُغتَ ۾ ڏٺم. جي ڪنهن صاحبَ يا صاحباڻيءَ کي ٻُلهڻين بابت ٻين سنڌي شعرن يا سنڌي لوڪ آکاڻين جي ڄاڻ هجي ته ٻڌائيندا.

آمريڪا سميت گھڻن ئي ملڪن ۾ ٻلهڻين جي شڪارَ تي پابندي لڳائي ويئي آهي. افسوس ته جپان ۾ اڄُ به سامونڊي ٻُلهڻين جو شڪار ٿئي. انهيءَ ڳالهه کي گھڻا ماڻهوُن هاڻ واهِڻو (جھنگلي، بي رحمي) سمجھندا آهن. تنهن ڪري هر سال اعتراض وٺندڙ جپان وڃي مُظاهرا ڪندا آهن ته جئن ماڻهن ۾ احساسُ وڌي. هيٺين وڊيو اهڙن اعتراض وٺندڙن جو هِڪُ تازو ڌرڻو ٿي ڏيکاري

http://video.nationalgeographic.com/video/player/news/animals-news/japan-dolphins-apvin.html

ڏَسُ ـــ آمريڪا وڃڻَ جيِ ٽِڪَسَ

سائين فرهان شيخَ لکن ٿا ته شاه ڪريم بلڙي واري جو بيت هِن ريتِ آهي

جي پُڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وِيرَ،
جو لَکَڻُ ۾ ماڙُوهِين ، سو ڪُلَکَڻُ ۾ کير

لَکَڻُ جوُن ٻه معنائون مِلن ٿيوُن ــــ هڪ پرکڻ، ڏسڻ وائسڻ، جانچڻ؛ ٻيو عادت، ارڪان، خصلت. لغت موُجب مراد ٻي معنا آهي. ڪُ لفظن اڳيان گڏبو آ ٻِن مان هڪ معنا ڏيڻ لاءِ ـــــ هڪ بڇڙو، ردي، ناچڱو (جِئن ڪُسَنگُ)؛ ٻيو بي، بِنا، کانسواءِ. ڪلُکَڻ معنا ڪُلَڇڻُ، يا جيڪو بي لڇڻو هجي. کير تي آوازي نشان ناهي ڏنل، پرَ ڀانيان ٿو ته بيتَ جي تُڪبنديِ موُجِب اِهو کِيرَ هجڻ گھرجي، جنهن جي معنا مبارڪ (ڏيڻ)، واڌائي (جنهن لفظ جو جمع کيروُن آهي). سو بيتَ معنا (عام) ماڻهن ۾جِن ماڻهن کي اِها خصلت آهي، سي جڻ بي لڇڻن ۾ واڌائيءَ لائق ٿيا.

اِها ٿي منهنجي سمجھ بيتُ پڙهيِ، پرَ ياد رکجي مان سنڌي ٻولي نڪو سنڌي شاعري ماهِرُ آهيان، جيون وِگياني ۾ ڪاٽيو ٿمِ. سو تنهن سمجھ سان بيتَ جي پهرين تُڪَ جي معنا اکر به اکر موتي لعل جوتواڻيءَ ترجمو ڪندي ڏِني. ٻيءَ تُڪَ جو ترجمو تمثيليِ ٿو لڳيمُ. اڳتي اديبن کي وڌيڪ ڄاڻ هوُندي.. هيءَ سَمڀَوَ به آهي، متان سائين جوتواڻيءَ کيِرَ بدران کيِرُ لفظ سمجھيو هُجي. اهڙن ڳالهين ڪري سنڌيءَ لاءِ سنڌي عربي لپيِءَ جي ڪوتاهيِءَ جي اَنڀَوء اٿمِ ڇو ته لپيِ زيرُن زبرن هڻڻ تي زور نه ٿي ڏي؛ هٿان اِنهن کي قلمَ سان لکڻ لاءَ وڌيڪَ گھڪا کَپن جنهن ڪري ماڻهون عام تور لکڻ ڇڏي ٿا ڏين.

(لپين بابت ڏسندا منهنجو بلاگُ ظ ظالم، ز زالَ ته پوءِ ذ ڇالاءِ )

بيتَ تان ڳالهِه ياد ٿي اچيمِ…. جڏهن آمريڪا ڪاليجَ پُڳُمِ ته گڻت گياني متن اَپاري ڪٿَ (”ڪيلڪيوُلسَ“) جي ڪِلاسن جو سٺو ڏکيو سِلسِلو کڻڻو پيم. وگياني ۽ انجنري متنن لاءِ اَپاريِ ڪَٿَ ماهري لازم آهي. اَپاري ڪٿ پاڙهيندڙُ وڏو مشهورُ پروفيسر ڊين نالي هيو. آئي ڪي هفتا ٿيا هوُندا، پروفيسر ڊينَ ڪنهن ٻي پروفيسرَ کي منهنجي نالي چيو ته هيءُ ڇوڪرو ڏاڍو هوشيار آهي. مان به پاسي ۾ بيٺو هومِ. چيومانسِ،” سائين! هتي ته سڀ ڇوڪرا ڏاڍا هوشيار آهنِ.“ (جنهن يونيورسٽيءَ ۾ مان بيچلرَ لاءِ ويُو هوسِ سا آمريڪا جي ڏُکي ۾ ڏُکي يونيورسٽي ليکبي آهي). چيائين ”مسئلا سَلڻ ۾ سڀِ هوشيار آهنِ، پر ڏنل مسئلا توڙي ڏکيا هُجن، سي سلڻ سولو آهي، چڱا سوال سوچڻُ ڏُکيو. چڱا سوال پُڇَڻ وارا ڪي ڪي هوندا آهن ۽ سي ٻين کان گھڻو اڳتي ويندا. تنهنجا سوالَ اوُنهيِ سمجھه ڏيکاريندڙ هوُندا آهن.“ اِنهيءَ ڳالهه مانکي تڏهن ايتري تَپرَسَ ۾ وڌو جوسا ڳالهه اڃا ياد بيٺيِ اٿم؛ تنهن اڳُ سوچيو هوم ته ڏکيا مسئلا سَلڻ وڏي هوشياري جي نشاني آهي. هاڻ هِنَ وڏي پروفيسرَ جو چوڻ هو ته اوُناهيون کوٺيندڙ سوال سوچڻ تنهنکان اڃا ڏکيو. تنهن ڳالهه کي ٽيٽيهه ورهيه ٿيا. اڄُ پنهنجن شاگردن ۾ اِها خاصيت ڏسڻ جي ڪندو آهيان؛ بيشڪ تنهن تجربي ڪار پروفيسر جي ڳالهه منهنجن پنهنجن تجربن سان به ملي ٿي ۽ تنهن ڪري پڪ سان سچُ لڳيم.

خيرُ. ”جي پُڇڻا سي نه منجهڻا “ اڄُ به مشهور سنڌي پهاڪو آهي. سوچيُم پي ته الاجي هيِءَ سورهين صديءَ کان اڳُ به چوڻي هئي جيڪا بلڙيءَ واري شاهه سائينءَ ڪتب آندي؛ يا وري اها چوڻي شاه بلڙيءَ واري سائين جي بيت مان نِڪتيِ. ڪو سورهيِن صدي کان اڳ جي ڪتاب اهڙي ملي جنهن مان اِها سُڌَ پوي!

شاه ڪريم بلڙيءَ واري بابت ٿوري لکَه هيٺين ويبَ ڪڙيءَ تان ڏسندا

http://www.voiceofsindh.net/sindhiadab/articals/33.htm

پڙاڏو سو سَڏ

نومبر 3, 2007 at 11:22 pm | Posted in animals, Folklore, Sindhi, سنڌي | 5 رايا
Tags: , , , , ,

سنڌو ٻُلهَڻِ جي وِساڻي

انسانن جي ناداني، لوڀَ ۽ آهِنڪارَ ڪري ڪيترن ئي جانورن ۽ پودن جي وِشيشن جي وِساڻي اڳئيي ٿي ويئي آهي. ڪي هفتا ٿيا ته بيِ بيِ سيِ خبر ڏني ته قدرت بچاءُ جڳَ ايڪتائيءَ (” اِنٽرنيشنل يونين فار ڪانسرويشن آف نيچرُ“) پنهنجي رپورٽَ ۾ سورهان هزار کان مٿي اهڙن وشيشن جي فهرست ڏني آهي جيڪي وِساڻيِءَ جي اوُنداهيِءَ جي دَرَ تي بيٺيون آهن.

http://www.iucnredlist.org/

وِساڻي هميشه لاءِ ٿئي، جيڪي جانور ۽ پودا ڪوڙين ورهين کان هن سنسارَ ۾ هلندا هليا آهن تِنِ جا اَنگ ايترن ٿورن صدين اندر گھٽبا ويا ٿين جو سندن قِسمَ وري ڪڏهن هِن ڌرتي تي وِک نه کڻندا. اِهڙين وساڻين جا ڪيترائي بڇڙا اثر پون ٿا

ــ اسان جوُن ايِندڙَ ٽهيوُن اِهي يگاني جاندارَ ڏسڻ کان نِراس رهنديوُن، تِن لاءِ قدرتَ جو رنگ ٿورو گھٽُ، ۽ جهان جاhttp://farm1.static.flickr.com/161/430896905_4facef304d.jpg?v=0 نِرالا آواز ويتر خاموش هوندا ــ ڄڻُ وَرکاڪَ (ورکا يعني مينهن جي اِنڊ لٺِ) مان ڪي رنگَ کُٽلَ هجن. رڳو اِنهن جيُوَ دارن جا فوٽا ڏسي سگھبا. پاسي فوٽوُن ڏکڻ آمريڪا ۾ سئر ڪندڙن جو آهي جيڪي اميزان نديءَ ۾ ٻيڙيءَ تي ٻُلهَڻِ ڏسڻ وڃن پيا. قدرت ۾ جانورَ ڏسڻ سان انسانن جي گھڻي روح رهاڻ ٿئي ٿيِ ـ اهڙن سئر ڪندڙن جي سِٽَ ڪري مقاميِ ڌنَ ۾ مليَنن ڊالرنِ جي اُپت پوي. سنڌي محمان نواز ماڻهون دنيا جي لکين سئر ڪندڙ شوقينن جي محماني ڪرڻ کان نِراس رهجي ويا آهن جيڪي اهڙا يگاني جانور ڏسڻ لاءِ گھڻا پنڌ ڪن ٿا. Continue Reading پڙاڏو سو سَڏ…

چاليهو ميلو

سيپٽمبر 18, 2007 at 10:18 am | Posted in Folklore, Sindh, Sindhi, سنڌي | 1 راءِ

         ڏسندا منهنجو اڳيون بلاگ ”چيٽي چنڊ“

http://tinyurl.com/2q28l3                   

         جنهن ۾ مان انهيءَ لعلَ ميلي جيِ هڪَ ويڊيو پڻ وڌي آهي.

          هِنَ ميلي جو واستو پڻ سنڌو نديءَ جي وَهڪَ سان آهي،

          جنهن جو اوتار اُڏيرو لعل مڃبو آهي.

clipped from www.foxnews.com

  • Women of Sindhi community carry earthen pots on their heads during a religious procession to mark the end of Chaliho Sahib Festival in Ahmadabad, India, Tuesday, Sept. 18, 2007. Chaliho Sahib is a forty day fast observed by the Sindhis. After the fast is over the occasion is celebrated as Thanks Giving Day with lots of gusto and festivities.
  •   blog it

    سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي

    سيپٽمبر 15, 2007 at 6:59 pm | Posted in Folklore, Poetry, Sindh, Sindhi, سنڌي | 2 رايا

    سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي

    سائين دانش نواز گھنگھرو، منهنجي بلاگ، ”ڪي اُمي ڄاڻو…“ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي لکن ٿا ته کين سُرڻو جيوَ گيانَ سان شونق آهي. (سرڻو جيوَ ٿدي Dirk Huijssoon رت واري جانور کي چئبو جيڪو پٽ سان سُري هلندڙ آهي. سُرڻا جيوَ ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪُ ته نانگ جهڙا پيٽَ هلندڙ جانور ــ سُرڻي جانور جو انگريزيءَ ۾نالو ئي پيو آهي ’ريپتائيِلُ‘، معنا پيٽَ تي هلندڙ جانور، توڙي پيٽ هلندڙن جي ٻي ڌارڪَ ۾ هاڻ واڳن جهڙا جانور پڻ ليکبا آهن. سُرڻو جيوَ وشيشَ گروهَه ۾ ٻيو ڏيڏرن جهڙا جَلَ ٿَلَ واسين جا وِشيش شامل آهن.

    (مٿيون فوٽوُن سچن جوڳين جو نه ليکبو، سچا جوڳي نانگن جو تماشو نه ڪندا آهن، هٿان نانگن کي مانُ ڏين. اڄ ڪلهه ماني ٽڪر لاءِ ماڻهون ڇا ڇا نه ٿا ڪن).

    سائين گھنگهرو ٽي ڳالهيوُن ڪيون ــ Continue Reading سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي…

    چيٽي چنڊ

    مارچ 20, 2007 at 12:06 pm | Posted in Autobiographical, Folklore, History, Sindh, Sindhi | 5 رايا

     

    انسان اٽڪلَ يارهان هزار ورهيه اڳُ شڪار ۽ ميڙڻ مان گذر ڪرڻ بدران پوکَ شروع ڪئي. ڪي آباديون وري به خانه بدوش رهيون جو پاڻي جا وسيلا ڪِن هندن تي ڪونه هيا.

    From Wikipedia entry on moon

    اولائڪي انسانَ مهنا چنڊ جي چڪرن تي ٻڌا. چنڊ ڌرتي جي گول اٽڪلَ ساڍن اڻٽيهن ڏيهنِ (29.53059 days) ۾ ڦيري پائي ٿو. جڏهن ڦيري پوري ٿيسِ ته ساڳيو سمورو يا اڌورو ڏيک اچيس. هونئن اهو به ٻين سيارن جي ڇڪَ ڪري ٿورو گھٽ وڌ ٿيندو آهي.. 1900 عيسوي سال ۾ اهو چڪر 29.5305886 ڏينهن هيو ۽ 2100 ۾ 29.5305891 ڏينهن ٿيندو. (گھڻا هزار ونڊيل سيڪنڊَ ٿيا؟).

    (اصلَ ۾ اهو چنڊ جو چڪر تارن جي هندن جي ليک سان ماپجي ته اٽڪل27.32 ڏينهنِ ۾ پورو ٿئي، پر ڇو ته ڌرتي به هڪ هند ڪانه بيٺي آهي، سج ۽ درتي جي ليک جي حساب سان اهي اٽڪل 29.5 ڏينهن لڳن جو تنهن دوران ڌرتي به اڳتي هلي ويئي آهي).

     

    Continue Reading چيٽي چنڊ…

    شطرنج جي راند ۽ قديم سنڌ

    جنوري 23, 2007 at 10:26 pm | Posted in Archeology, Folklore, Sindh, Sindhi | 2 رايا

    moenjodaro-shatranji.JPG

     

    انسان اوهدار جانور (جنهن کي انگريزيءَ ۾ ميمل چوندا آهن) جو هڪ قسم آهي. رانديون خاص ڪري اوهَدار جانور ٻارنِ جي قابليت وڌائڻ لاءِ گھڻو قدرُ رکنديون آهن. انسان جي وجود ۽ پکيڙ ۾خيالي سمجھَ abstract intelligence جي وڌائو جو وڏو ڪردار رهيو آهي. شطرنج هڪ اهڙي راند آهي جنهن سان خيالي سمجھ جو گھڻو واڌارو ٿئي.

    موئن جي دڙي مان جيڪي رانديون لڀيون آهن تن مان شطرنج جو هڪ اولائڪي نمونو پڻ مليو آهي. (ڏسو مٿي فوٽوُن. اهو هيٺين ڪتاب مان آهي جنهن ۾ دڙي جي ٻين راندين جا پڻ فوٽا ملندا). Continue Reading شطرنج جي راند ۽ قديم سنڌ…


    Entries and رايا feeds.