سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو

مارچ 23, 2008 at 2:07 pm | Posted in Autobiographical, Education, Language, Sindhi, سنڌي | 14 رايا

سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو ۽ اُڙدوُ

بلاگَ لکي ڪيئي مهنا گزريا آهن. ڪيئي وارَ بِلاگُ لکڻ شروع ڪيوٿمِ پرَ وري پورو ڪرڻ جو وقت ڪونه مِليو آهي. پوئين ڊسمبرَ ۾ توُنسِيا، ۽ ويجھڙائيءَ ۾ دُٻئيِء ۽ ايرانَ وڃڻ ٿيومِ. اِنهن ڏيهنِ بابت پنهنجا ويچارَ اڃا لِکڻا اٿمِ. هڪ وار تعليمَ جي مقصدن بابت بِلاگ لکڻ شروع ڪيُو هومِ ته سائڻِ بينظيرَ ڀٽي جي قتلَ جي خبر مليِ ۽ اِهو بِلاگُ پڻِ اَڌوُرو رهجي ويو جو تنهن ڏُک ڀري دُرَگھَٽنا ڪري سنڌَ جي آهُن ڀري وائيويلا ٻڌڻ لاءِ خبرُنِ ۾ پنهنجو سمورو موهُ پئجي ويومِ. تِنِ ڏينهنِ ۾ پاڪستان جي ٽي ويِ پِڻِ پهريون ڀيرو ڏٺمِ. هتي خبرُن لاءِ سنڌي ڪسيِ (چينلُ) ”ڪي ٽيِ اينِ“ ڳنڍَ ڄارَ تي ايندي آهي پرَ تنهن وقتِ اِنهيءَ ڪسيِءَ تي سنڌَ جي ڪا خبرَ نه پي ڏنئوُن.

منهنجي زالَ ٻنِ ڏهاڪڙن مٿي گذري مانکي پهرين وارَ اڙدوُ اخباروُن پڙهندي ۽ اُڙدوُ ٽيِ ويِ ڏسندي عجب کادو. پڇيائين، ”اڙدوُ اڃا سمجھڻ سولي لڳيئي؟“ پوين ٽيهنِ ورهين ۾ رڳو ورلي سرلي ڇَٽَ ڇه ماهِ پڙهي هوُندمِ. وقتُ ٿورو هوُندو اٿمِ. انگريزي ڇڏي، سنڌي پڙهڻ جو شونق هوُندو اٿمِ. اڙدوُ پڙهڻَ لاءِ وقتُ ڪونه ڪڍندو آهيان نه ڪا اڙدوُ ڳالهائيندڙن سان گھڻي سنگتَ رهيِ اٿمِ. ڪجهه جرمنِ به سکي هيَمِ پرَ اُها هاڻ گھڻي ڀاڱي ڪتب نه آڻڻ ڪري وسري ويئيِ ٿمِ. Continue Reading سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو…

ڪي اُميِ ڄاڻوُ ته ڪي پڙَهيلَ اَڻَ ڄاڻَ

مَي 14, 2007 at 4:39 pm | Posted in Autobiographical, Education, Language, Sindh, Sindhi | 16 رايا

 

ڪي اُميِ ڄاڻوُ ته ڪي پڙَهيلَ اَڻَ ڄاڻَ

جانوءَ جي ساڃاهه

 

 

جيئين ڪنهن اڳين بِلاگ ۾ ڳالهه پي ڪيمِ، مان اٽڪل سَتن ورهين جو هومِ جو اسان ڪراچيءَ مان لڏيSindhi parrot (pic from Wikipedia) آياسين شڪارپورَ. شڪارپور پڄندي ڪو پوئتي پيل شهر لڳُم. رستا ڀڳلَ، کُليل ڪِن جون ناليون، پاڻي هٿ جي پمپب سان باڙديءَ (بالٽيءَ) ۾ ڀري سنانُ خاني تائين ڊوهي وڃڻو ، فرج بدران گھگينِ مان پاڻي پيڻ، اونهاري جي گرميءَ ۾ ڪمري بدران انڱڻ ۾ يا ڇِتِ تي سُمهڻ، وغيره… لڳو ڄڻ ڪنهن ٻيءَ صديءَ ۾ ماڻهو پڳو آهي.

اِهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ.. پرَ وري اِهو به پڌرو هيو ته شڪارپوري هوا ڏاڍي صفا هئي جو ڪراچيءَ واري آلايشَ ڪانه هيسِ. ڪراچيءَ ۾ اسان جي بنگلي جي هڪ پاسي ڪوٺيون هيون جن جي سامهون رِڪشائُن جي مرمت جا ڪارخانا کليل ميدان ۾ پَڳُٿي (پيادن جي پنڌ جي دڳ ) تي هيا. ڪراچي شهر جو ڪير ڌڻيِ ڌوري ته ڪونه هيو جو پڇين ته ڪن قائدن قانوُنن جو لهاز ڪيو، پيادا ڪاڏهون لنگھهُ ڪندا! انهن ڪارخانن ۾ رڪشائن جي اِنجڻ کي ڪنهن گاسليٽ ۽ پِٽرول جي گاڏُرُ ساڏُڙُ ڳاريِندڙَ سان صاف ڪندا هيا تنهن ڪري ڏينهن جو هوا ۾ آلايشَ گھڻي وڌي ويندي هئيِ. انهيءَ ڳاريندر جو ڪمدارن تي ڪهڙو اثر، تنهن لاءِ ڪا ڪَرتاريِ سلامتي اختياري ته ڪانه هئي. Continue Reading ڪي اُميِ ڄاڻوُ ته ڪي پڙَهيلَ اَڻَ ڄاڻَ…

هوائيءَ جا وِردَ

اپريل 22, 2007 at 10:52 pm | Posted in Autobiographical, Education, Language, Sindhi | 4 رايا

 

هڪ نظر هيڏاهن ــ ڪن لفظن جي معنا لاءِ هِت ٺَڙڪَ هڻندا https://shikarpuri.wordpress.com/glossary

هاڻ هِت سيارو پوري ٿي مهنو ٿي ويو آهي. ڏينهن اڃا ڊگھا ٿيندا وڃن پيا ۽ سجَ جون ڪِرڻون به هن ڀومي ڀاڱي جي تَرَ تي وڌيڪَ اُڀيون ڪِرن پيون جنهن ڪري ڏينهن تپندا پيا وڃن. وڻن جون ٽاريو ن ڦٽيون آهن، مينهن گھڻا وسنِ ۽ جاتي ڪاٿي گلَ ڏسڻ اچن.

هتان جي سياري جي سَٽَ کان ڊسمبر پڇاڙي ۽ جنوريءَ منڍَ ڪيئي ڀيرا مان پنهنجي ڪُٽنب سان هوائي رياستَ ويندو آهيان. هوائي آمريڪا جي اولهه سمنڊَ ڪناري تان اٽڪل ٻه هزارَ ميل َ يا ٽي هزار هزاريِ ميِٽر (ڪِلاميٽرَ) پري وڏي سمنڊ وچَ ٻيٽن جو ميڙُ آهي. هوائيِء رياستَ جو وڏي ۾ وڏي ٻيٽ جو نالو پڻ هوائي آهي جنهن ڪري ميڙَ ۽ رياستَ جو نالو هوائيِ پيو. هوائي ٻيٽَ جي ايراضيِ لڳِ ڀڳِ ڏهه هزارَ چورس هزاريِ ميٽرَ آهي. ميڙَ ۾ ست ٻيا ٻيٽ آهن جن مان ڇهن تي ماڻهون پڻ رهنِ. هونئن ٻيا گهڻا ئي ننڍڙا ٻيٽ، ٻيٽڙيون ۽ ڇِپون آهن جن سڀن جي ايراضي ملائي ٽيهن هزارن چورس هزاريِ ميٽرن کان ڪجھه گھٽ بيهي. هوائي رياست جا اڄُ ٻارهان لکَ ماڻهون رهواسي بيهن، تنِ مان اوآهوُءَ ٻيٽ تي اٽڪلَ اٺ لک رهن. اوآهوُءَ جي ايراضي ڪُلِ پندراهان سوَ کن چورس هزاريِ ميٽرَ (ٻيٽَ جي ڊگھي ۾ ڊگھيِ ماپَ تي لامَ ڪُلُ ايڪهَترَ هزاريِ ميٽرَ). Continue Reading هوائيءَ جا وِردَ…

آبي چڪر

مارچ 18, 2007 at 5:48 pm | Posted in Education, Language, Sindhi | پنهنجو رايو ڏيو

 

Water cycle

Continue Reading آبي چڪر…

قلم تازو ـــ ٻولي ۽ نوان لفظ

مارچ 8, 2007 at 8:06 pm | Posted in Autobiographical, Language, Sindhi | پنهنجو رايو ڏيو

 

چئن ڏينهنِ کان تپ چڙهيو بيٺو آ. سچ چوندا آهن ”مرض اچي گھوڙي وانگي وڃي جوُن وانگي.“ هونئن هيءَ مند به اهڙي آهي جنهن ۾ زڪامُ تپُ وڌيو وڃي. جينئين چوندا آهن، ”ڦَڳُڻُ ڦوُسارو، راتيان سيارو، ڏينهان اوُنهارو.“ ڦَڳُڻُ، سنڌيِ تپڻي موجب (جنهن تي فصلي سال ٻڌبو) ڇهون مهنو. انهيءَ مهني ۾ گرميءَ جو اچڻ شروع ٿئي. ڦوُسِرُ ، ڦوُسرَ ــ بد افعال، ڊاڙي، ٻٽاڪي، ڦوسيون ڏيندڙ. Continue Reading قلم تازو ـــ ٻولي ۽ نوان لفظ…

سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي تي سوچَ ويچارَ، ٽيِڪنِ جي اولِڙائي

فيبروري 24, 2007 at 10:27 pm | Posted in Education, Language, Poetry, Sindhi | 2 رايا

 

 

گھر اڳيان ڏهن ڏينهن کان بلاگ ڪونه لڳايو اٿمِ. شمپين شهرَ ۾ برف ڪجھه ڳري آهي جو ٻڙيءَ کان مٿي سيونڀاڱي درجا تپش ماپ ڏينهن جو ويندي رهي آهي پر رات جو يَخَ ڄمي جو ٻڙي کان وري تپش ماپ هيٺ ڪري.

بلاگُ شروع ڪئي مهنو ٿيو هوُندو ۽ ڪي ٽِيهاڪو ٽيِڪا ماڻهنُ هيل تائين ڇڏيا آهِن جنِ مان سنڌي ٻوليءَ بابت ڪيترا آهن. تنهن ٽيڪا ٽپِڻيءَ تي پنهنجا ڪي سوچَ ويِچارَ ٻڌايان ٿو. هوُنئن لکندڙن جو مقصد ڇا هو ۽ منهنجي سمجھَه سندن ٽيِڪنِ کي ڪينئن اولِڙايو، اهو چئي ته نه ٿو سگھجي. ڪا ڳالهه وِڻسَ لڳيوَ ته ٿورائتو ٿيندُمِ جي وڌيڪ ٽيِڪا ٽِپِڻيِ ڪندا. Continue Reading سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي تي سوچَ ويچارَ، ٽيِڪنِ جي اولِڙائي…

ظ ظالم، ز زالَ ته پوءِ ذ ڇا لاءِ

فيبروري 3, 2007 at 9:33 pm | Posted in Language, Sindhi | 5 رايا

chinese.jpg لِپيوُن (تختيون) ٻولين وانگر رڳو ڪنهن وديا يان رٿ موجب اصولن سان نه پر انساني تخليق سان ٺهيون آهن ۽ تاريخ جي حادثن جون شڪار آهن. انگريزي جي هجي انهي ڪري ڏاڍي ڏکي ليکبي آهي. ڪم ايندڙ اڄ لپيون ٻن قسمن جون آهن. هڪ اُچارن تي ٻڌل (آوازي ايڪن يا ’فونيم‘) لپيِ ۽ ٻي لفطن جي خيالي مورت هڪ شڪلي حرف (’ڪيريڪٽر‘) سان ڪندڙ لپيِ. لڳ ڀڳه سڀ ٻوليون اُچارن تي ٻڌلَ لپي ڪتب آڻن ٿيون پر چيني ۽ اولائِڪي ڪورين لپيوُن لفظي موُرتين تي ٻڌل آهن. جاپاني ٻنهي نمونن کي ٻڌي پنهنجي لپي جوڙي آهي ڇو جو سنڌي وانگر لفظن جي پڇاڙيءَ جو آوازُ انهيءَ ٻولي ۾ وڏي معنا رکي ٿو. چيني لپي، جنهن مان اهي سڀ لفظي حُرفَ لپيون نڪتيون، انهي ڪري ٺاهي ويئي جينئن شهنشاهه جا فرمانَ ٻيون ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙَ سمجھي سگھن. اهڙين ٻولين پڙهندڙن لاءِ ڏکيائي وڏي اها آهي ته سمجھڻ لاءِ هزراين حرف ياد ڪرڻا پون. وري جڏهين نئون لفظ ڏسجي ته خبر ئي نه هجي ته انهي جو اُچار ڇاهي، ۽ نوَن لفظن جوڙڻ يا ٻين ٻولين مان اوڌر وٺڻ جي گھرج سدائين رهي.

اُچارن تي جوڙيل لپيون حُرفن کي انهي ٻوليءَ ۾ موجود آوازي ايڪن تي سِٽين ٿيون. اهو ضروري ناهي ته هڪ حرف هڪ آوازي ايڪي لاءِ ڪتب آندل هجي. گھڻائي ڀيرا ٻه ٽي حرف ملائي هڪَ آوازي ايڪي لائي بيهن، مثال ’th‘. اينئين ڪرڻ سان Continue Reading ظ ظالم، ز زالَ ته پوءِ ذ ڇا لاءِ…


Entries and رايا feeds.