بيدل ۽ رام پنجواڻي

نومبر 24, 2007 at 8:27 pm | Posted in History, Poetry, Sindh, Sindhi, سنڌي | 2 رايا

فقيرُ بيدِلَ جو عُرسُ،

پوئين هفتي پڙهُيمِ سُڀان کان (نومبر 25) وٺي ٽي ڏينهن فقير بيدل جو عُرسُ ملهايو پيو وڃي. فقير جي حياتي ڏاڍي ويچار جوڳي آهي. جوانيءَ ۾ فقيرُ پنج وقتَ نمازي هو. مسيِت ويِندي اجرڪ مٿي تي ورائي مُنهُن ويڙهي هلندو هو تي متان ڪا اهڙي شئي يا آدم ذات آسي پاسي ڏسڻ نه اچي جنهن سان هِرکي وڃي. پَرَ ليکو ڪيرُ مٽائي نه سگھي! هڪَ ڏينهن نماز پڙهڻَ ويو پي ته هوا جو جھوڪو لڳو ۽ مُنهَن تان نظر ڍڪيندڙُ لٽو لٿسُ. پاسي ڏسي ته ڪنهن جوان ڇوڪري تي نظر پينِ. سو دلِ لڳي ڪيرُ جھلي؟ ڏاڍو سُهڻو لڳُنِ ۽ تنهن سان دل ۾ يڪدمَ عشق مجازي جاڳيُنِ. تڏهن نماز جو خيال لهيِ ويُنِ ۽ ڌرم جون رسموُن وري نه ياد ڪيائون. انهيءَ کان پوءِ فقيِري جي واٽ ڌاريائون ۽ عشق حقيقيءَ جي ڪنهن وڏي منزلَ تي پُڳا. سو پهتل فقير ٿو ڏات ڏي

مذهبَ واري قيدَ کون بيدل

عشقُ ڪندءُ آزادُ

عشقَ جي صوفياڻيِ راهَه ”همه اوُست“ (سڀ هوُ آ؛ همه معنا سڀُ) سڃاڻڻ جي واٽ. تنهن واٽ ۾ ڌرمَ جا جھيڙا جھٽا ترڪ، رڳو هيڪائي هيڪاند (هيڪاندُ ـــ گڏجاڻيِ، هِڪ ٿيڻ واري حالت) جي ڳولها. فقير سائين ٿا ٻڌائِن Continue Reading بيدل ۽ رام پنجواڻي…

Advertisements

قلم تازو ــ جي پُڇڻا سي نه منجهڻا

نومبر 9, 2007 at 11:57 pm | Posted in animals, Autobiographical, Education, Folklore, Poetry, Sindhi, سنڌي | 4 رايا

(ڦريل رنگ وارن سٽن تي ٺرڪَ هڻي ويب ڪڙيءَ تي وڃي سگهندئو)

ڏسُ ــــ پڙاڏو سوسڏُ ُ

ٻُلهڻِين بابت سنڌي شعر ڏسڻ آيُم. (ٻهوُن معنا وڏي انداز سان، نمونن سان)

ٻَهوُن گھمن ٻُلهڻيون ساڻ تنين سير (حفيظ)

جيئين ڳالهه پي ڪيم، ٻُلهڻين کي ٽِپڻ ڪُڏڻ ۽ سير ڪرڻ جو گھڻو شونق هوُندو آهي؛ جيڪا ڳالهه ڏسندي شعر سائين حفيظَ جي دل ۾ آيو هوُندو جنهن جي تُڪَ مٿي ڏنلَ آهي. حفيظ ۽ سندس شاعري بابت ڪا ڄاڻ نٿم، ڪو پڙهندڙ سڃاڻين، ته تِن بابت لکندا؛ جي اِهو شعر اڳتي وڌيڪ اچين ته لکي ٻڌائيندا. مٿين تُڪَ (شعر جي سِٽَ) جامع سنڌي لُغتَ ۾ ڏٺم. جي ڪنهن صاحبَ يا صاحباڻيءَ کي ٻُلهڻين بابت ٻين سنڌي شعرن يا سنڌي لوڪ آکاڻين جي ڄاڻ هجي ته ٻڌائيندا.

آمريڪا سميت گھڻن ئي ملڪن ۾ ٻلهڻين جي شڪارَ تي پابندي لڳائي ويئي آهي. افسوس ته جپان ۾ اڄُ به سامونڊي ٻُلهڻين جو شڪار ٿئي. انهيءَ ڳالهه کي گھڻا ماڻهوُن هاڻ واهِڻو (جھنگلي، بي رحمي) سمجھندا آهن. تنهن ڪري هر سال اعتراض وٺندڙ جپان وڃي مُظاهرا ڪندا آهن ته جئن ماڻهن ۾ احساسُ وڌي. هيٺين وڊيو اهڙن اعتراض وٺندڙن جو هِڪُ تازو ڌرڻو ٿي ڏيکاري

http://video.nationalgeographic.com/video/player/news/animals-news/japan-dolphins-apvin.html

ڏَسُ ـــ آمريڪا وڃڻَ جيِ ٽِڪَسَ

سائين فرهان شيخَ لکن ٿا ته شاه ڪريم بلڙي واري جو بيت هِن ريتِ آهي

جي پُڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وِيرَ،
جو لَکَڻُ ۾ ماڙُوهِين ، سو ڪُلَکَڻُ ۾ کير

لَکَڻُ جوُن ٻه معنائون مِلن ٿيوُن ــــ هڪ پرکڻ، ڏسڻ وائسڻ، جانچڻ؛ ٻيو عادت، ارڪان، خصلت. لغت موُجب مراد ٻي معنا آهي. ڪُ لفظن اڳيان گڏبو آ ٻِن مان هڪ معنا ڏيڻ لاءِ ـــــ هڪ بڇڙو، ردي، ناچڱو (جِئن ڪُسَنگُ)؛ ٻيو بي، بِنا، کانسواءِ. ڪلُکَڻ معنا ڪُلَڇڻُ، يا جيڪو بي لڇڻو هجي. کير تي آوازي نشان ناهي ڏنل، پرَ ڀانيان ٿو ته بيتَ جي تُڪبنديِ موُجِب اِهو کِيرَ هجڻ گھرجي، جنهن جي معنا مبارڪ (ڏيڻ)، واڌائي (جنهن لفظ جو جمع کيروُن آهي). سو بيتَ معنا (عام) ماڻهن ۾جِن ماڻهن کي اِها خصلت آهي، سي جڻ بي لڇڻن ۾ واڌائيءَ لائق ٿيا.

اِها ٿي منهنجي سمجھ بيتُ پڙهيِ، پرَ ياد رکجي مان سنڌي ٻولي نڪو سنڌي شاعري ماهِرُ آهيان، جيون وِگياني ۾ ڪاٽيو ٿمِ. سو تنهن سمجھ سان بيتَ جي پهرين تُڪَ جي معنا اکر به اکر موتي لعل جوتواڻيءَ ترجمو ڪندي ڏِني. ٻيءَ تُڪَ جو ترجمو تمثيليِ ٿو لڳيمُ. اڳتي اديبن کي وڌيڪ ڄاڻ هوُندي.. هيءَ سَمڀَوَ به آهي، متان سائين جوتواڻيءَ کيِرَ بدران کيِرُ لفظ سمجھيو هُجي. اهڙن ڳالهين ڪري سنڌيءَ لاءِ سنڌي عربي لپيِءَ جي ڪوتاهيِءَ جي اَنڀَوء اٿمِ ڇو ته لپيِ زيرُن زبرن هڻڻ تي زور نه ٿي ڏي؛ هٿان اِنهن کي قلمَ سان لکڻ لاءَ وڌيڪَ گھڪا کَپن جنهن ڪري ماڻهون عام تور لکڻ ڇڏي ٿا ڏين.

(لپين بابت ڏسندا منهنجو بلاگُ ظ ظالم، ز زالَ ته پوءِ ذ ڇالاءِ )

بيتَ تان ڳالهِه ياد ٿي اچيمِ…. جڏهن آمريڪا ڪاليجَ پُڳُمِ ته گڻت گياني متن اَپاري ڪٿَ (”ڪيلڪيوُلسَ“) جي ڪِلاسن جو سٺو ڏکيو سِلسِلو کڻڻو پيم. وگياني ۽ انجنري متنن لاءِ اَپاريِ ڪَٿَ ماهري لازم آهي. اَپاري ڪٿ پاڙهيندڙُ وڏو مشهورُ پروفيسر ڊين نالي هيو. آئي ڪي هفتا ٿيا هوُندا، پروفيسر ڊينَ ڪنهن ٻي پروفيسرَ کي منهنجي نالي چيو ته هيءُ ڇوڪرو ڏاڍو هوشيار آهي. مان به پاسي ۾ بيٺو هومِ. چيومانسِ،” سائين! هتي ته سڀ ڇوڪرا ڏاڍا هوشيار آهنِ.“ (جنهن يونيورسٽيءَ ۾ مان بيچلرَ لاءِ ويُو هوسِ سا آمريڪا جي ڏُکي ۾ ڏُکي يونيورسٽي ليکبي آهي). چيائين ”مسئلا سَلڻ ۾ سڀِ هوشيار آهنِ، پر ڏنل مسئلا توڙي ڏکيا هُجن، سي سلڻ سولو آهي، چڱا سوال سوچڻُ ڏُکيو. چڱا سوال پُڇَڻ وارا ڪي ڪي هوندا آهن ۽ سي ٻين کان گھڻو اڳتي ويندا. تنهنجا سوالَ اوُنهيِ سمجھه ڏيکاريندڙ هوُندا آهن.“ اِنهيءَ ڳالهه مانکي تڏهن ايتري تَپرَسَ ۾ وڌو جوسا ڳالهه اڃا ياد بيٺيِ اٿم؛ تنهن اڳُ سوچيو هوم ته ڏکيا مسئلا سَلڻ وڏي هوشياري جي نشاني آهي. هاڻ هِنَ وڏي پروفيسرَ جو چوڻ هو ته اوُناهيون کوٺيندڙ سوال سوچڻ تنهنکان اڃا ڏکيو. تنهن ڳالهه کي ٽيٽيهه ورهيه ٿيا. اڄُ پنهنجن شاگردن ۾ اِها خاصيت ڏسڻ جي ڪندو آهيان؛ بيشڪ تنهن تجربي ڪار پروفيسر جي ڳالهه منهنجن پنهنجن تجربن سان به ملي ٿي ۽ تنهن ڪري پڪ سان سچُ لڳيم.

خيرُ. ”جي پُڇڻا سي نه منجهڻا “ اڄُ به مشهور سنڌي پهاڪو آهي. سوچيُم پي ته الاجي هيِءَ سورهين صديءَ کان اڳُ به چوڻي هئي جيڪا بلڙيءَ واري شاهه سائينءَ ڪتب آندي؛ يا وري اها چوڻي شاه بلڙيءَ واري سائين جي بيت مان نِڪتيِ. ڪو سورهيِن صدي کان اڳ جي ڪتاب اهڙي ملي جنهن مان اِها سُڌَ پوي!

شاه ڪريم بلڙيءَ واري بابت ٿوري لکَه هيٺين ويبَ ڪڙيءَ تان ڏسندا

http://www.voiceofsindh.net/sindhiadab/articals/33.htm

پڙاڏو سو سَڏ

نومبر 3, 2007 at 11:22 pm | Posted in animals, Folklore, Sindhi, سنڌي | 5 رايا
Tags: , , , , ,

سنڌو ٻُلهَڻِ جي وِساڻي

انسانن جي ناداني، لوڀَ ۽ آهِنڪارَ ڪري ڪيترن ئي جانورن ۽ پودن جي وِشيشن جي وِساڻي اڳئيي ٿي ويئي آهي. ڪي هفتا ٿيا ته بيِ بيِ سيِ خبر ڏني ته قدرت بچاءُ جڳَ ايڪتائيءَ (” اِنٽرنيشنل يونين فار ڪانسرويشن آف نيچرُ“) پنهنجي رپورٽَ ۾ سورهان هزار کان مٿي اهڙن وشيشن جي فهرست ڏني آهي جيڪي وِساڻيِءَ جي اوُنداهيِءَ جي دَرَ تي بيٺيون آهن.

http://www.iucnredlist.org/

وِساڻي هميشه لاءِ ٿئي، جيڪي جانور ۽ پودا ڪوڙين ورهين کان هن سنسارَ ۾ هلندا هليا آهن تِنِ جا اَنگ ايترن ٿورن صدين اندر گھٽبا ويا ٿين جو سندن قِسمَ وري ڪڏهن هِن ڌرتي تي وِک نه کڻندا. اِهڙين وساڻين جا ڪيترائي بڇڙا اثر پون ٿا

ــ اسان جوُن ايِندڙَ ٽهيوُن اِهي يگاني جاندارَ ڏسڻ کان نِراس رهنديوُن، تِن لاءِ قدرتَ جو رنگ ٿورو گھٽُ، ۽ جهان جاhttp://farm1.static.flickr.com/161/430896905_4facef304d.jpg?v=0 نِرالا آواز ويتر خاموش هوندا ــ ڄڻُ وَرکاڪَ (ورکا يعني مينهن جي اِنڊ لٺِ) مان ڪي رنگَ کُٽلَ هجن. رڳو اِنهن جيُوَ دارن جا فوٽا ڏسي سگھبا. پاسي فوٽوُن ڏکڻ آمريڪا ۾ سئر ڪندڙن جو آهي جيڪي اميزان نديءَ ۾ ٻيڙيءَ تي ٻُلهَڻِ ڏسڻ وڃن پيا. قدرت ۾ جانورَ ڏسڻ سان انسانن جي گھڻي روح رهاڻ ٿئي ٿيِ ـ اهڙن سئر ڪندڙن جي سِٽَ ڪري مقاميِ ڌنَ ۾ مليَنن ڊالرنِ جي اُپت پوي. سنڌي محمان نواز ماڻهون دنيا جي لکين سئر ڪندڙ شوقينن جي محماني ڪرڻ کان نِراس رهجي ويا آهن جيڪي اهڙا يگاني جانور ڏسڻ لاءِ گھڻا پنڌ ڪن ٿا. Continue Reading پڙاڏو سو سَڏ…


Entries and رايا feeds.