سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ

آڪٽوبر 23, 2007 at 9:33 pm | Posted in Sindhi, Uncategorized, سنڌي | 2 رايا

 

سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، ماروُ جي مَلِيرَ جا

هِنَ بلاگَ لکڻ جو خاص مقصد سنڌ جي ماڻهن سان ويراڳي مجلسَ ڪرڻ هومِ. تنهن ڪري هجوَ آميز ڳالهه لڳندي اٿمِ ته پڙهڻ وارن مان اٽڪل ٽيون ڀاڱو سنڌ مان ايندو آهي، ۽ لڳُ ڀڳُه ساڳيو ڀاڱو آمريڪا مان. ويراڳي سفر ڪندڙن جي ڏيهن جي نسبتَ ”سائيٽِ ميٽرُ“ هِن ريتِ ڏيکاري ٿو. Continue Reading سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ…

هيروشيما تي ويِچارَ

آڪٽوبر 15, 2007 at 4:42 pm | Posted in Education, Sindhi, سنڌي | 2 رايا
Tags: , , ,

هيروشيما تي ويِچارَ

پويان ٻه ٽي ڏينهن جاپان جي اُترادي ٻيٽَ هوڪائدو جي وڏي شهرَ سَپورو ۾ ڪاٽيا اٿمِ. ٽيوڏينهن آئي پهريون ڏينهن هو، تنهن ڏينهن ڪانفرنس اڃا شروع نه ٿي هُئي. منهنجي گهري شهرَ شمپينَ کان هتان جو وقتُ چوڏهن ڪلاڪ اڳتي آهي. جڏهن وقتَ جو ايڏو ڦيرُ هوُندو آهي، ته جي ٿي سگھندو آهي ته هڪ ٻه ڏينهن پري ديسَ ۾ ڪانفرسن جي منڍ وقتَ اڳُ پُڄندو آهيان جيئين وقت سان ڏينهن رات جي ڦير تي پاڻ هيرايان. سو پهريون هِڪُ ٻه ڏينهَن شهرَ جا پنڌ ڪندو آهيان ۽ تنهن جا باغ بازارون، گھٽيون عمارتون جو ڏيک ڪيان ۽ ماڻهنِ مرئُنِ جي هل چل  ڏِسان. Continue Reading هيروشيما تي ويِچارَ…

آمريڪا وڃڻَ جي ٽِڪَسَ

آڪٽوبر 7, 2007 at 10:13 am | Posted in Autobiographical, Education, Sindhi, سنڌي | 3 رايا
Tags: , , , , , , ,

 

آمريڪا وڃڻَ جيِ ٽِڪَسَ

سال 68 19 هوُندو. تنهن زماني ۾ ”ونِ يوُنِٽَ“ ڀڃڻ لاءِ سنڌينِ جي مَٿاڪُٽَ پي هلي. اُنهيءَ مُهِمَ سان مان به لاڳاپيلِ هومِ ۽ تنهن لاءِ وَسَ آهِرِ ٿورو ڪمُ ڪيُمِ . روز صبح جو ”جيئي سنڌ“ جا ٺپا ڪاگرَ تي هنيوُنِ سَڀنِ ٻارن کي قميِسَ جي گِيدي تي ٽانچيِءَ سان ٽُمبيِ پارائيندو هومِ. حيدرآباد ٻه ورهيا رهي ٿيا هوُندا، اَمان بابا فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ وڃڻ سان سلامتي وڌيڪ ٿيندي جو مانکي انهن ڳالهين کان هميشا لاءِ موڙي ڪيِنَ سگھندا. منهنجي وڏي ڀاءَ جي خلاف اڳيئي ”پاڪستان جي دفاع قانوُن“ هيٺ چَالانُ وِڌو هُئَون ۽ ٽيِپَ ڏيڻ لاءِ ڳولهيائوُنسِ پي (سيِ آئي ڊيِ مان چالان نڪرڻ وارو هو ته بابا کي ڪنهن سنڌيِءَ خبردار ڪري ڇڏيو هو. ٻه سال پوءِ منهنجي ڀاءُ مهراڻ انجنريِ ڪاليج جي ”اسٽوُڊنٽ يونين“ جو صدر چونڊيو ويو هو، تنهن ڪري قيدَ وڃڻ بدران غائب ٿيڻ کان اِنڪار ڪيائين).

هاڻي يارهين ٻارهين ورهين جي ٻارَ کي جو پاڪستاني رهزنَ جھلي وڃن، ۽ تڏهن نه ته ٻه ٽي ورهيهڪتاب جو مٿالُ پوءِ، تنهن اِمڪانَ کان پاسيرو ٿيڻ ڪراچيءَ لڏڻ جو فيصلو ڪيائوُن. سوچيائون ته اُتي سِڪوُلَ ۾ نه سنڌي هوندا ۽ نه اِهي ڳالهيون اُٿي سگھنديِون. هِنَ ننڍيءَ عُمِرَ ۾ پڙهائي ڏانهن ڌيانُ وڌيڪ ٿيِڻ گھرجيس ِ.

حيدرآباد جوُن ياديون ۽ ڪراچيءَ جي رهڻي ڪرڻيءَ بابت ڪنهن ٻي وقتَ لکندُسِ. اُتي اٺين درجي جو اَڌُ سال ۽ نائين ڏهين حبيبُ پبلِڪُ سِڪوُلَ مان ڪيمِ. اِهو سِڪوُل شيِعن کوليو هو ۽ هلائيندا هُيا. يارهين ٻاريهن ڏيارام ڄيٺمل سائينس ڪاليج مان ڪيم.

قسو ڪوتاهُ ــ جي شڪارپوُرَ ۾ سنڌي سنسڪرتيِ ۽ ٻولي جي ساڃاهَه آرنڀَ هئي، ۽ حيدرآبادِ ۾ سنڌي قومَ ۽ سياسي حالتن جي، ته ڪراچيءَ ۾ نه رڳو پناهگيرن جيِ سوچ پرَ ٻاهرين دنيا جي وڌيِڪَ پروڙ پيَم. Continue Reading آمريڪا وڃڻَ جي ٽِڪَسَ…


Entries and رايا feeds.