حسابي ڪلن (ڪمپيوُٽرن) جو آئيندي

آگسٽ 31, 2007 at 1:09 pm | Posted in Uncategorized | 1 راءِ

 

Siebel Center for Computer Science University of Illinoisڪي ڏينهن ٿيا مان پنهنجي يونيورسٽيءَ (اِلانائي جي يونيورسٽي اربانا شيمپينَ) ۾ ايندڙ نوَن وديارٿين کي حسابي ڪَلن (ڪمپيوٽرن) جي آئيِندي تي وياکياڻ ڏني. توڙي اها وياکياڻ انهن لاءِ هئي جيڪي حسابِي ڪَلَ گياني ۾ پِي ايچ ڊِي جي سنَدَ لاءِ ڦولا ڪرڻَ اِتي آيا آهن، انهي وياکياڻ جا پهريان اٽڪل ڏهه منٽ هر ڪو گھڻي ويتر سمجھي سگھندو. (پاسي فوٽوُن يونيِورسٽيءَ جي حسابي ڪلَ گِياني کاتي جي عمارت جو آهي).

حسابي ڪلَ جي جوڙڪ ۾ نئون انقلاب اچڻ وارو آهي جنهن سان هڪ حسابي ڪلَ ۾ گھڻيون حسابي هليڻون هونديون جيڪي ڳڏو ڳڏ ڪمُ ڪنديون رهنديون. پوين سٺ ورهين ۾ عام حسابي ڪَلن ۾ رڳو هڪَ هلائـڻي (”پَراسيسرُ“) هوُندي هئي. هيِنئر عام حسابي ڪَلن ۾ ٻه چار هلائـڻُيوُن وجھندا آهن جِنِ تي وڌيڪ حسابي ڌاڳا ساڳي وقت هلي سگھن. ايندڙ وقت ۾ انهن هلائِـڻيُنِ جي ڳڻپ هر ڏيڍ ٻين ورهين ٻيِڻ ِٿيندي ويندي، تنهن ڪري وڌيڪ حسابي ڌاڳا هلائي سگھبا جنهن سان ڪلي دماغَ اڃا تِکا ٿيندا.

ساڳي وقتَ ٻيا به ڦير اچن پيا. هڪُ ته حسابي ڪلَ جنهن ڳنڍَ ڄار (اِنٽرنيٽ) سان لڳاپيل آهن تنهن جي وَهڪ ۾ حسابي ڪلن جي رفتارَ کان پڻ وڏا واڌارا ٿيا آهن. ٻيو ته هاڻي سهانگا پسڻَ ڪلَ ايجاد ڪيا پيا وڃن، جن سان رفتاري ڦير، دٻاءُ، تپشِ ماپ، روشني، وغيرا ماپي سگھجن ٿا. اهڙا پسڻ ڪلَ، حسابي ڪلن سان جڙيل هوُندا. انهيءَ قابليتَ ڪري پسڻ ڪلَ مادي شين (اوزارن، ڪلن، جاين، پُلن، وغيرا) سان جوڙي تِن شين لاءِ پنهنجي پاسي ماحول پسڻ ممڪن ٿيندو. انهيءَ سان حالتون پرکي، حسابَ هڻيِ، شيون سلامتي يا سُک لاءِ اُپاوَ پاڻ مرادو کڻي سگھنديون يا وري ماڻهن کي آگاه ڪري سگھنديون. مثال ته جي پُل ۾ ڪا ڪمزوري هجي ته مرمت ڪرائڻ لاءِ انجنرن کي پُلُ پاڻ اِطلا پڄائي سگھي.

منهنجي وياکياڻ کي هيٺين ويبَ ڪڙيءَ تي ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا؛ اِها انگريزيءَ ۾ آهي.

http://media.cs.uiuc.edu/DCS/2007-08/Agha_colloquium.asx

آئي ويلَ ٿيام

آگسٽ 20, 2007 at 6:41 pm | Posted in Sindh, Sindhi | 1 راءِ

 

پوئين بِلاگ لکي مُدو ٿيو، وچ ۾ چڱي وِٿيِ وڃي پئي. هِت اونهارو اچي پوري ٿيڻ تي بيٺو آهي. پويانview from cabin on a ferry in Greece مهنا هيڏاهن هوڏانهن جو سفر گھڻو رهيو.. سائيپرس، يونان، اِٽَليِ، جرمني، جاپان ۽ انگلستان جا سفر رهيا. فارسيءَ ۾ چوڻي آ، ”ملڪِ خدا تنگ نست، پائي گدا لنگ نست“ (ڌڻيءَ جي دنيا ننڍڙي ناهي، فقيرَ جو پيرُ ڀڳلُ ناهي“). سفر ناما لکڻ جي خاص عادت ڪانٿمِ. اول خيرُ، توءِ به ڪڏهن ڪي ڳالهيون ڪبيون. پاسي ۾ فوٽون يوناني جهازَ ۾ پنهنجي ڪمري جي دري مان سانجھيءَ مهلَ ڏيکَ جو آهي.

تيسين تائين، تازو آمريڪا ۾ سنڌين جي هڪ جمات پاران ٺاهيلِ ويبَ بلاگَ تي صوفين بابت سائين وحيد شيخَ جي مان سان ڪچهري وڌيِ اٿنِ جا هيٺين ويبَ ڪڙيِءَ تي ٻڌي سگھندا  (هاڻي اِهو ٻڌڻ لاءِ هيٺنين ويب ورق تي ”سانالينڊ“ نالي دٻي ۾ ”پوسٽس“ واري بٽڻ تي کاٻيِ ٺرڪ هڻندا ته  مينوُ ڏسڻ ايندو جنهن ۾ منهنجي نالي سان ٻه دٻا آهن تن تي ٺرڪ هڻندئو ته ڪچهري کلي ويندي ..)

http://www.ghpark.blogspot.com

 

ڀلو ميان! بِرهَ جا بارَ ڀلا.. وري ملنداسين

جنھن ويلي، وو، ھلو اِتاھون، ”سچوُ“ نانءُ سَڏيجو.


Entries and رايا feeds.