چنڊَ ڏانهن سفرُ

ڊسمبر 11, 2007 at 10:06 am | Posted in Education, Folklore, Sindh, Sindhi, سنڌي | 13 رايا

 

چنڊَ ڏانهن سفرُ

”وَلوُ! ماڻهوُن چنڊَ ڏي پيا وڃن.“painting by aleksei_leonov__andrei_sokolov

”سائين، ڪڏهن؟“

”سڀان اُتي لهندئي.“

ولوُ ڳوٺاڻو ڇوڪرو هو. هاريءَ جو پُٽ هو. ڪڏهن سِڪوُلَ ڪونه ويو هو. ڪراچيءَ اسان وٽ ڪمُ ڪرڻ مائٽن موڪليو هو. اسان جي گھر ۾ سدائين ڳالهه ٿيندي هُئي ته ڪنهن سِڪوُل ۾ موڪِلجيسِ. اٽڪل ڏهن ورهين جو هوُندو. سمجھو ته تڏهن مان جيڏي عمرِ هوُندسِ. کيس ڪا پروڙَ ڪانه هئي ته ڄمُ ڏينهن ڪهڙو، يا عمر گھڻي هوندي. ڪراچي ۾ پاڙي ۾ سرڪاري سِڪولُ اڙدوُءَ ۾ هيو (تڏهن خانگي سِڪوُلَ مهانگا ۽ تِن ۾ داخلا ڏُکي). ولوُءَ کي اڙدوُ ڪانه اچي. پناهگيرٻارن ۽ ماسترن جا مٿس گُھٻا هُجنسِ ها. پرَ انهن حالتن جي الائي ڪيتري ساڃاه هويم. هوشيار ڇوڪرو لڳندو هومِ. ارمان رهندو هومِ ته کيسِ ڪا اوسَرَ ڪانه مِلندي. ڪنهن شاعرَ جو ڪلام، جو سال ٻه ٿيا ته پڙهيو هوُندُم، ٿورو ڪجھه هِنَ ريتَ ياد اچيم…


مون جيڏيون ڪيڏيون اکيون

تِنِ ۾ لُڙڪَ هزارَ…

ڪراچيءَ ۾ سالُ رهيِ شِڪارپورَ مائٽن وٽِ موٽيِ ڀڄيِ ويو. الائي جيون ڪينئن گذريو اٿسِ… پاڪستان پنهنجن ٻارن جي تعليم بدران فوجُن تي خرچا ڪري. تنهن ۾ انساني ناتا به عجيب. فساد پسندن جي زور ڪري تِتي سياستدان وڏيون فوجون ڌارڻ ۽ ڏهاڪاءُ پکيريندڙ جھاز ۽ بمَ ٺاهڻ لاءِ وڏا خرچا ڪرڻ عيب نه سمجھن جيتوڻڪِ ٻارن لاءِ سِڪوُلَ کٽلَ ته ڪتابَ چٽِ، ماسترن جون پگھارون ايهڙيون جو سڃا…

چنڊ تي ماڻهون لهڻ جي خيال تي سوچ ۾ پئجي پيو. ڪُڇي، ڪيئن پيا وڃن؟ وڏي ڏاڪڻ ٺاهي اٿنِ؟ مان ڄانڀو (راڪيٽَ) بابت سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪئي. وڏي ڄانڀوءَ مٿان وڏو وِماڻَ ڏوڏو رکيائوُن جنهن کي ڄانڀوءَ ڌڪو ڏيئي مٿي آسمانَ چاڙهي چنڊ ڏانهن ڏوڙايو، وغيرا. ولوُ سوچ ۾ پئجي ويو. ڳالهه پوري سمجھه ۾ به پي آيسِ. ڀانيان ٿو وري به شڪيِ ناستڪ هيو. وري به سوچيائين ڏِسجي، متان هوُندو. .

چوٿين ڏينهن ولوُءَ مانکان اچيِ پُڇيو. ”سائين، اڃا ته چنڊَ تي ڪونه پُڳا آهن. ڪڏهن پڄندا؟“

ورايُم ته پڳي ٻه ڏينهن ٿين.

پُچيائين، ”اڃا اُتي آهن؟“

ورايُم ته لٿا، ٿورا ڪلاڪ رهيا ۽ هاڻ موٽن پيا. ..

چيائين، ”نه سائين! ڪاٿي؟ مان روزُ راتِ چنڊ ڏانهن پيو نِهاريان، مانکي ته ڏسڻ ۾ ڪونه آيا آهن. اِها اِئين ئي ڳالهه هُلائي هوُندن. اڳي ٻه ڳوٺ ۾ هُلايو هئائوُن ته سڄَ کي ڪانڌي ڏيندا، وڏي ڀت ٿا ٺاهين، سدائين اونڌاءِ ٿي ويندي“.(مٿي ڏنل رڱڻو وِڪي ڪوش مان کنيل آهي)

پوئين مهني آمريڪا جي قومي وِماڻَ گيان ۽ اوَڪاش انتظاميه )نيشنل ايروناٽڪس اينڊ سپيس ايڊمنسٽريشن“) جي ڪوٺاهيل وِگياني گڏجاڻيءَ لاءِ هوُسٽن شهرَ ويو هومِ. وِماڻَ گيان ۽ اوَڪاش انتظاميه (جنهن کي ناسا ڪوٺيندا آهن) سال 2020 ۾ چنڊَ موٽڻ جون تياريون شروع ڪيون آهن.

http://www.nasa.gov/mission_pages/exploration/multimedia/index.html

هِن وارَ پروگرامُ اٿَنِ ته چنڊ تي وِماڻڪا پانڌي (”ايسٽراناٽَ“) ڇهه مهنا کن چنڊ تي رهائجنِ جيئين ڪنهن ڳاڏيءَ ۾ چڙهي سڄيءَ چنڊ سَپاٽَ تي گھُمن. اِهو ڪمُ ڏکيو آهي جو چنڊ تي ڪي روڊَ ته ناهن، کڏوُن، ٺڪرَ، وغيرا ٿين. ڳاڏي ڀڳي ته ڪي مرمت ڪرڻ جا ڪارخانه ڪونهن. گھرُ ٺاهڻ جو به مسئلو آهي جو نه اُتي پاڻي نه سِران (وِچولي ـــ سِروُن) نه ڪاٺ… ساه کڻڻ لاءِ هوا به ڪانهي، ڌرتي مان هوا کڻي وڃڻي پئي ۽ اِنهي کي ورائي ڪتب آڻڻ جهڙي ڪرڻي پوي.

اهڙا وڏا مقصد سماج لاءِ رسالتَ بڻجي وڃن ٿا. تِن کي پڄاڻي ڏيڻ لاءِ ڪيئي ترڪيبوُن اُڪَتَڻِ (ايجاد ڪرڻيون) پون. وِگيانن جون ڪيئي گڏجاڻيوُن ٿِين. پهريان خيال يونيورسٽين مان گھڻو ڪري اچن، جِن تي جوان شاگرد ۽ پروفيسرَ ڪَمُ ڪن. مثال ته چنڊ هلڻي ڳاڏيءَ لاءِ چُٽَ هلي پئي. ڪِن اهڙيوُن ڳاڏيون ٺاهيون آهن جن ۾ ڦيتن سان گڏ پيرَ به هجن جيئين ڪاٿي ڦاسي ته ڌڪو ڏيئي ”پيرُ“ کڻي گاڏي نڪري سگھي. چنڊ تي ڇو ته هوا ڪانهي، گھرُ رپڙَ جو ٺاهي سگھبو جنهن کي ڪنهن طوفان جي لوڏي لڳڻ جو ڀَءُ نه هوُندو. تنهن گھر کي چنڊ تي هوا دٻائيدڙُ ڪلن مان ڦوڪي وڏو ڪري سگھبو. اوهان اِنهيءَ پروگرام بابت ناسا جي مٿين ڪڙيءَ تي پڙهي سگھو ٿا.

هرَ وگياني اُڪَتَ (ايجاد) کان پهرين تنهن جو تصَورُ پيدا ٿيندو آهي. وگيانن کان پهرين نقاش اديب، شاعرَ، رڱڻيندڙ،//sindhilanguage.com/learnsindhi.html وغيرا اُنهي ڳالهه جو تصور ڪري چُڪا هوُندا آهن. سماج جي سَڀيتا اِنهيءَ ڪري اهڙن ماڻهن جي کليل سوچ ۽ خيالي تصَوُرن سان اڳتي وڌي. مٿي ٻه سنڌي لفظ ڪتب آندا اٿمِ جيڪي پڙهندڙ اڳي نه ٻڌا هجن. ڄانڀو ٺاهي ته صديون ٿيون (تنهن جا ڦٽاڪا سنڌين ڏٺا) پرَ وِماڻُ لفظ ڪاٿئون آيو؟ هِن وگياني دور کان گھڻو اڳُ، مادي وماڻي ڏوڏن جي انجنري ۽ وماڻ گيان هجڻ کان اڳ، سنڌي اوَڪاش جو سيرُ ڪندي چنڊ تي خيالي اُڏند کَٽولين ۽ وماڻي گولن ۾ پُڳا هُئا جنهن جي شاهدي سندن لوڪ آکاڻيون ڏين ٿيوُن.

اٽڪلَ ٻه هفتا ٿيا ته هِڪَ روشن پُڇڙَ (جنهن کي ڌوم ڪيتُ ۽ چوٽيدار تارو به ڪوٺيندا آهن، جيتوڻڪ اِهو تارو ناهي، ۽ سيارن کان به گھڻو ننڍو) جو ڌرتي پاسان لنگھ ٿيو. (پاسي تنهن جو فوٽوُن ڏسندا جيڪو هيٺين ويب جاءِ تان کنيل آهي (اُتي وڏا فوٽوُن ڏسي سگھو ٿا)

http://www.skyandtelescope.com/community/gallery/skyevents/10796976.html

اُترَ اڌ ڀون ۾ اِهو روشن پُڇڙُ چِٽو ڏسڻ آيو پي. انهيءَ کي ڏسي، ننڍپڻ جي ياد آيم… شڪارپورَ ۾ کَٽُنِ تي ٻاهر سمهندا هاسي؛ اوُنهاري ۾ ڇتِ تي، سيارو جو هِڪ مهنو ڇڏي، ٻين ۾ اڱڻ ۾. تڏهن شهر ۾ آڌي رات خاص بتيون ڪونه هيون، تنهن ڪري آسمان ۾ تارا چِٽا ڏسڻ ايندا هيا، سي تارن ڀريون راتيون، جڏهن ٿڌي هيرَ اونهاري جي هُٻسَ پوري ڪري.. الو ميان! جهڙي ڪمال جوڳي ڏيکَ کان هاڻ روزُ نِراس آهيان.

تارن کي ڏسندي تِن ڏانهن سفر ڪرڻ جو سوچندو هومِ. تڏهن پِروڙ ڪانه هيم ته هوُسجَ جهڙا ۽ ڪيترائي سج کان به گھڻا وڏا آهن ۽ اُنهن جي تپش ڪيڏي آهي. جڏهن تارن وچ فاسلن جي ٻيٽ پيمِ، ته انسان جي جڳ ۾ بي معنائي جو لهاز ٿِيُمِ. پراڻي دور کان وٺي پندرهن سوَ ورهيه اڳُ، سنڌين آسمان ڏانهن نهاري، اهڙيون ماپُن جو اندازو ڪرڻ شروع ڪيو هو ۽ آڪاش نِروار جي وگياني سمجھ جو گھڻو واڌارو ڪيو، جنهن سان جڳ ۾ اوَڪاش ۾ مُهندسي هڻڻ جي ڍنگن جي ٻيِٽ پئي. ڏِسندا، هوُسٽن واريون ”سِلاڊون“ جيڪي منهنجي اڳين بلاگ ۾ ڏنل هيوُن (ڀُلنامو ــ ڪنهن پڙهندر لکيو ته انگريزيءَ ۾ رُوهِڙي بدران روڙهي لکيو اَٿمِ).

https://shikarpuri.files.wordpress.com/2007/01/gmsyed-pub-2007.pdf

نه ته ڪيترن ئي پُراڻن سماجن ۾ اِها به خبر ڪانه هئي ته چنڊ ڌرتي جو ننڍو سيارو پاسي ۾ آهي. چنڊ ۽ سج جي سيارن کي ست جنتون سمجهندا هيا!

Advertisements

13 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. very nicely written, as usual… Keep up the good work.. keep inspiring us!

  2. رات جي اوندهائي ۾ جڏهن اُهي تجلا ڏيندڙ ۽ خاموش تارا گڏُ ٿيندا آهن ته ائين لڳندو آهي جيئين ڪُجُهه چئي رهيا هجن. پهريون ته پاڻ ڏانهن سڏيندا آهن پوءِ ويجهو گهرائي الائي ڪهڙيون ڪهڙيون شڪليون ٺاهن. ڪڏهن گُلُ ٺاهين ته ڪڏهن هَرَڻُ، ڪڏهن تلوار ته ڪڏهن شيهُن.

  3. ادا سڄو بلاگ آهي.

  4. Sain,

    Superb work!!

  5. I got inspiration from the slides then when I tried to search, found that even before Barhmagupta (about 90 years) there was another sindhi Varahamihira, whose contributions to astonomy, astrology are widely praised and used in later works on the subjects,
    http://en.wikipedia.org/wiki/Varahamihira, or http://www-groups.dcs.st-and.ac.uk/~history/Biographies/Varahamihira.html
    Mahdi Shar, Montpellier

  6. Nice to read this.
    Keep it up

  7. Salam BhAA………

    BEHTREEN……IN KHAN WADH CHA CHAWAN?

  8. We appreciate your work.

  9. salam sir
    it is the best effort on the subject.
    May God give u courage. Ami

    Engr. Khalilullah Abro
    0333-2941609

  10. Nice work Sir!
    1st time parhyo awanh khe,, mazo achi wiyo…..
    keep it up.

  11. wah saeen wah dhadho sutho lago tnha g site parhi kare

  12. it is not necessary to submit greetings to good effort but it is very must to oblige the effort. and i am really obliging this wonderful effort. hope that Sindhi site will success and will achieve all mile stones with out any obstacle. i m the man from manjhnd the historical village of sindh. very sorry to say every government ignored my manjhnd in all aspects.

  13. هي ميدان مارڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي. هي اهڙي وٿ آهي جنهن کي تاريخ ۾ جاءِ ملي يا نه ملي، تاريخ کي هن وت جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ مان چنڊ جي سنهڙي هلال جيئان يا ڏورانهين تر جيڏي تاري جينان زمين تائين ٽمڪندي ۽ جهاتي پائيندي ضرور ڏسي سگهبو. اوهان جي هن ٻولي جي بيهڪ ۽ سٽاءُ ممڪن آهي هن کي شاهوڪار بنائڻ ۾ مدد ڏئي پر مون جهڙن اڻ گهڙيل پڙهندڙن کي غريب رهڻ تي مجبور ٿي ڪري. خيال تمام سهڻا ۽ انهن جي اڏام ابتدا کان ئي انتها جي اونهايين جي خبر ڏئي ٿي. محنت جي موٽ مايا کان وڌيڪ مڻيا ۾ آهي. ۽ مڻيا هت موجود آهي. (سليم(


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: