ڪيلفورنيا جا خواب

جُون 25, 2008 at 3:08 pm | Posted in Autobiographical, Education, Sindhi, سنڌي | 14 رايا
Tags: ,

ڪيلفورنيا جا خواب

هڪ نظر هيڏاهن ـــ لفظن جي معنا لاءِ هتي (يا مٿي گِلاسريِءَ تي) ٺَڙَڪ هڻندا.

ديارام ڄيٺمل سائنس ڪاليج ۾

سرفراز جاه شمسي اوڀرَ بنگال مان پناهگيرُ بڻجي آيو هو. هوُ ذاتَ جو بِهاريِ هو. بنگلا ڏيهه ۾ آزادي جي جنگديارام ڄيٺمل سائنس ڪاليج پي هلي، سندس مائٽن فيصلو ڪيو ته ڪيرُ بهِ کٽي، هِت رهڻ هاڻ اَسَنمَڀَوَ هوندو ؛ بنگال ۾ سلامتي سان رهڻ اَڻ ٿيڻو . سال 1971 ۾ ديارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ يارهين جمات ۾ هُيم ته هوُ پِڻ اُتي شاگرد هو. ڪراچيءَ آئي اسان کي ۾ لڳ ڀڳه اڍائي ورهيه ٿيا هُئا. حبيب سِڪوُلَ ۾ ٻيا ڪِلاسي رڳو پناهگيرَ اُڙدي هُئم (هڪ اڌ ڪو پنجابي هيو، جنهن کي اُڙدي گھٻيندا هُئا). ديارام ڄيٺمل سنڌ سائنس ڪاليج ۾ هر جمات ۾ شاگردن جو انگُ به وڌيڪ هو. توڙي وري به گھڻي ڀانڱي اڙديِ پناهگيرَ هُيا، پر اُتي ٻيا به گروه سِڪوُلَ ويندا هُئا. (پاسي فوٽوُن ڪاليجَ جو هڪ منظر).

مان تڏهن يارهين جمات ۾ چوڏهن ورهين جو هُيمِ. پنهنجي جمات ۾ ٻين ٻارن کان ٻه اڍائي ورهيه عُمر گھٽ هُيَمِ. هڪ وار پهرين جمات کان ٽين جمات ٻه درجا چاڙهي ڪئي همِ، ۽ چوٿين ۽ پنجين ڪانه ڪيم (ڪي ڏيڍ سال شڪارپور ۾ رهياسي، پوءِ حيدرآباد اچڻ ٿيو ته بابا ماڊل سِڪوُل حيدرآباد ۾ سنڌي وسيلي پڙهائي لاءِ داخلا ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، سو سِڪوُل ڇهين جمات کان هيو.

ديارام ڄيٺمل سنڌ سائنس ڪاليج ۾ اٽڪلَ پنج سيڪڙو سنڌي هوندا (تِن ۾ هر جمات ۾ ٻه ٽي مڪرانيِ ۽ ٻروچ پِڻ هيا، جِنِ کي سنڌي ڳالهائڻ ته جھڙي تهڙي ايندي هُئي، پر پاڻ کي سنڌي ليکيندا هُيا. اِهي مڪراني فُٽِبالَ کيڏڻ ۾ هوشيار هيا. اُتي هِڪُ سنڌيءَ جو پروفيسرُ هو جنهن جي حوالي کيلُ پِڻُ ڪيو ويو هو . اِهو اِنهيءَ ڪري جو سنڌي ٻولي ٿورِڙا ڇوڪرا کڻدا هُئا، سال ۾ چار پنج مَسُ هوُندا ۽ سڀُ سنڌي (اڙدُي ، پنجابي ۽ ٻيا سنڌ واسي سنڌي ڪڏهن نه کڻندا هئا) . هِيءُ پروفيسر جنهن جو نالو هاڻي وِسريم پيو، لياريءَ پاسي رهندو هو ۽ اُتان ٻن ٽن ٻروچن ۽ مڪرانين کي تِن جي فٽُبال جي قابليت ڪري داخلا جو وجُھه ڏياريندو هو، ڇو ته تنهن قابليتَ لاءِ داخلا لاءِ ڪو خاص لِهازُ واريَل هو ۽ لياري جي گھٽين ۾ ڪي شاگرد واهَ جي فٽبال راند کيڏيندا هيا (لياريِءَ جي سِڪوُلن جو حال تڏهن به چٽ هو ۽ ٻُڌوٿم ته اڃا ويتر بُڇڙو ٿيو آ) .

سنڌيُن کانسواءِ ڪي بِهاري ۽ بنگالي پِڻِ ڪاليج ۾ پڙهندا هُيا. بنگالي گھڻو ماٺ ۽ پاڻ ۾ رهندا هيا. اَهنجِيَلِ لڳندا هُيم. بنگالين جو پنهنجي آزادي وٺڻ تڏهن بهِ حقُ سمجهندو هومِ پرَ پاڪستان جيڪي اُتي ڪُڍنگا ڪرتوُتَ ڪيا هُئا تِن بابت گھڻيِ پِروُڙَ ڪانه هَمِ.

’سائين توهان ڇو گھوماٽجي ويا آهيو؟‘ ــ هاريءَ جي ساڃاهه

دسمبر هوندو ، هندستان پاڪستان جنگ جي ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ بمَ پي ڪِرايا.

شڪارپور ۾ هڪ ماڙي، فوٽون آسم بجاراڻيِتڏهن بابا مانکي ۽ منهنجي هڪَ وڏي ڀاءَ کي شِڪارپور گھر موڪليو. چيائين ٻي عالمي جنگ ۾ انگلستان به ٻارن کي لنڊن مان ڳوٺن ڏانهن موڪليو هو. ياد ٿَمِ ته مان شِڪارپور هُيُمِ ته بنگلا ڏيهه آزاد ٿيو. تڏهن مان مايوسي ۾ گھوُماٽجي ويمِ. تِـتي گھر جي مالهيِ مانکان پُڇيو، ”سائين! اوهان ڇو گھوماٽجي ويا آهيو؟ چڱو ٿين، پنجاپين مان پچرَ ڇڏائي ويا. ڏولائي جا ڏينهن پورا ٿين.“ مانکي اِن ڳالهه تي اڃا عجب ايندو آهي ته هِن ويچاري اُميِ هاريءَ کي ايتري ساڃاهه ڪاڏهون آئي… همراه نه سنڌي ريِءَ ٻي ٻولي ڄاڻي، نه ڪا ٻاهرين اخبارَ پڙهيِ سگھي، نه ڪو ريڊو ٻڌي! (مٿي ڏنل شڪارپورَ جي هڪَ ماڙيءَ جو فوٽون آسم بجاراڻيءَ جو ڇڪيلُ http://www.flickr.com/photos/asimzb/

بنگلا ڏيهه ۾ پاڪستان جي انڌُ ڌُنڌُ

بنگلا ڏيهُه آزاد ٿيڻَ تي جنگ پوريِ ٿي ۽ پو ڪراچي موٽڻ ٿيم. هِڪَ ڏينهن مانسان بنگالي ڇوڪرن ڪچهري ڪئي جا اڃا ياد ٿمِ. چيائون ته هوُ ڏيهه موٽڻ جي پيا ڪنِ. اُتان جي حالت پُڇيِ مانِ. خبر هين ته مان سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهيان. بنگالي ڇوڪرن گُسيل مُسيلِ آوازَ ۾ ٻڌايو ته سندن ڏيهه ۾ پاڪستاني فوجين گھڻي رتوڇاڻ ڪئي آهي؛ لکن جو قتل عام ڪيوٿن . لکن بنگالي ماين سان زوريِ زناءُ ڪيو ٿن.

http://www.genocidebangladesh.org

ذولفقار علي ڀٽي جي رهبري تي آسرو

تِنِ ڏينهن ۾ سائين ذولفڪار ڀٽي جي حڪومت آئي هُئي. سندس گڏيل قومن سلامتي سڀا ۾ ڏنل تقريرون ٻڌيون هُيمِ. ڏاڍيون زوردار لڳنديون همِ. تِن جون سٽوُن ياد بيٺيون هم. ڪڏهن وينهجھيِندي ٻارارڻي ۾ ورجائيندو هُيمِ. تنهن ڪري مانکي اِنهن ڳالهين تي اڃا تڏهن ويساهُ ڪونه پي آيو … سوچيم ته اينئين ڪينئين هوندو؟ اسانجو وڏو رهبر اهڙن وڏن ظالمن جي حق ۾ دنيا اڳيان ڪهڙي منهن سان ڳالهائي سگھي ها؛ اکيوُن نه لڄائِنسِ ها؟ ڪيِنئَن پاڪستان جي نمائندگي ڪري اهڙي ناحق کي ريٽي ڇڏيو هوندائين؟ تِن ڏينهن کان وٺيِ ڪيترائي ورهيه تنهن جي اَنڌ ڌُنڌُ ريٽيِندڙَ ڪِردار لاءِ بهانا سوچيندو رهيمِ. خيرُ. پنهنجا ڪرمَ هر ڪو پاڻ ڀوڳي. چوڻي آ، ”مُئا پِرَ، پِٽجن هيلَ.“ هاڻ انهيءَ ڳالهه تي گھڻو زورُ به اجايو. ڪي سپنا رُڃَ.

سرفراز جاه شمسيِ چيو ته حالت اُتي بُڇڙيِ هُئي. الائي ڇا ٿيو هوُندو. اسان گھڻو اڳ اچي ويا سي. پرَ ٿورا مهنا ٿيا هِڪُ بِهاري ڇوڪرو بنگال مان آيو آهي. اُنهيءَ سان هليِ ملئون ٿا. تنهن کي خبر هوُندي. هوُنئن به توکي مِلڻ گھرجي. هوُ ڏاڍو هوشيار ڇوڪرو آهي. آمريڪا وڃي پيو. اِنهي همراه سان هليِ ملياسي. ڀايان ٿو ته ديارام ڄيٺمل ڪاليج جي گنگا رام الائي ميٺا رام نالي سراءِ (”هاسٽِلَ“) ۾ رهيو پيو هو. پڇيومانس ته چيائين ها، بنگالي ڇوڪرا سچُ ٿا چون اُتي گھڻي ڪَلوُرَ ٿي آ. پاڪستاني فوج گھڻي رتو ڇاڻ ڪئي آ. وڏا ظالم ها. پنهنجن مائٽن جي ڳڻتي هُيس. چيائين ڪنهن وسيلي ڀاڳ سان منهنجو اچڻ ٿي ويو پر منهنجا مائٽ اڃا اُتي آهن. بنگالي بهارين تي ٻاهين ۾ آهِن جو ڪيترن بِهارين پاڪستاني فوج کي آڌار ڏنو. هن جو ڀاوُ ڪراچيءَ ۾ اُڙدِين جي ڀاوَ کان صفا ٻيو هو.

ڪراچيءَ جا گھڻائي اُڙدي تڏهن بنگالين کي رڳو گاريون ڏيندا هُئا، جڏهن ڳالهائين ته چوَنِ ته ”اڃا وڌيڪ بنگالي مارين ها ته چڱو ٿي ها.“ اهڙيون ڳالهيون آمريڪا ۾ نيوُيارڪ شهرَ ۾ سبتمبر اا، 2001 جي ڏهڪاوَپِڻي کانپوءِ وري ٻڌم ته ڪِن اڙدين واتان نِڪتيوُن ”اڇا هوئا، اب اِن ڪو ڀي لگي تو پتا پڙا ڪي ڪيسي محصوص هوتا. يه مسلمان مارتي هين، وغيرا، اِن ڪو مارنا سواب (ثواب) هي.” الاجي ڪٿان اهڙو بغض ۽ ڪينو ماڻهن من ۾ اچي! جنهنجو کائِجي تنهنجو ڳائجي واري ڳالهه ته پري، هِتِ پناه به وٺن، سڀ حق ۾ مِلنن، ته به نه ڪو درد نه همدرد.

آمريڪا جي يونيورٽين بابت ڄاڻ

قصو ڪوتاه.. اپريل جو مهنو هوُندو. سرفراز جنهن بِهاريءَ وٽ وٺي پي هليو ، تنهن لاءِ ٻڌايائين ته سو بِهاريِ ويو پي آمريڪا. پڇيو مانس آمريڪا ڪاٿي؟ چيائين ايم آئي ٽي يونيورسٽيءَ ۾ بيچلر ڪرڻ ٿو وڃان. سرفراز چيو ايم آئي چوٽيِءَ درجي جيِ يونيورسٽي آهي. پڇيو مانس ته مهانگي هوُندي، ٻڌو آ ته آمريڪا جا خرچا وڏا آهن. چيائين ها، پنج هزار ڊالر ساليانو خرچو آهي، ساڍا ٽي هزار پڙهائي لاڳ، ٻيو رهڻ ڪرڻ، ڪتاب وغيرا لاءِ. (پاسي ڏنل فوٽوُن 1973 ۾ منهنجي پاسپورٽ لاءِ ورتل آهي جيڪو اُتان نقُل ڪيو اٿم).

پنجٽيهن ورهين ۾ اگھَـ ڀئَڪائجي (انگريزيءَ ۾ ”اِنفِليٽ ٿي“) ويا آهن، هاڻي آمريڪا جي ٽِڙي وارن يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو خرچو پنجاه هزار ڊالر بيهي.. تعليم جي خرچو اٽڪل ست سيڪڙو سالياني چاڙهه (جوڙي وچون وَهُـ يعنيِ ”ايوَريج“) ڪندو آيو آهي. سو ٿيو ڏهن ورهين ۾ ٻِٽو (چاڙهه تي چاڙهه لڳائبو)، ويِهن ۾ چوهوُڻ، ٽيهن ۾اٺهوڻ، وغيرا). پاڪستان جي راڄنيتيِ مَتوَن (سرڪاري ”پاليسين“) ڪري ڊالر جو اگھُ پاڪستاني رُپين ۾ اڃا ڀئڪائيل آهي؛ تِن ڏينهن ۾ ڊالرَ اٺين نائين رپئي هيو (۽ ٻاهر تعليم لاءِ پاڪستان حڪومتَ پنجين رپئي ڏيندي هُئيِ. هاڻ اِهو 60 رپيا مٿي هڪ ڊالر آهي.

پڇيومانسِ ته تُنهنجا مائِٽَ بنگالَ ۾، توُن هِتي سنڌ سُڃَ ۾، ايڏو ناڻو ڪِٿان آڻيندي؟ چيائين ته ايم آئي ٽي وارا وظيفو ڏين پيا. ڪي خانگيِ يونيورسٽيوُن آمريڪا ٻاهران داخلا ملندڙَ ڪن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گھرج آهر وظيفا ڏينديوُن آهِنِ؛ پرَ اهڙين يونيِورسٽينِ ۾ داخلا ڏُکي ملندي آهي.

مان تِن ڏينهن ۾ سوداوَ ۾ هيمِ ته اِنٽرَ (ٻارهين جماتَ) کان پوءِ ڇا ڪجي. اِنجنري جو شونق ڪونه هُيمِ. وگيان (سائنسَ) سان چاهُ هُيمِ. اِها ڳالهه به سمجھي ويو هومِ ته پاڪستان ۾ وگياني تعليمَ جو ميارُ ڪِريل آ. تِيستائين سوچيو هوم ته اِهو اڻ ٿيڻو هوندو ته ڪو مُلڪ کان ٻاهر وڃي سگھبو ــ بابا پينشِنِ بردار، هزار رپيا مهوار پِنشن مسِ؛ امان ٿوري ڊاڪٽري غريبن لاءِ ڪري. پيسن جي سدائين کوٽ هُجي. پاڪستان جا حال، ٽيهه ورهيه ايمانداريءَ سان بابا وڏو آفيسرُ ٿي رهيو، هاڻ کائڻَ جي پوُرتَ مسين مسين ٿي .

وگياني ٿيڻ مُراد همِ. سو هاڻ طريقو اڳيان. بسِ تنهن مهَلَ اِرادو ڪيم ته به آمريڪا پڙهائيءَ لاءِ ڪنهنڪيلٽيڪ ۾ هڪ هاسٽل چوٽيءَ تي يونيورسٽي ۾ پاڻُ پُڄائِبو. همتِ مردان مددِ خدا. لڳه ڀڳه ڏيڍ سال پوءِ سورهين ورهين جي عُمرَ ۾ سنڌ ڇڏي ڪيلفورنيا اُڏاميم. ڪيلٽيڪ، جنهن يونيورسٽيِءَ ۾ ڪنهن پاڪستانيءَ کي تيسيِتائين داخلا ڪانه مِلي هُئي، وظيفو ملي بيچلرَ ڪرڻ پُڳم. (پاسي فوٽون يونيورسٽيءَ جي هڪَ سراءِ (هاسٽلَ) جو آهي).

ڪيلٽيڪَ ۾ داخلائون ۽ وظيفا اڃا ساڳين ميارن تي ٿين..

http://www.admissions.caltech.edu/about

ڪيلٽيڪَ جو مِثلُ هو، ”سچُ آزاد ڪندُوِ“

The truth shall make you free

رڻُ ڇڏي روجھوُن ، ڪا ڏس چِتائي ھَليوُن؛

جيلھان مُند اُٺا نه مِينھڙا ، تيلھان ٿيون ڪوجهوُن؛

لَڪَنِ جون لوجهوُن ، جِرَين جالِڻَ ھَليوُن

(سچل)

جيلِهان (جمع ــ جيلانهيِنِ) ڇو ته، ڇو جو، جو سبب آهي

تيلِهان تنهن جي نتيجي ۾ (انگريزيِءَ ۾ ”ديئرفار”)

ڪوجھو بي ڊوءلو؛ ڪُروُپ ؛ بدشڪل (وِروڌ پَڌُ يعني اُبتڙ معنا لفظ ڇٻيلو)

لَڪُ جبلن وچ لنگھُ؛ ڏُکيِ راهه

لوجھَ جُٺيِوُن ڦٽيِوُن

جِرَين گھڻو مٿي؛ چڙهيل؛ اُچو

جالڻ صبر سان ڏکيائوُن سهڻ


Advertisements

14 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. سائين گل آغا صاحب
    اوهان جا احوال اسان جي جزبن کي جرئت دين تا جدهن به اوهان جي تعليم جا احوال ع اوهان جي جزبن کي دسون تا ته تمام گهني خوشي تي تي.اميد ته اوهان اهرا کارائتا قيمتي تجربه اگتي به اُمانيندا.

    اوهان جو خير خواه
    ياسر آغا
    اسلام آباد پاکستان

  2. سائين اڄ اوھان جو بلاگ پڙھيو، ڪافي مشڪل سنڌي لکيل آھي، ڇااوھان اھو ٻڌائڻ پسند ڪندا تہ اھا ڪھڙي علائقي يا دور جي سنڌي آھيم ڪافي نوان لفظ پڙھڻ ۾ آيا ۽ ڪافي مختلف نموني لفظ لکيل ھئا جھڙوڪ مھنا وغيرہ جڏھن تہ اسان مھينا پڙھيو آھي ڪتابن ۾ اميد تہ رھنمائي ڪندا.

    ظھور احمد سولنگي
    اسلام آباد.

  3. ميوارام واري سنڌي انگريزي لغت (1910) ۾ مهينو ڪري ڏيکاريل آهي ــ 1933 واري انگريززي سنڌي لغت ۾ مهنو .. ڀايان ٿو ته ٻئي روُپ آهن. هوُنئن اولائڪي سنڌي روُپ ماهـ آهي، جيڪو چنڊ جي چڪرن تي ٻڌل هوندو هو. ادبي بورڊ واري جامع سنڌي لغت موجب سنسڪرت ۾ ماس چوندا آهن ۽ (اولائڪي) فارسي ۾ مَهِ نو ــ هونئن سنڌيءَ ۾ ماس چنڊ لاءِ اڃا ڪتب ايندو آهي، جيئين چنڊ غائبي لاءِ اُماس ۽ سڄي چنڊ لاءِ پورنماس چئبو آهي. ڏسندا منهنجو بِلاگ پنچانگن بابت.

    مان پنهنجي سنڌيءَ ۾ کي لفظ شڪاررپوري رنگ ۾ چوندو آهيان ــ مثال مانکي (وچولي سنڌيءَ ۾ موُنکي) ــ

    ميوارام واري سنڌي انگريزي لغت هِتان لاهي سگھو ٿا .جنهن ۾ بلاگ ۾ ڪتب آندل گھڻائي لفظ ملندَوِ. مٿي ڪِن لفظ جي سمجھاڻي ”گلاسري“ تي ٺرڪ حڻي پڻِ ڏسندا

    http://dsal.uchicago.edu/dictionaries/mewaram/mewaram.pdf

    َقلم تازو بِلاگ ۾ ڪتب آندل ڪِن لفظن جي معنا ”گِلاسري“ واري صفي ۾ وِڌيون اٿم
    <a href=”“>https://shikarpuri.wordpress.com/glossary

  4. آغا سائين
    شڪارپري لحزي واري سنڌي لکڻي پڙهي، سچ ۾ مزو اچي ويو. انڊيا ۾ سنڌي ٻوليئَ جا لحزا نالي تور رهجي ويا آهن.
    هندُستان ۾ آمد ٿيو تـ ملجو ضروُر، اسنانجو سموُرو ڪُٽُمب توهانکي ياد ڪندو آهي.
    جيئي سنڌُ
    رميش ڪٽيجا، مُمبئي، انڊيا

  5. سائين نئين فارسي ۾ ماہ نو يعني نئون مھينو ، ٿي سگھي ٿو قديم فارسي ۾ مَهِ نو ھجي. جديد فارسي ۾ مھيني کي ماہ چيو وڃي ٿو. اميد تہ اصلاح ڪندا.

  6. Nice blog!
    The name of the Incharge of Sindhi section and sports in D. J . science College Karachi was
    Mr Abdul Latif Khokhar.

  7. ها… ادا ممتاز ميمڻَ جي ڳالهـ درست آهي. راتِ پروفيسر جمالي جاپان مان فون ڪئي هئي، ڪچهريِ ڪندي ڪنهن ٻيءَ ڳالهـ تان کوکر اوچتو نالو ياد آيو هومِ، پر سائين پروفيسر کوکرَ جو ڏنل نالو عبدل لطيف ياد نـ پي آيم.

    الا جي سائين پروفيسر کوکر ڪينئن آهي؟ ڪيترن ڏهاڪڙن کان ڪا خبر ڪانه ملي اٿم. هڪ دوست ڊاڪتر ممتاز قاضي، جيڪو لياري پاسي تڏهن رهندو هيو، 1980 ۾ سائين کوکرَ سان مِلائڻ سندن گھر وٺي هليو هيو ــ

    ــگل آغا.

  8. هاو. اُميدَ آهي ته هي بلاگ سڀني پڙهيو هوندو.

  9. Inspiring!!
    Keep up the good work, sir!

  10. How was the experience of speaking to today’s Sindhi students?

    Was there any Q and A session in the end of the lecture? If so, can you share any insights about learning patterns of those students?

    I am just trying to compare how Sindhi students are different from those studying in colleges of United States.

  11. thank you sir gul agha to inform us about your education/ an efficient yours malhee at shikarpur & sorowful story of bangladesh

  12. سنڌي لنڪ ـ سنڌي چيٽ
    انٽر نيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي ترقي ۾ وک وڌائندي اسان سنڌي ساٿين اردو لنڪ ۾ سنڌي لنڪ جو واڌارو ڪرائندي الگ محفل ترتيب ڏياري آهي جنهن ۾ اوهان کي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا ـ انهي کي بهتر بنائيڻ لاء تجويزون بہ ڏيو ۽ شامل بہ ٿيو سنڌي لنڪ تي وڃڻ لاءُ پهرين اوهان کي اردو لنڪ تان اوهان کي اردو لنڪ جو ورشن لوڊ ڪرڻو پوندو جنهن کي رين ڪرڻ سان از خود چيٽ جو آئڪن اوهان جي ڪمپيوٽر اسڪرين تي اچي ويندو جنهن سان گڏ ايميل ۽ ميسجر جو بہ اسڪرين اچي ويندو جتان اوهان سنڌي ۾ ميل پڻ ڪري سگهو ٿا وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء اوهانhelp@urdulink.com تي رابطو ڪيو ـ سنڌي چيٽ لوڊ ڪرڻ لاءُ
    http://www.urdulink.com تي ڪلڪ ڪريو ـ مهر باني
    اوهان جي ڀيڻ
    چانڊوڪي
    chanoki_sndhi_link@yahoo.com

    سنڌي لنڪ ـ سنڌي چيٽ
    انٽر نيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي ترقي ۾ وک وڌائندي اسان سنڌي ساٿين اردو لنڪ ۾ سنڌي لنڪ جو واڌارو ڪرائندي الگ محفل ترتيب ڏياري آهي جنهن ۾ اوهان کي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا ـ انهي کي بهتر بنائيڻ لاء تجويزون بہ ڏيو ۽ شامل بہ ٿيو سنڌي لنڪ تي وڃڻ لاءُ پهرين اوهان کي اردو لنڪ تان اوهان کي اردو لنڪ جو ورشن لوڊ ڪرڻو پوندو جنهن کي رين ڪرڻ سان از خود چيٽ جو آئڪن اوهان جي ڪمپيوٽر اسڪرين تي اچي ويندو جنهن سان گڏ ايميل ۽ ميسجر جو بہ اسڪرين اچي ويندو جتان اوهان سنڌي ۾ ميل پڻ ڪري سگهو ٿا وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء اوهانhelp@urdulink.com تي رابطو ڪيو ـ سنڌي چيٽ لوڊ ڪرڻ لاءُ
    http://www.urdulink.com تي ڪلڪ ڪريو ـ مهر باني
    اوهان جي ڀيڻ
    چانڊوڪي
    chanoki_sndhi_link@yahoo.com

  13. saiien tahanwan jo ajj kitab parhyoon. dhadho sootho lago// pdf form mei keen download thendho?

  14. Dear Gul Agha Sahib
    I am pleased to know about you, our teachers always mention about you in Institute of informantion and communication technology but rearly have a chance to think about you.
    It was pleasent day for me as i learn alot of your blog and thanks to you and your Mrs for contribution of SIndhi culture.
    A.Khoso–from Sukkur
    Living in Canada


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: