سائين رومي ــ اٺ سوَ سال
سيپٽمبر 30, 2007 ڏانهن 6:44 pm | Posted in Poetry, Sindhi, سنڌي | 2 رايا
سائين روميءَ جي اٺ سَوَيِن ساليانو ورسيِ
اڄ سائين جلالدين روُميءَ جي ورسي سڄي جڳَ ۾ پئيِ ملاهي وڃي. گڏيل قومن تعليمي وگياني سنسڪرتي تنظيمَ پاران هن سال کي روُمي سال رکيو ويو آهي. دنيا جي ٻين ٻين شهرن ۾ روُمي جو سال ملهايو ويو. هيٺ کاٻيِ ٺرڪَ هڻدا ته رومي جي شان ۾ ڪيئي مجلسن بابت پڙهي سگھو ٿا جيڪي يوُرپَ ۽ آمريڪا ۾ ٿيون آهن. ڪيترن ئي ورهين کان روُمي آمريڪا ۾ سڀن کان وڌيڪ وڻندر شاعر (جنهن جي مثنويِءَ جا ترجما سڀن شاعري جي ڪتابن کان وڌيڪِ وڪاميا آهن ۽ جنهن کي شيڪسپيِئر کان شايد وڌيڪ ماڻهون حوالو ڏين ٿا). افغانستان، جتي سائين روُمي ڄائو، اُتي ” طالبانن“ وهابي ڪٽرپِڻي ۾ موسيقي تي پابندي وڌيِ هُئي ۽ روُمي جي اثر کي پورو ڪرڻ جي ڪيائون پر هاڻي وري صوفي اُنهيءَ لاءِ شونق جاڳائن پيا.
http://clipmarks.com/clipper/Gul+Agha/search/rumi/
جيئين شاه صاحب جي رِسالي کي سنڌي قرآن ليکبو، تيئين روُمي جي مثنوي کي فارسي Continue Reading سائين رومي ــ اٺ سوَ سال…
عشقَ مُبارڪَ
سيپٽمبر 27, 2007 ڏانهن 11:13 am | Posted in Autobiographical, Poetry, Sindhi, سنڌي | 4 رايا
عِشقَ مُبارَڪَ!
راتِ پوڻي ٻيِ وڳي هِتي پورن ماسِ جي چانڊوڪِي هئي جا عربي چنڊَ پنچانگ موُجب چوڏينهن چئبي. سچلَ جي پريمين سائين جَنِ جي ورسي مَلاهي. توڙي مادي سفر درازن ڪانه ٿيوم ته به دستوُرَ موُجب ويراڳي سفر رهَيوم. سرمستَ جا ڪلام ٻُڌمِ ۽ چنڊ ڏانهن نهاريندي روحَ دوُر درازين ويامِ.
سائين سچلَ جو ننڍي هوندي کان مان تي وڏو اثر پيو، جنهن جي ڳالهه وري وري ڪندو رهندو آهيان. سائين سچلَ جا وڏا سبق هن ريِتِ لڳيمِ.. اِهي اوهان آڏو بيان ڪيان ٿو، ياد رهي ته اِهي منهنجي سوچَ ويچارَ موُجب آهِن، چوڻ جو مقصد سائينَ سچلَ کي پيِرُ ٺاهڻو ناهي (جنهن ڳالهه کي پاڻ رَدِ ڪيائون، پاڻ کي رڳو هِڪُ اُستاد ڪوٺائيندا هئا ۽ ڪِنِ کي شاگرد مڃيائون)، نڪي سندن ڪلامَ کي ويدَ قران ڪري مڃڻو (توڙي اهڙو درجو هجين، اهڙنِ مان حق حاصل ڪرڻ جو ويچار به پاڻ رَدِ ڪيائون).
اِهي ڳالهيون چوڻ جو مقصد اِهو به ناهي ته اِيها اصل معنا اَٿَوِ. هر ڳالهه تي پڙهندڙ پاڻ سوچُ ويچارُ ڪندا ۽ پنهنجي سمجھ پاڻ ڌاريندا… ڇڙو اِيهو مقصد ته مان هيءُ وِردُ پرايو، جنهن سان منهنجي سوچَ ويچارَ ۽ ڪمَ تي وڏو اثر پيو، جي هيءُ اثر جيِئڻ جي فلسفي تي هيو، يا وگياني شونق تي. اڳتي اوهان جيڪي ڪُجھ پِرايو نه پِرايو، مڃو نه مڃو. Continue Reading عشقَ مُبارڪَ…
ٽيِڪنِ جي اُتَرَ ۽ ٻيا خيالَ
سيپٽمبر 19, 2007 ڏانهن 8:35 am | Posted in Autobiographical, Human Rights, Poetry, Sindhi, سنڌي | 3 راياٽيِڪنِ جي اُتَرَ ۽ ٻيا خيالَ ــ
گڏيل قومون ۽ سنڌي ندمائندگي
ڪِنِ لفظن جون سمجھاڻيون
ڏسُ ــ ”پاڪستان ٽوڙڻ بابت اشتهارُ“ http://tinyurl.com/2lkbsc
اِنهيءَ چٽڪري واري بلاگ تي چڱي ٽيڪا ٽپڻي ٿي آهي. بلاگ ۾ ڏسُ هيو ڪنهن پناهگيرَ سيد جي ڪمَ جو جنهن ڪتاب ۽ اِشتهارَ هلايو آهي. سندس ليک ۽ ڳالهه مان ڀانيان ٿو ته شيعو آهي؛ ڪراچيءَ ۾ ڪي پناهگير سُنيِ شيعن کي ڪُهندا وتندا آهن، ياد ٿمِ ته جماتِ اسلامي 1970 واري چونڊ ۾ڪراچي جي سڀنِ پناهگير هندن کٽي هئي, جنهن جمات جو رهبر مولانا مودوُدي هيو… تنهن عالم موُجب شيعا مُسلمان ئي ناهن (جيڪا ڳالهه اهڙن صاحبن واتان چوڻ معنا سِرَ جو جوکو پوڻ، جو هي عالمُ به مُرتد کي ڪُهڻ واجب ڄاڻي!) ۽ سندن ڌرمي رهبرن خلاف هيٺ مٿي ڳالهائيدو هيو.
هاڻ، عجب جي ڳالهه آ ته توڙي هِن اِشتهارُ وجھندڙ کي پناهگيرن لاءِ ڌارَ ڏيههُ کپي، پرَ سُنين کان ڏِجي ٿو، تنهن ڪري چي ته هند مان اڙدوُ ڳالهائيندڙ عيسائي گھرائي ”جناهپور“ ۾ وهارجن!
جي اصولي پرڏيهه وسائيندڙُ پناهگير هجي ها، ته سنڌي ٻولي ۽ سنسڪرتي سِکي ها. پوءِ پِڙوڙَ پويس ها ته بچاءُ اِنهيءَ ۾ اٿس ته سنڌي ٿي سنڌ ۾ رهي. اسان وٽ اهڙا شيعا سُني فسادَ ته پري، جنهن جيِ ڳڻتي همراه کي ”جناپوُر“ بابت لڳيل آهي، ”هِندوُ مومن“ جھيڙا فساد به نه ٿِيَنِ.
گڏيل قومن جي انساني حقَ سُپردگُي سَڀا (”هيومن رائٽس ڪميِشن“) ۾ ڪيئي وار جڳ سنڌي ميڙَ (ورلڊ سنڌي ڪانگريسِ) پاران سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ جينيوا شهرَ ويو آهيان. مٿيون فوٽون گڏيل قومن جي جينيِوا واري عمارتَ جو آهي.
هيٺين ڪڙيءَ تي جڳ سنڌي ميڙَ پاران وياکياڻن تي مضمون ڏسندا جيڪو هڪ غير حڪومتي تنظيم پاران پاڻمرادو ڏنو ويو آهي.
http://www.ngochr.org/view/index.php?basic_entity=DOCUMENT&list_ids=336
اِنهنِ گڏيل قومن جي انساني حقَ سُپردگُي سَڀا جي اِجلاسَنِ ۾ پاڪستاني گھڻائي پيا گھمندا آهن. سدائين ڪشمير جي ڳالهه ڪرڻي هوُندي اَٿن. سنڌين جو اچڻ نه وڻندو اٿن جو سندن پول پڌرا ٿين. (هيٺ فوٽون اُتي ڳالهائيدي ڪڍيل آهي، پاسي ۾ امبرين هيسباڻي ويٺل آهي جيڪا گڏيل قومن انساني حقَ سُپردگُي سَڀا ۾ جڳ سنڌي ميڙ پاران گھڻو ڪم پاڻمرادو ڪري). ٻي عجب جي ڳالهه هوُندي آ ته ڏوراپا ڏيڻَ پناهگيِرن Continue Reading ٽيِڪنِ جي اُتَرَ ۽ ٻيا خيالَ…
چاليهو ميلو
سيپٽمبر 18, 2007 ڏانهن 10:18 am | Posted in Folklore, Sindh, Sindhi, سنڌي | 1 راءِ
|
سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي
سيپٽمبر 15, 2007 ڏانهن 6:59 pm | Posted in Folklore, Poetry, Sindh, Sindhi, سنڌي | 2 راياسنڌ جا نانگ ۽ جوڳي
سائين دانش نواز گھنگھرو، منهنجي بلاگ، ”ڪي اُمي ڄاڻو…“ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي لکن ٿا ته کين سُرڻو جيوَ گيانَ سان شونق آهي. (سرڻو جيوَ ٿدي رت واري جانور کي چئبو جيڪو پٽ سان سُري هلندڙ آهي. سُرڻا جيوَ ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪُ ته نانگ جهڙا پيٽَ هلندڙ جانور ــ سُرڻي جانور جو انگريزيءَ ۾نالو ئي پيو آهي ’ريپتائيِلُ‘، معنا پيٽَ تي هلندڙ جانور، توڙي پيٽ هلندڙن جي ٻي ڌارڪَ ۾ هاڻ واڳن جهڙا جانور پڻ ليکبا آهن. سُرڻو جيوَ وشيشَ گروهَه ۾ ٻيو ڏيڏرن جهڙا جَلَ ٿَلَ واسين جا وِشيش شامل آهن.
(مٿيون فوٽوُن سچن جوڳين جو نه ليکبو، سچا جوڳي نانگن جو تماشو نه ڪندا آهن، هٿان نانگن کي مانُ ڏين. اڄ ڪلهه ماني ٽڪر لاءِ ماڻهون ڇا ڇا نه ٿا ڪن).
سائين گھنگهرو ٽي ڳالهيوُن ڪيون ــ Continue Reading سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي…
ايلڪس، سياڻو طوطو لاڏاڻو ڪري ويو
سيپٽمبر 11, 2007 ڏانهن 12:27 pm | Posted in animals, Uncategorized, سنڌي | 1 راءِ
پنهنجي سنڌي طوطي بابت مان هڪَ بلاگَ ”ڪي اُميِ ڄاڻوُ ته ڪي پڙَهيلَ اَڻَ ڄاڻَ“ ۾ ڳالهه پي ڪئي. تازو هِڪُ مشهور آفريڪي طوطي جي لاڏاڻي جي خبر پڙهيمِ. اِنهيءَ طوطي جو نالو ايلِڪِسُ هيو ۽ سندس عمر ايڪَٽيه ورهيه هُئيِ. هڪَ وِگيان َ (سانسدان) سان ڪم ڪندي ايلڪسَ ماڻهن کي اِهو ثابت ڪري ڏيکياريو ته طوطا نه رڳو انساني ٻولي جا آواز َ ورجائي سي لفظ ياد ٿا رکي سگھن، پرَ کين انهن لفظن جي ڪيتري سمجھه ٿي سگھي ٿي. اِئين ڪرڻ سان ايلِڪسَ ڪيترن ئي ماڻهن جا پکين جي سمجھَه بابت تعصبُ ٽوري ڇڏيا. ايلڪسَ پنجاه شين جا نالا چئي سگھندو هيو. شئي ڏيکاريوس ۽ نالو پُڇو ته ٻڌائيوَ. رنگن ۽ روپن جي سڃاڻپ هُيسِ. هڪَ کان ڇهن تائين ڳڻپ ڪري سگهندو هيو. ڀوڳَ چرچا، لُچايون ۽ نخرا ڪرڻ جي به عادت هُيسِ. هِڪ وار ڪنهن ٻي نئين طوطي کي سيکارڻ جي پي ڪيائون. ايلڪسُ به اتي ويٺو هجي. چار شيون اڳيان هجن. نيئين طوطي کان پڇائون ته ”هِتي گھڻيون شيون آهن؟“ ته اُنهيءَ اليڪسَ ڏانهن نهاريو. ايلڪسُ ٿو چئيس” ٻه ٻه ٻه،“ ته اِنهيءَ طوطي به چيو ٻه، ته وري اليڪسُ ٿو چوڻ لڳيس نه نه ڇهه، ڇهه، ڇهه.. هڻي ويچاري کي منجھائي ڇڏيائين! هيٺ ٺرڪَ هڻي اليڪسِ بابت آکاڻي ٻڌي سگھو ٿا جيڪا آمريڪا جي وڏي ريڊي ٽيشڻ تي آئي (هيٺين ويب َ ورقَ تي مٿين پاسي سپيِڪرَ جو نشان ڏسو). http://www.npr.org/templates/story/story.php?storyId=14293868
ايلڪسَ جي لاڏاڻي جي خبر هتان جي مُکي اخبارن پڻ ڇاپي، جيئين ڏسندا هيٺين خبرَ
|