پڙاڏو سو سَڏ

نومبر 3, 2007 at 11:22 pm | Posted in animals, Folklore, Sindhi, سنڌي | 5 رايا
Tags: , , , , ,

سنڌو ٻُلهَڻِ جي وِساڻي

انسانن جي ناداني، لوڀَ ۽ آهِنڪارَ ڪري ڪيترن ئي جانورن ۽ پودن جي وِشيشن جي وِساڻي اڳئيي ٿي ويئي آهي. ڪي هفتا ٿيا ته بيِ بيِ سيِ خبر ڏني ته قدرت بچاءُ جڳَ ايڪتائيءَ (” اِنٽرنيشنل يونين فار ڪانسرويشن آف نيچرُ“) پنهنجي رپورٽَ ۾ سورهان هزار کان مٿي اهڙن وشيشن جي فهرست ڏني آهي جيڪي وِساڻيِءَ جي اوُنداهيِءَ جي دَرَ تي بيٺيون آهن.

http://www.iucnredlist.org/

وِساڻي هميشه لاءِ ٿئي، جيڪي جانور ۽ پودا ڪوڙين ورهين کان هن سنسارَ ۾ هلندا هليا آهن تِنِ جا اَنگ ايترن ٿورن صدين اندر گھٽبا ويا ٿين جو سندن قِسمَ وري ڪڏهن هِن ڌرتي تي وِک نه کڻندا. اِهڙين وساڻين جا ڪيترائي بڇڙا اثر پون ٿا

ــ اسان جوُن ايِندڙَ ٽهيوُن اِهي يگاني جاندارَ ڏسڻ کان نِراس رهنديوُن، تِن لاءِ قدرتَ جو رنگ ٿورو گھٽُ، ۽ جهان جاhttp://farm1.static.flickr.com/161/430896905_4facef304d.jpg?v=0 نِرالا آواز ويتر خاموش هوندا ــ ڄڻُ وَرکاڪَ (ورکا يعني مينهن جي اِنڊ لٺِ) مان ڪي رنگَ کُٽلَ هجن. رڳو اِنهن جيُوَ دارن جا فوٽا ڏسي سگھبا. پاسي فوٽوُن ڏکڻ آمريڪا ۾ سئر ڪندڙن جو آهي جيڪي اميزان نديءَ ۾ ٻيڙيءَ تي ٻُلهَڻِ ڏسڻ وڃن پيا. قدرت ۾ جانورَ ڏسڻ سان انسانن جي گھڻي روح رهاڻ ٿئي ٿيِ ـ اهڙن سئر ڪندڙن جي سِٽَ ڪري مقاميِ ڌنَ ۾ مليَنن ڊالرنِ جي اُپت پوي. سنڌي محمان نواز ماڻهون دنيا جي لکين سئر ڪندڙ شوقينن جي محماني ڪرڻ کان نِراس رهجي ويا آهن جيڪي اهڙا يگاني جانور ڏسڻ لاءِ گھڻا پنڌ ڪن ٿا.

ــ قدرت جي هموزني کي نقسان رسندو.. اِنسان گھڻن جاندارن ۾ رڳو هڪڙو جاندار آهي. سندس گُذر هِتي قدرت جي هموزني کي تَڳائڻ ۽ نه تِڳائڻ سان مُمڪن آهي، قدرتَ سان هم آهنگي ڪري رهڻ اِنسان وشيشُ تَڳندو.

ــ انسان کي ڪو اخلاقي حق ناهي جو ٻين وِشيشن جي نسلَ وساڻيِ ڪري. وِساڻي ٿيڻ کان اڳُ ڪيترن ئي جانورن جو جيئاپو آزارُ ٿي ويندو آهي . ٻوُٽن جي وِساڻي سان اُنهن تي جن جانورن جو گذر مدار آ، تن جي جياپي تي اثر پئي ٿو. اسان جي روايتيِ عقيدي موُجب اُنهنِ بيگناهن جي ڏُکن سوُرن جي آهَ انسان ذاتِ تي پِٽَ لڳائيندي.

http://flickr.com/photos/richrover/204469930/جي هن وِگياني دورَ ۾ پِٽَ جي ڳالهه اسان نِرالو وهمُ بهِ کڻيِ ليکيئون، ته به سوچڻ جي ڳالهه آهي ، ته جن انسانن جا اهڙا ڪرتوُت آهن جيڪي ٻين وشيشن جو وُجود پورو ڪندي ڪو ارمان نه ٿا ڪنِ، ڇا تِن جي سوچَ اهڙي ناهي جو بربادي رسائيندي هلندي؟ ڇو ته ڌرتيِ هِڪ ٻيڙي جِئان چئجي جنهن ۾ هرُ مسافر گَڏُ سفرُ پيو ڪري، تنهن ڪري سڀنَِ انساننِ کي ٻين انسانن جا ڪرتوُت ڀوڳڻا پوندا. فارسي ۾ چوڻيِ آ، ”طمع را سِه حرفيِ، سه حرفي خالي“ (لوڀَ ۾ ٽي اکر آهن، ٽي ئي خاليِ ، جو انهن اکرنِ ۾ ڪو نُقتو ناهي).

جاندارن جي وِشيشن جي وِساڻي جا ٽي ڪارڻ آهن؛ ٽيئي انسانن جي کوٽن ڪمن ڪري

1. شِڪار

2. آلايش

3. جيئاپي جي وسيلن (زمين، پاڻي، وغيرا) تي انسانن جي بئٺڪَ.

سنڌوُ ٻُلهَڻِ

وساڻيِ ڪنڌيءَ آيل وشيشن مان ڪيئي وِشيشَ سنڌ جا رهندڙَ آهن. بِلاگ مٿي سنڌوُ ٻُلهڻِ (ڊالفن) جو فوٽون وڌو اَٿمِ. اِهو يگاني وِشيشُ به وِساڻي جي ڪنڌي تي وڃي پُڳو آهي، جيتوڻڪ سنڌي اِنهن جو شڪارُ هاڻي نٿا ڪن. ڪنهن هنڌ پڙهيو هومِ ته قديم سنڌينِ ٻُلهڻنِ کي وڏو مانُ ڏنو هو پر انهيءَ ڳالهه جي تصديق هيلَ تائين ڪنهن اصُلي تاريخي ڪتابَ مان ڪانه ڪري سگھيو آهيان. انهيءَ وشيشَ جي ٻي ڌارڪَ گنگا نديءَ ۾ رهي (سُئِزِ ڏيهه جي جيِوَ وگيانيِ جارجُ پِليريءَ پهرين سنڌوُ ٻلهڻ تي ڪمُ ڪيو ۽ سندس انهيءَ بابت ڪتاب اڃا مياري مڃبي آهي. پروفيسر پليريءَ اِنهن ٻِنهي ٻُلهڻِ کي ٻه ٻيا وِشيشن جا قِسمَ سمجهيا هُئا، پر هاڻي وگياني گنگا ۽ سنڌوُءَ جا ٻُلهڻِ هڪُ ئي وِشيش جا ٻه جُدا ڌارڪَ ليکيندا آهن) . ٻِنهيِ هندن تي اِنهيءَ ٻُلهڻِ جا انگ ايڏا گهٽ ٿي ويا آهن، جو بچاءُ ڏکيو ٿو لڳي. سنڌوُءَ ندي ۾ بندش وجھندڙ بيراجن ۽ پاڻي ۾ شهرن، ڪارخانن جي آلايش ، سندن جياپو ڏکيو ڪري وڌو آهي.

جڳَ ۾ نديُنِ ۾ رهندڙن ٻُلهڻنِ جا رڳو ٽي وشيشَ ماڻهن ڏٺا ـــ هڪُ گنگا سنڌو ٻُلهڻِ، ٻيو چيِن جي يانگتسي ندي ۾ ، ۽ ٽيونriver dolphin yangtze ڏکڻ آمريڪا جي وڏي نديءَ ايميزان وارو ٻُلهڻِ. هاڻ يانگتسي ندي ٻُلهڻِ، جنهن کي چينيِ باجيِ ڪوٺيندا هئا ۽ جنهن بابت ڪيئي چيني لوڪَ آکاڻيون هيون، تنهن جي وِساڻي ٿي ويئي آهي. ڪيترن ورهين کان ڳولهيندي جيِوَ گيانين هِڪُ به باجيِ ناهي لڌو. مٿي فوٽون هڪَ باجيءَ جو آهي جِن جي اڄُ وساڻي ٿي چُڪيِ آهي. ڪو به هِنَ جهڙو جانورُ وري نه ڏسيِ سگھندو.

ٻُلهَڻِنِ جا ڳُڻَ

http://flickr.com/photos/7746287@N04/861325985/سنڌوُ ٻُلهڻِ ڏسڻ کان هيل تائين نِراس رهيو آهيان. سنڌوُ ٻُلهڻِ جو قدُ ۽ اٽڪلَ وزن ماڻهُن جيڏو ٿئي. پرَ سامونڊي ٻُلهڻِ سانتيڪو وڏي سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ مان ڏٺا اٿمِ جو اِهڙن ٻُلهڻنِ جي هڪَ وشيشَ جا ٽولا هوائيِ ٻيٽنِ پاسي گهُمندا آهن ۽ تِنِ کي ڏسڻ ٻه ٽي وارَ ويو آهيان. . سامونڊيِ ٻُلهَڻِنِ جو ماڻهنِ کان ٻيڻ ٽيڻ وزن هوُندو آهي، ۽ سندن قَدُ ڏيڍوُڻ. ٻُلهڻِ پَرمَلُ جانور آهي؛ هوُ ڳوڙهنِ (آتَـڻُن) ۾ رِلڻِو مِلڻو هُوندو آ. هوا ۾ ٽپَ ڏيڻُ جو شونقُ هوُندو اٿنِ. (پاسي سامونڊي ٻُلهڻيون کيڏيندي ڏيکَ جو هڪُ رڱڻُ ڏسندا؛ رنگُ ساز ڪونه ڄاڻا ته ڪيرُ، انهيءَ جو فوٽون مورانيِيِو َ ڪٿي ڇڪيو آهي).

گڏيل قومن پسگردائي سِٽائِڻي سالُ 2007 کي ٻُلهڻِ جو سال ُ مقرر ڪيو آهي. ٻُلهڻيون اوَهَدار جانورَ آهن (سندن ٻارَ پنهنجي مائُرَن جو کيِرُ پِيَن). توڙي ٻُلهڻِ پاڻي ۾ رهي ۽ ٺاهوُڪو تاروُ ٿئي، هُن کي ساهَ کڻڻ لاءِ پاڻي مَٿُ اچڻو پوي ڇاڪاڻ ته اَوهَدار جانور هوُندي، مڇين وانگر پاڻي مان ساهُ کڻي ڪونه سگھي. جيڪي ٻُلهڻِ نديءَ ۾ رهن سو ٽُٻيون هڻي درياههَ جي ترائين تائين پُڄي سگھنِ ۽ پنهنجو ساهُ ڪيئي منٽ جهلي سگھن. سمنڊ ۾ رهندڙ سوين ميٽرَ هيٺ گهراين ۾ پُڄَنِ.

ٻُلهڻِ کي ساهَ کڻڻ لاءِ سدائين پاڻ اوجاڳو ڪرڻو پوي، پرَ ٻين مُرڪب دماغ وارن جانورن وانگر نِنِڊ جي به گھڻي گھرج اٿسِ.. تنهن ڪري ٻُلهڻِ نرالي ڍنگ جي ننڊ ڪندي آهي، جنهن ۾ اَڌ دماغ سُتل ته اڌ جاڳيل ! (جنهن ڳالهه جي تصديق سندن دماغي ڦرڪڻن جي ڇانٽ سان بحري جيِوَ گيانين ڪئي آهي). نِنڊَ ۾ ٻُلهڻِ جي هِڪ اک بند، ته هِڪ اک کليلِ، ننڊ روز اٺ ڪلاڪ ايِنئي ڪري.

ٻُلهڻِ جو دماغ ُ چڱو وڏو هوندو آهي. گھڻيئي ڳالهيون ياد رکي سگھي. هڪُ ٻي سان ٻُلهڻيون ڪچهري به ڪنديوُن آهن پر تِن جي ٻولن جي مُرادَ اڃا وگياني پوري ڪونه سمجھي سگھيا آهن.

پڙاڏي ٺِڪاڻو لهڻُ

پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
(شاه)

wikipedia image

ٻُلهَڻِ سڏَ ڪري شئين مان پڙاڏا ٻڌيِ تِنِ کي پرکندو آهي. هِڪَ سڪينڊَ ۾ 800 ٽِڪِ ٽڪِ جا سَڏَ ڪري تنِ آوازن جي ڦرڪڻن جي اولڙائي مان قدُ بتُ ۽ روپ پرکي ۽ حسابَ ڪڍي ته نه رڳو ڪهڙي ٺڪاڻي تي پراڏو ڏيندڙ شئي آهي پرَ اِها ڪهڙي شئي آهي. ٻيشڪ پرکڻ بِنا شئيُن جي ڪا پنهنجي حقيقت ناهي، هرَ شئ گڏيل هيڪائي آهي؛ اينئين چئجي ته پڙاڏو به هڪ وائي آهي جيڪو وَرُ ٻڌي ٻُلهڻِ شئين جي ٻيائي ٿو پرکي! (منهنجي چوڻ جو مقصد هيءُ ناهي ته مانکي ڪا پڪَ آهي ته شاهه سائين جي مٿين بيت مان ڪا اِهڙي مُراد هُئي؛ ڄاڻان ٿو ته روايت موُجب ٻي مُرادَ ڪڍندا آهن). ڇو ته پاڻيءَ ۾ ڄڀَ سان ڳالهائِڻ ڏکيو، ٻُلهَڻ ٽِڪِ آوازَ مٿي تي ڦوڪڻيِ ٽُنگ مان هوا کي ٻاهر ڪڍي وڄائي. ٽڪ جي رفتار ۽ سڏَ جي خاصيت ڦوڪڻيِ ٽُنگَ کي سُسائي ۽ وڌائي ڦيرائي. اهڙيءَ ريِتِ ٻُلهَڻِ هڪَ ٻي سان ڳالهائيندا به آهن .

پڙاڏي ٺِڪاڻو لهڻَ مان پراپَٽِ هيءَ ته اِنهي ڪاريگري هلندي ڏينهن هجي توڙي راتِ جي اونداهي هجي، نديءَ جي پاڻيءَ ۾ لَٽُ هجي، يا سمنڊَ جي پاڻيءَ ۾ لوُڻُ هجي، توڙي اهڙن سببن ڪري اِها شئي اکُين سان ڏسي به نه سگھبي. پڙاڏي ٺِڪاڻي لهڻَ جي ڪاريگريءَ ۾ هاڻي وگياني به ماهِر ٿيا آهن… نادُ ماپڪ اوزار ٺاهيا ويا آهن جيڪي اَتيِ آوازَ هڻيِ (اَتيِ آوازَ معنا جن جي ڦرڪڻي رفتار انساني ڪَنَنِ پرکڻائي آوازَ کان گھڻو مٿي)، پيٽ سان مايُنِ اندرُ ڳَڀُ (گَرڀُ)، کيکڙائي ڪُٽيا، ۽ سريرَ اندر ماسَ تَنتوُ ڏسي سگھجن ٿا.

سنڌوُ ٻُلهڻِ ته اکين کان ڏسڻ جي قابليت ئي ذري گھٽ وڃائي ڇڏي آهي. ٻُلهَڻِ پنجاه مليَنَ ورهيه اڳُ سُڪي ڇڏي پاڻيءَ ۾ رهڻ لڳو. ڪيئي ملين ورهيه اڳُ انهن مان ڪي ندي ڏانهن ويا ۽ اُتي رهڻ ڪارڻ ڦرندا وانگي ٿيا. سنڌوُءَ ۽ گنگا ۾ رهي اوسراڻپي قانونُ موجب اِهو ڦيرُ آيو اٿسِ جو سنڌوُ درياهَه ۾ لَٽُ ايڏو ٿئي جو پاڻي اندر ڏسڻ مُمڪن ناهي. (جيڪا شئي ڪم جي نه رهندي آهي، جيِوَ گيان ٻڌائي ٿي ته قدرتَ اِنهيءَ کي ٽهيُنِ وچ ڦيريُنِ ٿيندي اوسراڻپي جي قانون موُجب نيٺ وڃائي ڇڏيندي آهي). هونئن ٻُلهَڻِ ۽ انسانن جي دماغن ۾ ايڏو فرق ناهي؛ ڪِن ٻُلهَڻي وشيشن جي ميجالي جو وزن اٽڪل اِنسانن جي ميجالي جيڏو آهي. ٻُلهَڻِ ٿورڙن جانورن وانگر پنهنجي عڪسَ کي آرسيِءَ ۾ سڃاڻي سگهن ٿا.

http://dsc.discovery.com/news/briefs/20041108/dolphin.html

اِنسانن سان ٻُلهَڻِنِ جو خاص ناتو

ٻلهڻيون هڪَ ٻي سان راندين ڪرڻ جون شونقين ليکبيون آهن.  پرَ قديم رومي وگيان پلينسُ هڪ ڇوڪري ۽ ٻُلهَڻِ جي سنگت جي//flickr.com/photos/aileenparsons/304111293/ آکاڻي پڻ ٻڌائي ٿو. ٻُلهَڻِ ڇوڪري سان روز ملندو هيو. (پاسي فوٽوُن ۾ مائيِ ۽ ٻُلهَڻِ جو جن پاڻ ۾ سنگتََ ڪئي آهي؛ اهڙيِ سنگت ڌارڻ سان ٻُلهَڻِکي تربيتَ پڻ ڏيئي سگھبي آهي).

ٻُلهَڻِ هڪ ٻي جو درد به سڃاڻن. جڏهن ڪو زخمي ٿي ته ٻيا هن جي پاسي رهن ۽ تنهن کي ساه کرائڻ ۾ مدد ڪنِ. ساڳي ريتَ ويَمَ مهلَ به ٻيا ٻيا ٻُلهَڻِ اچي مدد ڪندا آهن. قديم يوناني فلسفي ارسٽاٽلَ ٻڌائي ٿو ته ٻُلهَڻِ ٻُڏندڙ انسان ڪي بچائي سمنڊ جي ڪپ تائين پُڄايو آهي. تاريخ ۾ مشهور يوناني ملاحَ اوڊيسيئس جي پُٽَ تيليماخسُ جو نالو ملي ٿو جيڪو زري گھٽ ٻڏي ويو پرَ ٻُلهَڻِ کيس پاڻ تي چاڙهي پُڄايو. ڪي ماڻهون هنن پُراڻين ڳالهين کي ڏند ڪٿائون ليکيندا آهن. پر اهڙين ڳالهين جي اَڄُ ڪَلهه به وقت بوقت اسان کي خبرون ملنديون ٿيون رهن.

“There are lots of modern-day stories about people being saved by dolphins from shark attack and other desperate situations at sea. The accounts all have one thing in common – the dolphins have helped people with no apparent benefit to themselves. Here are some of the documented accounts we know about. Last year, a group of four New Zealand lifeguards were convinced they had been protected from sharks by a group of dolphins who swam in tight circles around them, thus preventing the sharks from coming close enough to attack.
In May 1978, a boat load of people were lost in thick fog off the coast of South America. Four dolphins nudged the boat through dangerous water and saved many lives.
Another dramatic account was reported in 2001 by a group of fishermen from South Carolina in the US. Their boat sank 50kms away from shore and they found themselves surrounded by sharks. A group of dolphins arrived and proceeded to drive the sharks away. They remained with the fishermen all night and the following day, warning off any sharks that came near.”

http://www.wdcs.org/dan/publishing.nsf/allweb/7B8130ABC27055D4802570B90050ABD8

اڃا به ڪِن هندن تي ٻُلهَڻِ ۽ لڳاپيل سامونڊي اوهدرا جانورَ وهيلَ کي مارنِ ٿا. سامونڊي ٻُلهَڻِ جا ٽولا ڪِن مڇين جي ٽولن جي ڀرَ ۾ هوندا آهن، تنهن ڪري ڪي ٽيوُنا مڇي ماريندڙ ماڇي سمنڊَ ۾ ٻُلهَڻِ جي ڳولها ڪندا آهن، ڇو ته ٻُلهَڻِ ساهُ کرڻ لاءِ مٿي ايندا آهن ۽ تنهن ڪري پريان پڌرا. وري وڏن جهازن ۾ هاڻي اهڙا ڄار ٿا ڪتب آڻيِن جن جيِ ميلن جا ميلَ لامَ ٿئي ۽ جنهنجي دڳَ ۾ ٻُلهَڻِ به ڦاسي پون ته ٻيون به ڪيتريون مڇيون مارجي وڃن جنکي ماڻهون ڪونه کائن.

ٻُلهَڻِنِ جي بچاءَ لاءِ مُهمَ

هاڻي ڪِنِ قياسُ ڪندڙ سخي دل مردن ۽ زائُفن ٻُلهَڻين جي بچاءُ لاءِ پنهنجي زندگي ارپائي ڇڏي آهي. ڏسندا ۽ تنهن لاءِ ڪي تنظيمون ڪم ڪن پيون. هيٺ فوٽوُن سان فرانسِسِڪو شهرَ هڪ ڌرڻي جو آهي

http://www.wdcs.org

SF dolphin day protest

سنڌوُ ٻُلهَڻِ بچائڻ لاءِ هزارَ ماڻهن اَرداسَ ڪئي آهي ؛ توڙي پاڪستان ڪاسانڪ (خوُن ريزُ) حاڪمن جو ضمير ڪنهن ڳالهه لاءِ ڄاڳائڻِ ڏکيو آهي، اوهان به پنهنجو نالو اِنهيءَ ارداس ۾ درج ڪري سگھو ٿا ته گھٽ ۾ گھٽ اوهان جو نالو چڱن جي ساٿُ هوُندو ــ

http://www.thepetitionsite.com/takeaction/595915416

مان به ڪيترائي ورهيه ٿيا هوُندا ته پنهنجي جوانيءَ ۾ ٻُلهَڻِ ۽ سندس ويجھن مائٽ وشيشَ ”وهيلَ“ جي بچاءُ جيِ مُهم کي خوش خذمت سپاهي بڻجي پنهنجو وقت ڏنو آهي. جي ٻُلهڻِ انسان جو درد سمجھي سگهي ٿو، ته اِنسانَ کي به ايترو احساسُ ته ٿئي ٿو ته دردُ هرَ مرونءَ پسونءَ کي ٿئي. اسان به تنهن جو احساسُ ڪندي تنهنکي پنهنجي دردَ سان ڀيٽي سگهوُن ٿا،


ڪُونجَڙِيءَ ڪالَھ لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَمِ چِتِ؛
آءٌ جِنين رِءَ هِتِ، گَھنگَھرَ گھارِيان ڏِينهَڙا.

(شاه)

۽ اِهڙو احساس ڌاريندي اسان جي دلين ۾ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ لُڇڻَ جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿو. اسان جي همدردي هرَ درد مند سان ٿيڻ گھرجي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڀِٽَ ڌڻِيِ قياس منجهان ٻه پوُنگرا ڌاريا جن جي ماءُ لاپتا هُئيِ. انهن تي نالا موتيِ ۽ کينوُ رکيا هئائوُن ۽ روايت ٻڌائي ٿي ته اِهي ٻئي ڪُتا ساڻُنِ پنهنجي سڄي ڄمار گڏ پنڌَ ڪندا هلندا رهيا (ڪُتَنِ جو آيوُ دمُ لڳه ڀڳه پنڌرهان ورهيه ٿئي) ــ

هيٺين وڊيو هوائي ٻيٽن ميڙ پاسي پاڻيءَ اندر سِڪوُبا ٽوٻوُءَ ڇِڪيِ آهي.

Advertisements

5 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. […]thing felt obliged to follow was Sindhi tag from wordpress. In that tag, I found blog of Agha Gul on top.[…]

  2. Very nice and informative. Nice to see such sindhi blog

  3. […] ڏسُ ــــ پڙاڏو سو سڏُُ […]

  4. It is a pleasure to see East being connected to the west.
    Devi nnagrani

    2. گيت

    سُھڻيءَ جي سيني ۾ سانـڍيل
    ڪوئي ڪُھنو سوُر ھُيو.

    سِمي سِمي اندر ئي اندر
    سوُر بڻيو ناسوُر ھُيو.
    سُھڻي ھِت ميھر لاءِ ماندي
    ھُت ميھر مجبوُر ھُيو.
    ڪارونڀار ڪُنن ۾ ڪڙڪا
    دريا ڀي ڀرپوُر ھُيو.
    تيز تِکو طوفان لڳو ٿي
    ويتر ساحل دوُر ھيو.
    لھرُن ۾ وئي لُڙھندي سُھڻي
    ھُن جو ھڏُ ھڏُ چوُر ھُيو.
    ڪچي گھڙي به نه ساٿ ڏِنُس، ھي
    قسمت سندو قصوُر ھُيو.
    پھُچي به ته ڪيئن ديوي، ھُت جِت
    حاضر سندس حُضوُر ھُيو.

    (ديوي ناگراڻي)
    **

  5. Yes, East and west seem together. It is a “wave”.


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: