هيروشيما تي ويِچارَ

آڪٽوبر 15, 2007 at 4:42 pm | Posted in Education, Sindhi, سنڌي | 2 رايا
Tags: , , ,

هيروشيما تي ويِچارَ

پويان ٻه ٽي ڏينهن جاپان جي اُترادي ٻيٽَ هوڪائدو جي وڏي شهرَ سَپورو ۾ ڪاٽيا اٿمِ. ٽيوڏينهن آئي پهريون ڏينهن هو، تنهن ڏينهن ڪانفرنس اڃا شروع نه ٿي هُئي. منهنجي گهري شهرَ شمپينَ کان هتان جو وقتُ چوڏهن ڪلاڪ اڳتي آهي. جڏهن وقتَ جو ايڏو ڦيرُ هوُندو آهي، ته جي ٿي سگھندو آهي ته هڪ ٻه ڏينهن پري ديسَ ۾ ڪانفرسن جي منڍ وقتَ اڳُ پُڄندو آهيان جيئين وقت سان ڏينهن رات جي ڦير تي پاڻ هيرايان. سو پهريون هِڪُ ٻه ڏينهَن شهرَ جا پنڌ ڪندو آهيان ۽ تنهن جا باغ بازارون، گھٽيون عمارتون جو ڏيک ڪيان ۽ ماڻهنِ مرئُنِ جي هل چل  ڏِسان.

جاپان گھڻائي وارَ اچڻ ٿيندو رهندو اٿمِ. ڀانيان ٿو ته پندرهان ويهه وارَ آيو هوُندمِ. خيرُ.

هتي جاپان ۾ ماڻهن کي جَنگُن خلاف ڏاڍي نفرت آهي. سِڪولن ۾ پاڙهيِندا آهن ته جَنگَ ڪري عام ماڻهن کي ڏکيايون ٿينديون آهِن. باغن ۾ دنيا ۾ اَمُنُ لاءِ دعائون پٿرن تي لکيل هوُنديون آهن. تاقيد لکيل هوُندي آهي ته دنيا ۾ اَمنُ جي واڌاري لاءِ ٻين ٻين سماجن جي ماڻهن کي هڪَ ٻي کي سمجھڻو پوندو. ڌِڪار وڌائڻ سولو آهي، سمجھه وڌائڻَ لاءِ ڪمُ ڪرڻو ٿو پوي. سو ٽيوڏينهن پنڌ ڪندي اَمن جون ڳالهيون وري ڏِٺمِ.

ڪالهَه ڪانفرنسِ شروع ٿي. ڪي ڦولهاري پرچا هيِروشيما يونيورسٽيءَ جي وِديارٿين جا هُيا. خيالَ هيِروشيما جنهن تاريخ جيِ اونداهيِ مان گذري تنهن اونداهيِءَ ڏانهن ويَمِ ۽ اَڄُ اُتي جي ماڻهن جي موج تي هيرتِ ڪيمِ.

ڪِنِ تاريخَ جي اونداهين مان رڳو اِهو سبق حاصلُ ڪيو ته هوُ جڳَ ۾ اڃا وڌيڪ بُغضُ ۽ ڪيِنو پکڙيِن. ڀانيان ٿو ڏسڻ جوڳي ڳالهه اِها آهي ته هيروشيما ۽ ناگاساڪي ۾ جيئرو بچندڙن ۽ اُنهن جي پوين ڪهڙو سبق پِرايو ۽ دنيا ڏي ڪهڙو نياپو اُماڻينِ ٿا. (پاسي ۾ فوٽوُن ايٽمَ بمَ ڪِرڻ جي وقت جو آهي. هيٺ فوٽون ڪاگر مان ٺاهيل بگھهءَ پکيُنِ جا آهن جيڪي جاپاني لوڪَ رواج ۾ اَمنُ جي نِشانيِ آهن. اِهي جڳَ ۾ امُنُ گھرڻ لاءِ هيروشيما شهر ۾ ايٽمي بمَ ڪِرندڙِ ماڳَ تي ارپڻيلَ اڏاوت تي آهِنِ).

هاڻ هرَ سنڌيءَ لاءِ مُمِڪنِ ناهي ته هو پاڻ ايڏهين وڃيِ سگھي، پَرَ هِنَ حسابي ڪلن (ڪمپيوٽرن) جي جُڳَ ۾ هيروشيما جي ماڻهن جو نياپو اُنهن جي ٺاهيلِ ويبِ جاءِ تان ڏسي سگھجي ٿو ـــ ۽ اِهو نياپو نفرتَ ۽ ويرُ وٺڻَ جو نياپو نه پر امُنَ ۽ اِنسانيتَ پکيرڻ جو چِتائو ڏي ٿو.

ڀانيان ٿو ته اِهڙي سوچَ ئي جاپان جي وڏي ڪمال جوڳيِ ترقيءَ جو ڪارڻ آهي، جو اهڙيِ سوچ ڌاري جاپانيُنِ ڀڃُ ڊاهه بدران جاپان سانتِ رکڻ ۽ پاڻ سُڌارڻ تي زور ڏنو.

http://www.csi.ad.jp/ABOMB/

Goals of the project

  • to provide all readers with accurate information concerning the impact the first atomic bomb had on Hiroshima.
  • to provide the context for a constructive discussion of what the world can learn from this event and why such weapons of total destruction should never again be used.

تِٿي هيِروشيما شهرَ جي مُکيِءَ جي نياپي هِنَ ريِتِ ڏاهب جيِ ڳالهه ڪئيِ آهي ـــ

Memory is where past and future meet. Respectfully learning the lessons of the past, we want to impress the misery of war and the atomic bombing on the generations of younger people who will be tomorrow’s leaders. Similarly, we also need to emphasize the human aspects of education as the basis for peace. Only when life and human rights are accorded the highest priority can young people enjoy lives of boundless hope.

At this Peace Memorial Ceremony commemorating the 50th anniversary of the atomic bombing, I am resolved to spare no effort in achieving the abolition of nuclear weapons and the attainment of world peace.

delivered by the Mayor of Hiroshima on August 6, 1995

مٿيان فوٽوُن هيروشيما ايٽم بمباريءَ کان پوءِ ۽ اڄُ جا

جاپان بابت وڌيڪ وري ڪڏهن لکندُمِ. اَڄُ ٻن ڪلاڪن ۾ مانکي خاص دعوت تي گهرايل وياکياڻ ڏيڻي آهي.

حقُ موجودُ!

Advertisements

2 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. Twhan dursat aahyu te japani haan pur aman qaum aahin par, je awhan japnyun saan mustakil leh wicharh mein acho te khbar pawnde te sandan be mahabhari jangh wari junooni jibblat anja khtam na thi ahe bus kithe likke wae aahe…. Ho puraman na par khoofzda aahin te je takrhi tarki kandarh china ya atomi hathyar thaheendarh dakhan korea jekar khaun wer wathe te ho cha kanda………..
    ha baki uho chai tho saghje te be mahabhari larhai khan poe JAPAN ji sunjanap sandan SIkhat porhyu ahen jeenhn inhan khe hik sudhryal qoum banayu……sorry muhnje PC te sindhi fone instal natho the
    regards

  2. حق موجود سدا موجود : مضمون آرٽيڪل تي اسان جهڙا عقل جي انڌا ڇا تبصره ڪمينٽس ڪن ؟
    تمام سهڻي نموني سان عنوان تي ويچار ڪيو آهي ، مضمون پنهنجي نفس روح م پنهنجو تفسير خلاصو سُڌ سَمَاءَ جو هڪ لاجواب نمونو آهي ، جنهن جي پڙهڻ سان روح تڙپي پيو لکندڙ موصوف اعلي کي رب ڪريم اان جو اجر ثواب عطا ڪري جنهن انڌاري ۽ نور ٻنهي جو بيان لکي دنيا کي امن جو سبق ڏنو
    وڌيڪ ويچار ڪري امن جو پيچرو لهي ، دنيا کي امن آشتي پيار محبت سڄڻائيپ جو گهر اوساري ڪري بڻائڻو آهي _جوکيو شفيق مسڪين فقير مسافر عقل جو انڌو


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: