آمريڪا وڃڻَ جي ٽِڪَسَ

آڪٽوبر 7, 2007 at 10:13 am | Posted in Autobiographical, Education, Sindhi, سنڌي | 3 رايا
Tags: , , , , , , ,

 

آمريڪا وڃڻَ جيِ ٽِڪَسَ

سال 68 19 هوُندو. تنهن زماني ۾ ”ونِ يوُنِٽَ“ ڀڃڻ لاءِ سنڌينِ جي مَٿاڪُٽَ پي هلي. اُنهيءَ مُهِمَ سان مان به لاڳاپيلِ هومِ ۽ تنهن لاءِ وَسَ آهِرِ ٿورو ڪمُ ڪيُمِ . روز صبح جو ”جيئي سنڌ“ جا ٺپا ڪاگرَ تي هنيوُنِ سَڀنِ ٻارن کي قميِسَ جي گِيدي تي ٽانچيِءَ سان ٽُمبيِ پارائيندو هومِ. حيدرآباد ٻه ورهيا رهي ٿيا هوُندا، اَمان بابا فيصلو ڪيو ته ڪراچيءَ وڃڻ سان سلامتي وڌيڪ ٿيندي جو مانکي انهن ڳالهين کان هميشا لاءِ موڙي ڪيِنَ سگھندا. منهنجي وڏي ڀاءَ جي خلاف اڳيئي ”پاڪستان جي دفاع قانوُن“ هيٺ چَالانُ وِڌو هُئَون ۽ ٽيِپَ ڏيڻ لاءِ ڳولهيائوُنسِ پي (سيِ آئي ڊيِ مان چالان نڪرڻ وارو هو ته بابا کي ڪنهن سنڌيِءَ خبردار ڪري ڇڏيو هو. ٻه سال پوءِ منهنجي ڀاءُ مهراڻ انجنريِ ڪاليج جي ”اسٽوُڊنٽ يونين“ جو صدر چونڊيو ويو هو، تنهن ڪري قيدَ وڃڻ بدران غائب ٿيڻ کان اِنڪار ڪيائين).

هاڻي يارهين ٻارهين ورهين جي ٻارَ کي جو پاڪستاني رهزنَ جھلي وڃن، ۽ تڏهن نه ته ٻه ٽي ورهيهڪتاب جو مٿالُ پوءِ، تنهن اِمڪانَ کان پاسيرو ٿيڻ ڪراچيءَ لڏڻ جو فيصلو ڪيائوُن. سوچيائون ته اُتي سِڪوُلَ ۾ نه سنڌي هوندا ۽ نه اِهي ڳالهيون اُٿي سگھنديِون. هِنَ ننڍيءَ عُمِرَ ۾ پڙهائي ڏانهن ڌيانُ وڌيڪ ٿيِڻ گھرجيس ِ.

حيدرآباد جوُن ياديون ۽ ڪراچيءَ جي رهڻي ڪرڻيءَ بابت ڪنهن ٻي وقتَ لکندُسِ. اُتي اٺين درجي جو اَڌُ سال ۽ نائين ڏهين حبيبُ پبلِڪُ سِڪوُلَ مان ڪيمِ. اِهو سِڪوُل شيِعن کوليو هو ۽ هلائيندا هُيا. يارهين ٻاريهن ڏيارام ڄيٺمل سائينس ڪاليج مان ڪيم.

قسو ڪوتاهُ ــ جي شڪارپوُرَ ۾ سنڌي سنسڪرتيِ ۽ ٻولي جي ساڃاهَه آرنڀَ هئي، ۽ حيدرآبادِ ۾ سنڌي قومَ ۽ سياسي حالتن جي، ته ڪراچيءَ ۾ نه رڳو پناهگيرن جيِ سوچ پرَ ٻاهرين دنيا جي وڌيِڪَ پروڙ پيَم.

ننڍي هوندي شڪارپورَ وڃڻ کان اڳُ اٽڪل پنج ڇهه ورهيه ڪراچيءَ رهيو هوُندمِ. تنهن وقت امان ”ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ“ جي گڏجاڻين لاءِ آچرَ آچرَ ويندي هئي (پاسي سوسائٽيءَ جي ڪراچيءَ ۾ عمارتَ ۽ ڪِن ٿاپيندڙن جي ڏيک جي هِڪَ چٽائيِ) . مان پنجن کان ستن ورهين جوhttp://www.tospakistan.com/home.html هوندمِ ته ڪيئي وار مانکي به وٺي ويئي. جڏهن امان گڏجاڻي ۾ ڪَلاڪُ ڏيڍُ هوُندي، مانکي پُستڪَ خاني ۾ ويهڻو پوندو هو. اُتي ٻارن جي ڪتابن جي هڪَ الماري هُئي جِن ۾ ڪي وگياني ڪتاب بي هُيا. تنهن وقتَ کان آمريڪا مان نڪتلِ وگيانيِ (سائنسي) ۽ ڳڻت گيانيِ ٻارن لاءِ ڪتاب پڙهڻ جو شونق ٿيوم.

اِنهن ڪتابن ۾ رنگا رنگي فوٽوُن ۽ چِٽايون هونديون هوُن. ياد اٿمِ ته هڪَ ننڍن ٻارن جي ڪتاب ۾ نيوُٽنَ جا ٽي مادي گيان قائدا هُئا جِن سوچ تي چڳو اثر وڌو. تِن نيوُٽن جي ڦولارِيَلَ قانونن َ مان ٽيون قانوُنُ هو ته هر عَمَلَ جو برابر ۽ اُبتڙَ پلٽاءُ نڪري، معنا جڏهن هڪ شئي ٻيِءَ شئي تي زور وجهي ته اُها ٻي شئي ساڳيو جوابي زور پهرين شئي تي اُبتي پاسي هڻي (اِهو ڄڻُ ماديِ شَيُنِ لاءِ ڪرمَ نڀائِڻَ جو قانوُنُ ٿيو ــ اَهڙيِ تشبيهَه پنهنجي چاچا آغا صوفي جي ڪنهن مقالي ۾ ڪي ورهيه پوءِ پڙهيم.)

هِنَ قانوُن جو پهريون مِثالُ هڪَ چِٽَ سان ڏِنلِ هيو جنهن ۾ ماڻهون جو هڪُ پيرُ ڪپ تي آهي، ۽ ٻيو ٻيڙيءَ ۾. پوءِ ڳالهه ڪئي ويئي ته جڏهن ماڻهون سُڪيِءَ تي زور ٿو هڻي ته سُڪيِ ماڻهون کي ساڳيو زور پَلٽاءُ ٿي ڪري، تنهن سان ماڻهون سُڪيءَ کان پري وڃي ۽ ٻيڙي کي پري وڃڻ جو زورُ لڳي (سوالُ ــ ٻيڙيءَ تي جو زور پيو، تنهن جي پَلٽاءَ جو ڇا ٿيو؟). ساڳي ريِتِ راڪيٽُ ڌرتيِءَ کي زور هڻڻ سان مٿي وڃي. ياد ٿَمِ ته اِنهيءَ قانوُنَ تي گھڻو ويچارُ ڪيُم. اِنهي ءَ قانوُنَ کي ڏيهاڙو تجربي ۾ آزمايُمِ. اِهو اصوُل سچ به لڳيُمِ ته عجب به.

توڙي اُتي اِهڙو رواج افسوس ته ناهي، هِتي آمريڪا ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهون ٻارن کي ٻن ورهين جي عمر کان سوَلا ڪتابَ پڙهي ٻڌائيندا آهن. سُمهڻَ کان پهرين اهڙا ٻه چار ڪتاب پڙهبا. ٻه ٽي ورهيه پوءِ ٻار پاڻ به پڙهنِ (ته به وڏا جيسين ٻار ڏهنِ يارهن ورهين جا ٿينِ تيسين ڪتاب پڙهي ٻڌائيندا هلندا اٿنِ جو وڌيڪ ڏکيا ڪتاب پڙهي، تنهن ۾ ڪِن ڏکين لفظن جي معنا ڏيئي سگھندا آهن).

سو هِتي آمريڪا ۾ هرَ هفتي اسان پُستڪَ خاني چئن پنجن ورهين جي عُمرَ کان ٻارن کي وٺي ويندا هُئاسين ۽ اُتي اٽڪلَ ڪلاڪ ويهون. هرَ هفتي ويهه ٽيهه ڪتاب به گھر وٺي اچوُن. اِنهن سفا ننڍن ٻارن لاءِ ڪتابنِ ۾ رنگا رنگي فوٽوُن ۽ چِٽايون گھڻيون هوُنديون آهِن. هتي هر ڳوٺ شهر ۾ پستڪ خانو هوُندو آهي. هيٺُ ڏيکُ اَربانا جي شهر جي پستڪ خاني جو، جاتي اسان اڳي رهندا هُئاسين. اربانا ۽ شمپين ڄڻ سکرُ ۽ رُهِڙيِ، هاڻي گھرُ شمپين کان اڌ ڪوهُه ٻاهر هوُندو. اربانا رهندڙ ماڻهن جي ڳڻپ اٽڪلَ پنجٽيهه هزار. هر هفتي لڳ ڀڳ هِڪُ هزارُ ڄڻا، تنِ ۾ وڏا ۽ ٻارَ، پستڪ خاني ويندا آهنِ. هيٺ ٺَرڪَ هڻندا ته پستڪَ خاني ٻارَ ڌارڪَ جو ڏَسُ ڏسيِ سگهندا.

 

http://urbanafreelibrary.org/departments/childrens

اسان جي مُلڪَ سنڌِ ۾ ماڻهوُن سوچن ٿا ته هِتي آمريڪا ۾ ٻار گھڻو ٽي ويِ ٿا ڏسن. پرَ هِتي ڀانتِ ڀانتِ (ٻين ٻين قسمن) جا ماڻهون رهنِ. هوشائِتن جا رواج ٻيا. اسان پارن جي گھرن ۾ ٽيِ ويِ به گھٽ هلائبي آهي. هفتي ۾ قدرت بابت، يا تاريخ، يا فنُ، ناچُ، ڪارستاني جهڙن شين تي ڪلاڪ ٻه پروگرامَ گڏ ڏسندا هُئاسين، ۽ ڇنڇرَ جو ڪلاڪ ڏيڍُ ٻارن جي وِندرُ وارو ڪو پروگرامُ ٻار پاڻ ڏسندا هُيا. ٻن ٽن مهنن ۾ ڪنهن فلمَ ڏسڻ وڃن. کينِ ڪتاب ۽ ٻاهر کيڏڻ جو شونق اِئين وڌيو. Urbana Free Library

سو ڳالهه پي ڪيمِ تنهن وقت جي جڏهان مان ننڍو هوسِ. گھڻا ورهيه پوءِ جڏهن ڪراچي موٽي آياسي، وِلائِتيِ درسي ڪتابَ پڙهڻ جو شونَقُ ٿيوم. تِن ۾ مسئلا چڱا ملندا هَمِ جن تي سوچڻ ۽ حلُ ڪرڻ ۾ مزو ايِندو هيم. ٻيو ته ڳڻت گياني ڪتابن ۾ ثبوتَ پِڻ هيا جن کي پڙهڻ سان دلِ کي هڪ طرح جي سانت لڳندي هئي ته ڳالهه ايئين ڇو آهي. ڏيهيِ ڪتابن ۾ ڪڏهن ثبوُت کائي ويندا هئا ۽ زورُ فارموُدا هڻي مثلا حل ڪرڻ تي هو. پوءِ انگ گيان ڪتاب پڙهڻ جو ڍنگ به سکي ويم … پهرين اُپَپاديَه (”ٿيِئَرمَ“) پڙهان ۽ پاڻ ثابت ڪرڻ جي ڪيان. پوءِ ڏِسان ته ڪتابَ ۾ ڪهڙو ثُبوت ڪتبُ آندو اَٿَنِ ۽ تنهنجيِ ۽ پنهنجي ثبوتَ جيِ ڀيٽ ڪيان. ساڳي ريِتِ وِگيان ڪتاب پڙهڻ جو به ڍنگُ سکيومِ. ڪڏهن ڪڏهن مانکان اُپَپاديه جو ثبوُتُ پاڻ نه لڀندو هيو، توڙي تنهن تي ڪلاڪ ٻه ڇو نه هڻا. پوءِ ڪتابَ ۾ ثبوت پرهڻ سان ڏاڍو مزو ايِندو هومِ.

وِگيانُ سوچڻ ۽ سوال َ پُڇڻ سان سمجھه اچي. ڳالهَه کي پاڻ سمجھڻو پوندو آهي، ٻي جي آڌر تي نه وٺبو. چوڻ جو مقصد اِهو ناهي ته اِهي وگياني غلط آهن. توڙي تِن جي سمجھه غلط ڇو نه هُجي، ڪو ايئين سولائي سان تنهن ۾ چُڪَ ڪانه ڏسي سگھبي، پرَ جي ويساهَه تي ثبوتُ وٺبو، ته وِگياني پاڻ ڪڏهن ڪين ٿي سگھبو، ٻيو اُها سمجھه به لاٺيري رهندي.

سائين سچلَ جي اصولن جو اڳيئي اثر هيو. پوءِ ڪِرشناموُرتي نالي هڪ فلسفي جو ڪتاب ”ايڊوڪيشن انينڊ ديِ سگنيفيڪنسِ آف لائيف“ پڙهيم. تنهن چيو ته تعليم جو مقصد سوچ ويچار ۽ کليل دماغ رکڻ. تنهن بدران تعليمَ ڪيترا ئي وارَ بند خيالن جو واڌارو ڪري ٿي. افسوسُ! اسان جي تعليمي نظامَ ۾ ٻارن جي مَنَ ۾ سوال اُٿارڻ، ڳالهيُنِ تي سوچڻ جي سَڌَ بدران يادڪ ڪرڻ ۽ ’ها ۾ ها مِلائڻ‘ تي عاديِ ڪن ٿا.

چار پنج ورهيه ٿيا هوندا ته سائين موتي لعل جوتواڻي جي سنڌ جي صوفين بابت انگريزي ڪتاب ۾ سورويهن صدي شاعرَ شاه ڪريمَ جي بيت جو ترجمو پڙهيم جنهن ۾ هنَ ڏات ڏني ته جيڪي سوال پُڇي پاڻ پِتوڙين (پاڻ کي منڌِئَڙو هڻن) ٿا سي ويِرَ ۽ ڏاها آهن، جو ماڻهون ۾ چڱائي ڄڻُ کِيرُ ۾ مکَڻَ وانگي آهي. اِهو بيتُ مان سنڌيءَ ۾ نه پڙهيو آهي، جي ڪنهن صاحبَ يا صاحبه کي اِنهيءَ بيتَ جي پِروڙَ هجي ته ٻڌائيندا. لک ٿورا. قصو ڪوتاهُ ، سائين سچلَ (۽ تنهن ڪري ڪِرشنامورتيءَ ) جي هن وانُکائي فلسفي اِنهيءَ پاڪستاني تعليمي نظامَ جي بُڇڙي اثر کان بچائي وِڌو.

اِها ڳالهه مان اڳي ڪيئي وارَ ڪئيِ آهي ته هر متن سنڌيءَ ۾ پارهڻ گھرجي. سنڌي ۾ پارهڻ جو حامي مان انهيءَ ڪري به آهيان ته ٻارَ پنهنجي ٻوليءَ ۾ سوال پُڇڻ کان گھٽِ هيسجندا آهن. ڪُڇڻان نه مُنجھڻان.

ٽونيِ لِگيٽَ نالي منهنجي يوُنيورسٽيءَ ۾ هڪ وڏو مادي گيان آهي. ٻه سال اڳُ نوبل انعام کٽيائين. تڏهن ڳالهه ڪيائين ته سندس بيچلرَ فلسفي ۽ نه مادي گيان ۾ هُئي. تنهن کان پوءِ وڌيڪ شونقُ مادي گيان ۾ ٿِيُس ۽ تنهن ۾ اڳتي تعليم لاءِ ويو. ليگيٽَ ڳالهه ڪئيِ

Philosophy helped me gain a sense of vision in the sense that I
learned to ask questions (in order to understand my research)

ٺهيو، سو ڳالهه پي ڪيم. پاڪستاني وِگياني ۽ ڳڻت گياني درسي ڪتاب ناقص ٿي لڳيَمِ جو تڳو مسئلا حل ڪرڻ جو نُسخو ڏين (ڄڻُ ڪنهن تعام پچائڻ يا مستريِپِڻي جو ڍانچو پيا ڏينِ)۽ پوءِ پٺيان اهڙا سوَلا سوال هُجَننِ جو بس فارمودي ياد ڪَرِ جڻ ڪو حسابي ڪلَ ۾ پروگرام ڀرڻو هجي ۽ تنهن ۾ انگ ڀرِ ڄڻ ڪا حسابي ڪلَ هلائڻيِ. تنهن ڪري جڏهن ٻاهريان درسي ڪتابَ ڏٺمِ ته اِنهن کي پڙهڻ جو شونق لڳم جو تِن ۾ مسئلا وَنگاڙيندرَ لڳيمِ. پهريون اهڙو آمريڪي درسي ڪتاب ُ اٺين درجي ۾ حبيبَ سِڪولَ جي لائبرريءَ ۾ ڏِٺمُ. اُهو ڪتابُ جھُنڊُ اَنوُمانَ (سيٽُ ٿيئريِءَ) تي هيو. جھُنڊُ اَنوُمانُ هڪُ ڳڻت گيان ڌارڪَ آهي. تڏهن تازو اِهو موادُ پاڪستاني انگُ گيان درسي ڪتابن ۾ وڌو هُئائون جو ماستر کي نئين شئي پي لڳي.

توڙي اِهو ڪتاب پُستڪَ خاني ۾ ڪي ورهيه پيو هوُندو، ڪنهن ٻار ڪڏهن اِنهيءَ کي هٿ هڪ وار به نه لاٿو هيو (هڪ ته ڏسڻ ۾ نئون، ٻيو ته هِڪُ ٺپو ۾ منجھسِ ڪونه). توڙي پهرين شونق سان کنيو هومِ پرِ ڀانيان ٿو ته پوءِ ڏيکائو ڪرڻ جو به ڪجھه شونق لڳُمِ. سِڪوُلَ جي بسِ اڌ منو ڪَلاڪُ وٺي وڃڻَ ۾ لڳائيندي هُئي، تنهن جو اڌُ وَقتُ مان اِنهيءَ ڪتاب ۾ مسئلا پڙهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ لڳائيندو هومِ. ٻيا ٻارَ اِئين ڏِسن ته هي ڇا پيو ڪري ۽ وائڙا ٿيندا ها ته ڪو پنهنجي ليکي ڳڻت گياني ڪتابُ پيو پڙهي. پڙهائي ڄڻ ٻرو لگين!

آمريڪا جي ڏُکي کان ڏُکي داخلا ڏيڻَ واريءَ يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ ڪيئين ٿيو، اِها ڳالهه وري پوءِ ڪندُمِ. پرَ ڳالهه پڌري هجي ته وِگيانيِ شونقَ جي ڇِڪَ لڳڻ وڏو ڪارڻ هيو جو اِنهيءَ ڇِڪَ آمريڪا اچڻ جي ٽِڪسَ به ڏياريِ. ٻيوُن واٽون پوءِ کولڻ لاءِ ڪي هٿَ پيرَ هنيم، ته ڪُجھه اَمُر ڏسُ ڏيکاريوُ، پرَ گھڻو اِنهن ٻنهي جو ڳڏجڻ چئجي، قسمت واٽ ڏيکاري، هٿَ پيرَ هڻي اِنهيءَ جي لاڀَ وٺڻ انسانَ جو ڪَمُ.

قسو ڪوتاهُ، سياڻي سچُ چيو آ

جِنِ کي لڳيِ آهي لنئوُن

ڇو نه لُچنديوُن؟

پيرا پنهلَ جا

ڇو نه پُڇنديوُن؟

(سائين محمدُ يوُسف هيءَ ڪافي ڳائيندو هُيو، جيڪا هاڻي ڪسيٽَ ڳولهي ٻڌڻ جو وري شونقُ ٿيومُ سو هاڻ هلانيا پيو، ڀانيان ٿو ته هيءَ ڪافي مِٺلَ فقيرَ جي آ ).

Advertisements

3 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. “Very interesting and Inspiring, Indeed”!

    _’B’
    (karaachi)

  2. ان ڳالھ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندوته اوهانجي لکيل بلاگن جي ڄڻ هير پئجي ويئي هجي.پوئين بلاگ ۾ اوهان ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي پاران شاه ڪريم بلڙي واري جي بيت تي ڪيل ٽيڪا جو ذڪر ڪيو.جيتوڻيڪ مونکي شاه ڪريم سائين کي پڙهندي ورهيه لنگھي ويا آهن پر ڪير آهي جنهن کان هي مشهور بيت وسرندو.

    جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وِيرَ،
    جو لَکَڻُ ۾ ماڙُوهِين ، سو ڪُلَکَڻُ ۾ کير.

    ڪتاب جا پنا اٿلائم ته پروڙ پيئي ته عمر بن دائود پوٽو پاران ڏنل ڪُلَکَڻُ (اوگڻ) جي معني جوتواڻي جي ڪيل اپٽار(مکڻ) سان ٽهڪي ڪونه ٿي اچي ۽ ماڳهين مطلب ئي ڦريو پئي.چڱو ٿيندو جو اوهان ان سٽ جي ڦولها ڪريو ته جيئن سڀ جي رهنمائي ٿئي.

  3. […] ڏَسُ ـــ آمريڪا وڃڻَ جيِ ٽِڪَسَ […]


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: