سائين رومي ــ اٺ سوَ سال

سيپٽمبر 30, 2007 at 6:44 pm | Posted in Poetry, Sindhi, سنڌي | 2 رايا

سائين روميءَ جي اٺ سَوَيِن ساليانو ورسيِ

konyaاڄ سائين جلالدين روُميءَ جي ورسي سڄي جڳَ ۾ پئيِ ملاهي وڃي. گڏيل قومن تعليمي وگياني سنسڪرتي تنظيمَ پاران هن سال کي روُمي سال رکيو ويو آهي. دنيا جي ٻين ٻين شهرن ۾ روُمي جو سال ملهايو ويو. هيٺ کاٻيِ ٺرڪَ هڻدا ته رومي جي شان ۾ ڪيئي مجلسن بابت پڙهي سگھو ٿا جيڪي يوُرپَ ۽ آمريڪا ۾ ٿيون آهن. ڪيترن ئي ورهين کان روُمي آمريڪا ۾ سڀن کان وڌيڪ وڻندر شاعر (جنهن جي مثنويِءَ جا ترجما سڀن شاعري جي ڪتابن کان وڌيڪِ وڪاميا آهن ۽ جنهن کي شيڪسپيِئر کان شايد وڌيڪ ماڻهون حوالو ڏين ٿا). افغانستان، جتي سائين روُمي ڄائو، اُتي ” طالبانن“ وهابي ڪٽرپِڻي ۾ موسيقي تي پابندي وڌيِ هُئي ۽ روُمي جي اثر کي پورو ڪرڻ جي ڪيائون پر هاڻي وري صوفي اُنهيءَ لاءِ شونق جاڳائن پيا.

http://clipmarks.com/clipper/Gul+Agha/search/rumi/

جيئين شاه صاحب جي رِسالي کي سنڌي قرآن ليکبو، تيئين روُمي جي مثنوي کي فارسيrumi portrait قرآن ليکندا آهن. چون ٿا ته ڀٽُ ڌڻيِ شاه سائين پاڻ سان روميِ جي مثنويِ رکندا هيا.

سائين روُميءَ جي مثنوي جا انگريزي ۾ ڪيئي ترجُما ٿيا آهن، تن مان ڪي ڳنڍيل ڄارَ (”اِنٽرنيٽَ) تي آهن. مثال هيٺيان (پهريان ٻه ساڳيا ترجما آهن، هڪ پيِ ڊيِ ايفَ شِڪلَ ۾ ۽ ٻيو ايچُ ٽيِ ايم ايلَ ۾.

http://www.iranchamber.com/literature/jrumi/masnavi/masnavi_manavi.pdf

http://www.sacred-texts.com/isl/masnavi/

http://www.iranian.com/Arts/rumi.html

سائين روُمي جي وِرد جي ڳالهه شاه سائين سُرُ يمن ڪلياڻَ جي ڇهن بيتن ۾ هِن ريت ڪئي آهي (سمجھاڻيون هيٺ ڏنلِ آهن).

طَالِبُ ڪَثَرَ، سُنهه سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي راءِ؛

ماڙهُو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نه پسين مَنڊِئو!

طَالِبُ ڪَثَرَ، سُنهه سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي روُءِ؛
جنِين ڏٺي جوُءِ، تنين ڪُڇئو ڪيِنَ ڪِين.

طَالِبُ ڪَثَرَ، سُنهه سَرُ، اِيَ رومِيءَ چو آهيِ؛
تاڙي جي لاهي، ته مَنجھمِ مُشاهِدو ٿيي.


طَالِبُ ڪَثَرَ، سُنهه سَرُ، ايِ روميءَ جي رهاڻَ؛
پهرين وڃائِڻ پاڻِ، پَسَڻُ پوءِ پِريَنِ کي.

طَالِبُ ڪَثَرَ، سُنهه سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي راحَتَ؛

جَنيِن ڏٺيِ مَتَ، تَنيِن ڪُڇِئو ڪيِنَ ڪيِن.

طَالِبُ ڪَثَرَ، سُنهه سَرُ، اِيَ رومِيءَ جيِ اوطاقَ؛

جي ڀَڄي دَرُ فِراقَ، ته مَجھِمِ مُشاهدو ٿيي.

ڪَثَرَ گھڻائي، جنهن ۾ طرح طرح جا نام ۽ روپ

طالِب ڳولهيندڙ

سُنهه سونهن

سَرُ اصل، مُنڍ، سرچشمه

رومي مولانا جلالدين رومي ((1207-1272

راءِ رايو

اندر رومي راءِ رومي جي مثنويءَ ۾ اِهو رايو

ڪئاءِ ڪٿان؟ ڪٿان آيا؟

ماڙهُو اِتِ ڪِياءِ ماڻهون هِتِ ڪٿان آيا ( بيت جي معنا ته ڪثرتَ وهم آهي)

روءِ راءِ

جوءِ مڪان، جاءِ

ڪڇو ڪين جن معرفت جي منزل حاصل ڪئي سي حيرت وچان ماٺ آهن

چو آهي چيو آهي

تاڙي رنڊڪ، بنهه، حجابُ، پردو، اگيان يا جھِل جو پردو

منجھمِ منجھئين

مت (ست) حقُ حقيقي

در فراق وڇوڙي جو در

(بيت ۽ سمجھاڻيون هوتچندُ موُلچندُ گُربخشاڻي واري رسالي مان آهن، سُرُ يمن ڪلياڻَ داستان پنجون).

هيٺين ويبَ ڪڙيءَ تي ٻٽي کاٻي ٺرَڪَ هڻندا… هڪ ٺرڪَ سان نِياپو ايندو ته يوُٽوُب تي ڏسوسِ جو وِڊيو مالڪ ايِئين چاهي ٿو، نه ته هيٺين ڪڙيءَ تي ٺرڪَ هڻو

http://www.youtube.com/watch?v=hqhNPY882kE

Advertisements

2 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. Good article

    • Erotik & sensitiv…


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: