عشقَ مُبارڪَ

سيپٽمبر 27, 2007 at 11:13 am | Posted in Autobiographical, Poetry, Sindhi, سنڌي | 4 رايا

 

عِشقَ مُبارَڪَ!

راتِ پوڻي ٻيِ وڳي هِتي پورن ماسِ جي چانڊوڪِي هئي جا عربي چنڊَ پنچانگ موُجب چوڏينهن چئبي. سچلَ جي پريمين سائين جَنِ جي ورسي مَلاهي. توڙي مادي سفر درازن ڪانه ٿيوم ته به دستوُرَ موُجب ويراڳي سفر رهَيوم. سرمستَ جا ڪلام ٻُڌمِ ۽ چنڊ ڏانهن نهاريندي روحَ دوُر درازين ويامِ.

سائين سچلَ جو ننڍي هوندي کان مان تي وڏو اثر پيو، جنهن جي ڳالهه وري وري ڪندو رهندو آهيان. سائين سچلَ جا وڏا سبق هن ريِتِ لڳيمِ.. اِهي اوهان آڏو بيان ڪيان ٿو، ياد رهي ته اِهي منهنجي سوچَ ويچارَ موُجب آهِن، چوڻ جو مقصد سائينَ سچلَ کي پيِرُ ٺاهڻو ناهي (جنهن ڳالهه کي پاڻ رَدِ ڪيائون، پاڻ کي رڳو هِڪُ اُستاد ڪوٺائيندا هئا ۽ ڪِنِ کي شاگرد مڃيائون)، نڪي سندن ڪلامَ کي ويدَ قران ڪري مڃڻو (توڙي اهڙو درجو هجين، اهڙنِ مان حق حاصل ڪرڻ جو ويچار به پاڻ رَدِ ڪيائون).

اِهي ڳالهيون چوڻ جو مقصد اِهو به ناهي ته اِيها اصل معنا اَٿَوِ. هر ڳالهه تي پڙهندڙ پاڻ سوچُ ويچارُ ڪندا ۽ پنهنجي سمجھ پاڻ ڌاريندا… ڇڙو اِيهو مقصد ته مان هيءُ وِردُ پرايو، جنهن سان منهنجي سوچَ ويچارَ ۽ ڪمَ تي وڏو اثر پيو، جي هيءُ اثر جيِئڻ جي فلسفي تي هيو، يا وگياني شونق تي. اڳتي اوهان جيڪي ڪُجھ پِرايو نه پِرايو، مڃو نه مڃو.

1. ڪنهن سان ذاتي ويري نه ڪجي

دشمن دوستَ ھِڪُ ڪيوُن، گودڙيا گڏجن؛

2. ڪنهن هِڪَ سوچ تي ڳنڍ ٻڌي نه بيهجي پر ٻين ٻين خيالن تي ويچار ڪجي، جو انسان بند خيالن جي ڀيري ۾ ڦاسي پوندو آهي ته اڳي وڌي نه سگھي

اَول ڀيري ڀَڃُ، جي بَندَ خيالات جا؛

3. عام ماڻهون ڇا ٿا مَڃَنِ، اِنهيءَ تي گھڻو ڌيان نه ڏِجي، پرَ اِنهيءَ کي تماشو سمجھجي ۽ سَتيتا ڇاهي ڄاڻڻ لاءِ پاڻ ڏانهن نِهارجي

پُٺيءَ ڄَڃَ نَه ڄُل، تون ڪَر پاڻ کي گھوٽُ؛
مَردَ نه ھِتَئوُن موٽُ، پٺيءَ لائي ڄڃڙي.

4. هَرَ اِنسان کي مانُ ڏجي ۽ اِنهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏِجي ته هو پاڻ کي ڇا ٿو سڏائي، جو سڀُ جو اصلُ نَصلُ ساڳيو آهي

ڪاٿئين مُلا قاضِي تُون، ڪاٿَئِين سَيد سڏائين ٿو.
ڪاٿَئِين مُغ برھمڻ تون، ڪاٿئِين ٻانگ ٻڌائين ٿو.
ڪاٿَئِين مُنھن ۾ محراب، ڪَاٿئين تِلڪ لائِين ٿو.
ڪاٿَئين تسبيحان تون سورين، ڪاٿَئِين جڻيان پائِين ٿو.

5. دِين ڪُفرَ جي ڳالهين ۾ نه پئجي جو اِهي دل کي ڦاسائينديون آهن. اِنهن سان ماڻهون پنهنجپائي وِڃائي وجھندو آهيِ، سمجھه ڌارڻ بدران رڳو ٻي جي حُڪُمَنُ تي هلي

دِين ڪُفر دِل دام، ڏج مڙيوئِي موج ۾؛
تنھن کان پوءِ حُڪامُ، ھَر ڪنھن ھَنڌ تنھنجو ھَلي.

6. ايئين سچُ نه لڀندو جو رڳو ڪنهن وڏي پيِرَ پيغمبر جو ادب ڪندو هلبو. انسان کي حقُ پاڻَ ڳولهڻو پوندو

جي تو ادب آھ، تا ٻَنڌاڻَن ٻَڌِي وَڌين؛
ڪَلَ نَه پِيَڙءِ ڪاءِ، اُصولِي اِسرار جي.

7. پاڻ کي ڪنهن جو ٻانهو نه سمجهجي، ڪنهن نموني غلامي نه ڪجي، جيڪر اِها سوچ جي غلامي ڇو نه هُجي جهڙيِ غلامي عام ماڻهوُن ڪن ٿا

جي مَڃِن ٿا آدمِي، سي نَه مَڃان مان؛
ڪوئي آھيان اَن، جو ٻانھو ڪَنھِن جو نَه ٿيان.

8. سجدو معشوقَ مُنهن اڳيان ڪجي ۽ نه ڪنهن پُٺيان بيِهيِ (ڪياڙي، ڳِچيءَ جو پويون حصو؛ مُهاڙيِ منهن جو اڳيون حصو)

جاڏي ڪياڙِي، سجدو تاڏي نه ٿئي؛
جاڏي مُھاڙِي، سجدو تِت صحيح ٿيو.

9. جيئين انسانن جي ڀلائي جو سوچون ٿا، تيئين ٻينِ جانورن جي سورن جو به لهاز ڪجي ۽ اُنهن کي مارڻ اسان جو ڪَمُ ناهي. هزارين جانور ڪٺوُن ٿا، اِهو اينئين آهي جڻ ظالم بادشاههَ جا سِپاهيِ هزارين ماڻهوُن ڪُهندا آهن.. شَلَ ڏيهه تي اهڙو قهر نه پوي، (ڇتيان معنا سوُئا)

ڪِشتي ڏٺمِ وچ بَحَر دي، تنهن وچِ ميِر ملاحان؛

ڇتيان مارِن مڇيان ڪوُن، نَهيِن ڪوئيِ غَرض اُناهوُن؛

ڪَمُ اُنهان دا اِيهو جيها، مار گھتَنِ بادشاهان؛

هِند سِنڌ تي آڻِن فلڪَ نه ”سَچلَ“، مارن مُلڪ سپاهان!

10. سدائين عِشقَ جي منزلِ آمهون هُجي، جيڪا ڳالهه پريمَ جي ناهي (جينئن جنهن ۾ ڪنهن کي مارڻِ يا ڏکويڻِ جي ڳالهه هُجي) سا بيڪارِ

سچلَ ڳالهه پرت دي سچي

ٻيا سڀُ پَنڌَ اجايا

جينئين هِن ورسيِ تي سائين سچلَ جا طالب چوندا آهن، عِشقَ مبارڪَ !

 

 

عِشقَ جو يارو درازن ۾ عجب اِسرارُ هو،

مستَ سالڪَ مَهَه سَچوُ، عارفُ اُتي اِظهارُ هو.

برهه جي برسات جو، تنهن وِيرَ تي وَسَڪارُ هو،

ظاهر و باطن تَنهيِن وَٽِ، درد جو ڌَدِڪارُ هو.

وَجدَ وحدت جو سدا، خاصو تنهيِن خُمارُ هو،

مَردَ سو مَنصوُرَ وانگر، عشق جو اوتارُ هو.

مَنجھِ سُخُنَ تنهن جي، اُلُوهِيتَ سندو آثارُ هو،

جُنگُ جذبي جوشَ، مَستيِءَ ۾ مِثِلِ عطارُ هو.

پانهنجي رائي پِرين، نوي ورهيه نِروارُ هو،

وَصل جو پوءِ موج ماڻي، ذوقَ جو ذُخارُ هو.

طور ٻارنهن سا ٻئيتاليهه ۾ طَيارُ هو،

چوڏينهن رمضان جي هارِي پَوَنِ هسوارُ هو.

قُربدرارِنَ جي ڪٽڪ ۾ مرد مَنصَبدارُ هو،

در تنهيِن جي بيدلُ! پِرِتِ جو پينارُ هو.

(فقير بيدل)

سِنڌِ هاڻ ڏُکي وقت مان لنگهي پئيِ. مانجھي ليکي سائين سچلَ جو نياپو آڏو رکي اسان اِنهيءَ سالڪَ جي صلاحَ تي سوچُ ويچار ڪيوُن، ته ٻيڙا پار ٿيندا

مَهِرَ سَندا مِينهَن، شاهه وسائِين شَل!
جھُريَلَ منهنجي جھوپِڙي، بنا جھَلي جھَلَ؛
ڪاهِلِ تي ڪَهَلَ، ڪندين شالَ ڪريمَ تون!

(سچل سرمست)

حق موجوُدُ

سدا موجوُدُ

 

(پاسي لڳل ”واڊُ پاڊَ“ تي سائين سچل جا پنجَ ڪلامَ آهن. پهريون ناچ ”بئلي“ ڍنگ ۾ آهي. الڻَ فقير جو پڻ ناچ ڏسندا. جي واڊ پاڊ مان هلائڻ کِميَل هجي ته وڊيو هيٺ ”يوُ ٽوُبَ“ جي نشان تي کاٻي ٺرڪَ هڻندا)

 




Advertisements

4 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. سائين،
    سچل ٫۽ سيد بَدلي جي باهِ جي لاءِ ڇافرمايو آ؟ اِشق ۽ امن جا سبق پڙهي پڙهي اڄُ سنڌُ جو اهڙو هال ٿيو آهي جو ڪو سوره بادشاهُ پيدا ئي ڪونه ٿو ٿي جو ظالمن جو نالو نشان مٽائي..
    ظلم کي طاقت سان ئي ختم ٿو ڪري سگهجي…
    وَسِيمُ.

  2. سائين آغا گل صاحب حق موجود
    سائين اوهان جو هي بلاگ جيڪو مرشد سچل تي لکيل آهي، پڙهي روح کي راحت اچي ويئي. مولى پنهنجي ڪرم ۽ مرشد سچل جي دعائن سان اميد ته اهڙو سڀاويڪ ڪم ڪندا رهندا. سائين مان اوهان جو هي بلاگ پنهنجي مٿي ٻڌايل ويب تي به جلدي اپ لوڊ ڪندم. سائين اوهان جا لک لائق

    فقير امير گل ڪٽوهر
    http://www.sindvision.com

  3. u r doing very good

  4. سائين مزو اچي ويو


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: