ٽيِڪنِ جي اُتَرَ ۽ ٻيا خيالَ

سيپٽمبر 19, 2007 at 8:35 am | Posted in Autobiographical, Human Rights, Poetry, Sindhi, سنڌي | 3 رايا

ٽيِڪنِ جي اُتَرَ ۽ ٻيا خيالَ ــ

گڏيل قومون ۽ سنڌي ندمائندگي

ڪِنِ لفظن جون سمجھاڻيون

 

ڏسُ ــ ”پاڪستان ٽوڙڻ بابت اشتهارُ“ http://tinyurl.com/2lkbsc

اِنهيءَ چٽڪري واري بلاگ تي چڱي ٽيڪا ٽپڻي ٿي آهي. بلاگ ۾ ڏسُ هيو ڪنهن پناهگيرَ سيد جي ڪمَ جو جنهن ڪتاب ۽ اِشتهارَ هلايو آهي. سندس ليک ۽ ڳالهه مان ڀانيان ٿو ته شيعو آهي؛ ڪراچيءَ ۾ ڪي پناهگير سُنيِ شيعن کي ڪُهندا وتندا آهن، ياد ٿمِ ته جماتِ اسلامي 1970 واري چونڊ ۾ڪراچي جي سڀنِ پناهگير هندن کٽي هئي, جنهن جمات جو رهبر مولانا مودوُدي هيو… تنهن عالم موُجب شيعا مُسلمان ئي ناهن (جيڪا ڳالهه اهڙن صاحبن واتان چوڻ معنا سِرَ جو جوکو پوڻ، جو هي عالمُ به مُرتد کي ڪُهڻ واجب ڄاڻي!) ۽ سندن ڌرمي رهبرن خلاف هيٺ مٿي ڳالهائيدو هيو.

هاڻ، عجب جي ڳالهه آ ته توڙي هِن اِشتهارُ وجھندڙ کي پناهگيرن لاءِ ڌارَ ڏيههُ کپي، پرَ سُنين کان ڏِجي ٿو، تنهن ڪري چي ته هند مان اڙدوُ ڳالهائيندڙ عيسائي گھرائي ”جناهپور“ ۾ وهارجن!

جي اصولي پرڏيهه وسائيندڙُ پناهگير هجي ها، ته سنڌي ٻولي ۽ سنسڪرتي سِکي ها. پوءِ پِڙوڙَ پويس ها ته بچاءُ اِنهيءَ ۾ اٿس ته سنڌي ٿي سنڌ ۾ رهي. اسان وٽ اهڙا شيعا سُني فسادَ ته پري، جنهن جيِ ڳڻتي همراه کي ”جناپوُر“ بابت لڳيل آهي، ”هِندوُ مومن“ جھيڙا فساد به نه ٿِيَنِ.

UN Geneva Building

گڏيل قومن جي انساني حقَ سُپردگُي سَڀا (”هيومن رائٽس ڪميِشن“) ۾ ڪيئي وار جڳ سنڌي ميڙَ (ورلڊ سنڌي ڪانگريسِ) پاران سنڌين جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ جينيوا شهرَ ويو آهيان. مٿيون فوٽون گڏيل قومن جي جينيِوا واري عمارتَ جو آهي.

هيٺين ڪڙيءَ تي جڳ سنڌي ميڙَ پاران وياکياڻن تي مضمون ڏسندا جيڪو هڪ غير حڪومتي تنظيم پاران پاڻمرادو ڏنو ويو آهي.

http://www.ngochr.org/view/index.php?basic_entity=DOCUMENT&list_ids=336

اِنهنِ گڏيل قومن جي انساني حقَ سُپردگُي سَڀا جي اِجلاسَنِ ۾ پاڪستاني گھڻائي پيا گھمندا آهن. سدائين ڪشمير جي ڳالهه ڪرڻي هوُندي اَٿن. سنڌين جو اچڻ نه وڻندو اٿن جو سندن پول پڌرا ٿين. (هيٺ فوٽون اُتي ڳالهائيدي ڪڍيل آهي، پاسي ۾ امبرين هيسباڻي ويٺل آهي جيڪا گڏيل قومن انساني حقَ سُپردگُي سَڀا ۾ جڳ سنڌي ميڙ پاران گھڻو ڪم پاڻمرادو ڪري). ٻي عجب جي ڳالهه هوُندي آ ته ڏوراپا ڏيڻَ پناهگيِرن جا نُمائنداآغا گڏيل قومومن جينيوا پڻ سدائين آيل هوُندا آهن، تِن صاحبن جو ناتو ايم ڪيوُ ايمَ سان هوندو آهي. سِنڌيُن وٽ اونئين ئي ڪارئتا ماڻهون ٿورا، ناڻو کُٽل، سو سنڌي ڪمَ ڪاريون ڇڏي، گيدي مان پيسا خرچ ڪيون اڃا پُڳا هجن نه پُڳا هجن، اِنهن صاحبن جو دمبورو تِن کان پهرين اُتي، ۽ پيا چڪَرَ هڻن.. خيرُ، پهرين راڄَُ، ٻولي، مالُ، شهرن، سڀ سندن قبضي، وري چون اُتي اچي ته اسان مظلوم آهيون! توڙي سنڌي نمائندا ٿورا، وسيلا کٽل، ته به سُچ ته نچُ، سو اُتي آيلن تي اثر چڱو پوي ــ خاص ڪري غير حڪومتي ماڻهن تي جن اڳي سنڌ جو نالو ئي نه ٻڌو هوندو, هيٺ فوٽون ۾ سنڌ جا سوُر ٻڌندڙ جي چهري تي اِظهار ڏسندا (اِها ٻي ڳالهه آ ته گڏيل قومن جي سياست پنهنجي جاءِ تي ۽ انهيءَ کي ڦيرائڻ ۾ چڱو وقت لڳندو، پر پهرين دنيا جي عام خلق کي ته سنڌ بابت ڄاڻَ ملي ته سنڌ جا ڪي ساٿي بڻجن).

سو مانکي چوندا آهن، ”فر آغا صاحب آخرڪار تو يي پاڪستان ٽوٽنا هي، تو هم اپن ۾ ايڪ ساٿ ڪام ڪيوُن نهين ڪرين.“ سوچندو آهيان، ”ٻيڙي تريوَ، اڃا ڪهڙو ڪَمُ ڪرڻ رهيل اَٿوِ؟ اڳيئي اوهان جي وڏن جي مارَ ڪُٽَ، لٽَ ڦُرَ ڪري سنڌين کي بي گھر، جِلا وطن ڪيو جن در بدر ٿيلن جو ڳاڻيٽو هاڻي ويههَ پنجويهه لکَ هوندو.”

session on Sindhهڪَ ڀيرو منهجي وياکياڻ کان پوء چيائون ته اسان مظلومن جي به ڳالهه ڪيو. پاڪستان اسان سان به ويڌن ڪيو آهي .. وغيره ۽ِ اهڙو سوالُ اٿاريائون ته پاڻ ۾ ايڪو ڪيون نه ته گروهي ورهاڱو ڏيهه ۾ ٿيندو، توهان پناهگيرن خلاف آهيو، وغيرا. چيو مانِ ته ”ابا، اسان سنڌي ٿيا سي صوفي ماڻهون، سڀ جو ڀلو گھرون؛ توهان پهرين ڏهڪاءَ ته پکيرڻ بند ڪيو، پوءِ ڳالهائي سگھنداسين.“ مان سان ڏاڍو ڪاوِڙيا. چون مٿن اِهي ڏهڪائوَپِڻَي جا اِلزام سڀ ڪوُڙا آهن، وغيرا.

اِنهيءَ حال تي سائين شيخ اياز جو شعر ياد آيُمِ جيڪو جيتري قدر ياد آيو هومِ، اُنَ بِلاگ ۾ قلم تازو هيٺ وِڌو هوم. پر ڪالههِ سائين آياز جي شاعري جو ڪتاب ”وِڄوُن وسڻَ آيون“ ڪٻٽَ ۾ ڏسڻ آيمِ، سو ڪڍي گيت منجھسِ ڳولهيمِ. اِهو گيِتُ انهيِءَ ريتَ آهي

ڪُتا ڀوءنڪن

ڀاڳيا ڀوءنڪن

چورَ به ڀوءنڪن ٿا!

ڪيڏي آ اوناڙ هوا ۾!

هَر هَر هيِئين ڦاڙَ هوا ۾!

جارا ڇِرڪنِ

چارا ڇرڪنِ

تارا ڇرڪن ٿا!

ڪيرُ اَويرو آيو آهي؟

هِنَ وستيءَ ۾ ڇا تو چاهي؟

 

(ڀاڳيا ــ جِن جو ڌاڙو لڳو هجي، جن کان چورايو ويو هجي؛ اوُناڙ ــ ڪتن جي ڀونڪڻ جو آوازَ جيڪو گِدڙن جي رڙَ جهڙو هوندو آهي؛ جارا ــ اِنهي لفظ جي معنا جي پڪ ڪانه ٿمِ، جارَ جون ٻه معنائون.. زال، مائي ۽ جام، گھڻو… پرَ جارُ پاڙي واري کي به چون، ۽ جارائتو ڳڻتيءَ وارو ٿي؛ چارا ــ ويچارا؛ اويرو ــ بيوقتو، بيگاه).

ڏَسُ ــ سنڌَ جا نانگَ ۽ جوڳيِ http://tinyurl.com/2o9jtb

مان کان سچلَ سَر مستَ جيِ ڪافي جي ڪِن ٻين لفظن جي معنا پُڇي ويئي. لڳي ٿو تهسڄل ۽ درگاه ڪراچيءَ ۾ رهندڙَ سنڌي گھڻو ڪٽجيِ ويا آهن. ٺهيو، ”ڪُڇڻا نه منجھڻا.“

پوٿي معنا ڌرمي (پوتر) ڪتاب (جيئين ويدَ قران وغيرا). پوڙي، شعرَ جيِ سِٽَ. ٻانڀَڻُ ٿيو هندوُ پنڊِتُ. درازا اُنهيءَ ڳوٺ جو نالو آهي جتي سائين سچل رهندا هيا ۽ جتي هاڻِ سائين جَنِ جيِ مزار آهي. ڀانيان ٿو ته اِهو لفظ درَوازي مان نِڪتو آهي. دَرازين، درازن ۾؛ دُرُسُ معنا صحيح، دُرُسُت، پورو (دَرسُ وري سبق ٿئي، زبرَ پيش جو ڦيرُ سنڌي ۾ گھڻائي ڀيرا معنا ڦيرائي ڇڏي).

منهنجي بِلاگ جي ويبَ جاءِ تي مٿي سدائين لڳل درازن جي درگاهَ جي در جو فوٽون آهي. هن بلاگ مٿيون فوٽوُن سائين سچلَ جي خيالي تصوير ۽ درگاهَ جو آهي جيڪو درگاه جي ويبَ صفحي تان کنيو اٿمِ. هِنَ ڪڙي تي درگاهَ جو ويب صفحو ڏسي سگھو ٿا جنهن تي سرمستَ جي حياتي ۽ فلسفي بابت ٿورڙو مواد ملندُوِ، ٻيو سچل جو ڪلام فقيرن جو ڳاتل ٻڌي سگھندَئو

http://www.sachalsarmast.org/index.htm

 

 

علمُ، وِديا ۽ گِيانُ

ڪِن وِگياني متن کي علم (ڄئن علمِ ڪيميا)، ڪِن کي وِديا، ۽ ڪِنِ کي وري گيانُ ڪري لکيو اَٿم. جيتري قدر ٿي سگھيو آهي، اِهو رواج موُجب ڪتب آندو اَٿم. هاڻ فيصلو ڪيو ٿمِ ته گيانُ ڪتب آڻبو. اِهو انِهيءَ ڪري جو هڪ ته علمِ (زيرَ هڻي) ڪري گنڊڻ فارسي وياڪرڻَ (”گرامر“) سان ته بيهي ٿو، پرَ سنڌي وياڪرڻَ موُجب ناهي. وري ٻيو ته ڪيميائي عالِمُ ڪري لکڻو پوي ۽ اڄوڪن ڏينهن ۾ عالِمُ لفظ سان ڌرمي معنا به وڌيڪ جُڙيلَ آهي. ساڳيو مسئلو وِديا سان ٿي.

تنهن ڪري هاڻِ گيانُ لفظ هڪجھڙائي سان ڪتبُ آڻيندمُ. اِهو لفظ سنڌيءَ جو نِڄُ لفظ آهي جيڪو ڄاڻ سان ملي. ٻيو انهيءَ متن جي ڄاڻيندرَ کي گياني چوڻُ به سنڌي وياڪرڻ موُجب بيهي ٿو، جيئن جيوَ گيان ۽ جيوَ گياني. سِنڌي ٻولي جا ماهرَ انهيءَ تي ٽيڪا لکندا ته واه واه.

Advertisements

3 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. On 9/20/07, Mohammad Ali Mahar wrote:

    Just finished reading your latest blog. Here are my comments on some of the things you have mentioned in your blog:

    1. Maulana Maududi — his schalarship aside, I have never been a supporter of the Maulana or anyother Mullah who sells religion for the sake of self-interest, or creates hatred among human beings — was not very well known for his hatred agianst shiias. In fact when he wrote his book, “Khilafat aur Malookiat”, in which he berated Banu Umaayads and others who persecuted ahle-bait continuosly, many sunni Ulema turned against him. One of his friends said to him, “Maulana, today you have given a bare sword in the hands of shiias.”

    At which Maududi laughted and retorted, “Shiias already had this sword in their hands, I have just sharpened its edge.”

    Saaiin,

    My knowledge of these mullahs and their nuances is very limited. Anyway, it is hard for me to relate to many of these non-Sindhi religious scholars (their theology is from another universe). I have read Maulana critiquing Shia in
    vicious terms, but don’t have a reference handy. On the web, a quick search and one finds this sort of quote on anti-Shia sitest:

    10) Abul-A’la Maududi: wrote an introduction to the book, “Ar-Riddah bain al-Ams wa al-Yaum” In it [the introduction] was written, regarding the Imami Ja’fari Shia, “despite their moderate views (relative to other shi’ia sects), they are swimming in disbelief like white bloodcells in blood or like fish in water.”

    This, for the maulana, is a serious charge — it is not Sachal (ko kiien chave, ko kiien chave… ko kaafiru chave, ko mominu chave.. aaon joii aahiyaan so ii aahiyaan…) making the charge.. you may recall he wrote a book on how apostates should be killed (including children who after reaching adulthood decide to convert).

    I think what you are referring to is the following (“Khilafath wa Mulukiyaat” pg 174):

    “….One of the extremely disliked Bid’a {makrooh biddah} that started in the era of Hazrat Muaawiyah R.A , was that He himself, and with his orders all his governors would malign/curse (Sabb o shetam) Hazrat Ali R.A on the minbar.”

    which even more extreme fanatic Sunni ulema condemn him for saying. (don’t know where this puts “Hazrat Muaawiyah” in Maududi’s book. I guess he is still entitled to R.A. title. ).

    On 9/20/07, Mohammad Ali Mahar wrote:
    > 2. Last night, I was reading Rita Kothari’s book, “The Burden of Refuge”, on the Sindhi Hindu exodus from Sindh. According to her, the figure of displaced Sindhis being 7,50,000. However, she quotes another source claiming that those had to leave Sindh due to partition were numbered ~1.25 million. Even this is a very high number, and the mass migration, a cruel chapter in the history of mankind.

    Yes, I have seen those numbers. Well, the 1m + or – has gone to 2 to 2.5m in 60 years.. (population increases). It is the same way we count the diaspora Palestinian population.. but I fixed the sentence, so it cannot be misread. Thanks for the comment.

    By the way, you can approx. calculate doubling time by 70/r (where r is the annual rate of growth). So 1% means 70 years to double, 2% means 35 years (compounded, so in 70 years it will increase to fourfold), etc.

    >

    3. The word “Jaaro” has one more meaning. We, the peasant-folks, living in the deep Sindhi country, use the word ‘Jaaro’ for a niche, or recess, within the thickness of a wall. For example, you would hear someone saying to his son or daughter, “munhenji ainak ta jaare mein rakh” (Put my glasses in the niche). Usually, those living in mud/katcha houses do not enjoy the luxury of having a closet or a cabinet, they use a “Jaaro” instead for putting things.

    I had forgotten this meaning. jaaro is also where the ddiyaa would be kept. That does give a poetic touch.. the image of changing air pressure in a storm casting moving shadows in a dark night.


    jiie Sindh,

    Gul Agha
    Champaign, Illinois, USA

  2. love to read articles
    h.d.rajani origionally from shikarpur sindh , which was part of bombay presidency till 1935 sabh ka malik ek

  3. Mr. Mahar, In order to decept people, Jamat e Islami does not reveal its faith, but they follow Ahl e Hadith which is one of an extremist group in Islam. As for as Modudi’s book is concerned, that was the only truth, he expressed in his entire life. Otherwise he kept his opinions and statements changing. His party was an anti Sindhi party in Karachi, which is now replaced by MQM. It’s student wing has attacked, murdered and harassed Sindhi students in the institutes of Karachi more than MQM and Punjabi students. I consider them a curse for the nation.


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: