سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي

سيپٽمبر 15, 2007 at 6:59 pm | Posted in Folklore, Poetry, Sindh, Sindhi, سنڌي | 2 رايا

سنڌ جا نانگ ۽ جوڳي

سائين دانش نواز گھنگھرو، منهنجي بلاگ، ”ڪي اُمي ڄاڻو…“ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي لکن ٿا ته کين سُرڻو جيوَ گيانَ سان شونق آهي. (سرڻو جيوَ ٿدي Dirk Huijssoon رت واري جانور کي چئبو جيڪو پٽ سان سُري هلندڙ آهي. سُرڻا جيوَ ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪُ ته نانگ جهڙا پيٽَ هلندڙ جانور ــ سُرڻي جانور جو انگريزيءَ ۾نالو ئي پيو آهي ’ريپتائيِلُ‘، معنا پيٽَ تي هلندڙ جانور، توڙي پيٽ هلندڙن جي ٻي ڌارڪَ ۾ هاڻ واڳن جهڙا جانور پڻ ليکبا آهن. سُرڻو جيوَ وشيشَ گروهَه ۾ ٻيو ڏيڏرن جهڙا جَلَ ٿَلَ واسين جا وِشيش شامل آهن.

(مٿيون فوٽوُن سچن جوڳين جو نه ليکبو، سچا جوڳي نانگن جو تماشو نه ڪندا آهن، هٿان نانگن کي مانُ ڏين. اڄ ڪلهه ماني ٽڪر لاءِ ماڻهون ڇا ڇا نه ٿا ڪن).

سائين گھنگهرو ٽي ڳالهيوُن ڪيون ــ

· نانگن کي ڪنَ نه هوُندا آهن. اِها ڳالهه مان ننڍي هوندي شڪارپورَ ۾ جوڳين جي مرلين تي نانگن کي جھومندي ڏسڻ کان گھڻو پوءِ پڙهي، ته انهيءَ نرالي اکُين ڏٺي حالَ بابت سوچيم. سائين گهنگرو جي ڳالهه ته هوُ ماڻهن جي تپِش ۽ پير جي کڙڪي کي پرکي ٻاهر ٿا اچن سچ ٿي لڳيم جو مان به ائين اٽڪلَ ڪئي هئي. وڌيڪُ منهنجي اندازي موُجب اِهي مُرلين جي جھومڻ تي پاڻ جھومن ٿا جو اِهو جھومڻ سندن عشق بازي (مستي) واري هلچل ڪري ٿو. پرَ اهو اڳتي سُرڻوجيوَ گيانينِ کي ڦولا ڪرڻي پوندي (جي ڪئي اٿن ته مان نه ڏٺي آهي، پر انهيءَ متن ۾ منهنجي مهارت به ناهي سو گھيڻئي ڳالهيون اِن متن بابت نه ڏٺيون هوندم).

· نانگ گهڻي ڀاڱي وِکُرَ ناهن. جئين مان لکيو هو، ته ” هتي آمريڪا ۾ نانگن جا قسم گھڻا وِکِرُ (زهري) ناهن.“ سائين ٻڌائي ٿو ته جڳ ۾ 95 سيڪڙو نانگ وِکُر ناهن. پرَ اها ڳالهه به سچ آهي ته ريگستاني نانگن جي وِشيشن ۾ ڪجھ وڌيڪ وِکر نانگ هوندا آهن. هاڻي اِهي غير وِکُر نانگن کان وڌيڪ ٿيا يا گھٽ، مان چئي نٿو سگھان جو مانکي پروڙ ناهي. ايترو پڙهيو اٿم ته سنڌ ۾ جڳ جا ڪي سڀنِ کان وڌيڪ وِکر نانگ موجود آهن. اِنهيءَ جو ڪارڻ اِهو هوندو ته ريگستان ۾ پودا گھٽ هوندا آهن، تنهنڪري شڪاري نانگ وڌيڪ ٿين. توڙي نانگ ٿدي رت وارا جانور آهن، اهڙن جانورن کي گرم رت وارن جانورن بنسبتَ گھڻي گھٽ خوراڪ کپندي آهي؛ اسان جهڙن گرم رتَ وارن جي گھڻي خوراڪي سَتيا رڳو بدن ٿدو گرم رکڻ ۾ وڃي. انسانَ جيڏي واڳون کي انسانَ جي خوراڪ کان رڳو 3% خوراڪي ستيا کپي.. ساڳي ريِت ڪي نانگ هڪ ڪوُئو ڳرڪائي ته وري ٻيو ويلو مهنن جا مهنا نه مليسُ ته به خيرُ هجيسُ. اِهو پڻ سچُ چيو اٿن ”سپ نه ماري، ڊپ ماري.“ پرَ ڪاريهرُ جڳ جي وڏن ۾ وڏن نانگن مان آهي ۽ وڏو وِکَرُ نانگ آهي.

· مستيءَ ۾ ڦڻُ (ڪَرَ ڪڍڻ) ۽ شڪاري ڦڻَ جي حالت ٻي هوُندي. هيٺ هڪڙو مضمون نظر مان نِڪتم پر پڙهڻ جو وقت نه مليو اٿمِ جيڪو نانگن جي عاشقي سنگلن بابت آهي

http://icb.oxfordjournals.org/cgi/content/abstract/17/1/217

Shiv Mandir, Sindh Agha's collection (فوٽوُن سنڌ جي هڪَ شِوَ مندر جو ڏيک آهي)

 

ڪاريهر ۽ جوڳينِ بابت هڪ ويب جاءِ تي لکيو ٿنِ (ڄوڳي ٿرَ پاسي راجستان ۾ به رهن ۽ ااُتي سئر ڪندڙ لکين ماڻهون هر سال سڄي جهان مان ويندا آهن، راجستان ۾ گھڻائي سنڌي رهن ۽ اُنهيءَ موُملَ جي ڏيهه ۾ سنڌ سان رنگ مِلن) ــ

 

“Snake charming is fascinating and at times mystifying. The eyes of the Cobra are hauntingly black and hypnotic; the snake is beautiful to watch when it is being worked by a skilled charmer. The hood is then spread and the markings apparent. The colours of the hood merge from black to brown to beige and, when framed against the sunlight, it appears almost translucent. No visit to India is complete without experiencing it.

But the true essence of the art is not observed by the tourist. There are initiates of the Shiva cult who handle Cobras without any danger of being bitten. The ‘Commercial’ snakes, generally the Spectacled Cobra, have either had their fangs extracted or the poison sacs removed. In general their lifespan is shortened due to mouth rot.”

http://www.wildlife-tour-india.com/indian-wildlife/cobra.html

پوئين مهني هند ۽ سنڌ جي ڪِن هندن تي دستور موجب ساليانو نانگ ميلو لڳو. خيرُ. جيسين وگيان انهيءَ هلت جو متُ ڏين (۽ تنهن کان پوءَ به هيءَ ڳالهه پنهنجي جاءِ تي هوُندي)، سائين سچل ٿو چي ته جيئن عاشق معشوق اڳيان ”قتل“ ٿو ٿي وڃي (معنا پنهنجو پدُ وڃائي ٿو ڇڏي)، تيئن ڪارهير مُرليءَ اڳيان مستُ ٿي ”قتل“ ٿو ٿي وڃي.

 

جوڳي آهيان جوڳي آهيان ـ گوگو جُنگه جوانُ

نڪيِ مُلان نڪي ٻانڀڻ ـ نڪي ورق قرانُ

نڪي پوٿي نڪي پوڙي ـ نڪي گيتا گيانُ

نڪي اولهه نڪي اوڀرُ ـ نه مان زمين آسمانُ

ڪاريهر قتل ڪيان ٿو ـ مُرلي سان مستانُ

ديسُ سچلَ جو درسُ درازين ـ مڪي نه مُلتانُ

سائين سچل سرمست

ڪافي سرُ ڪاريِهرُ (آغا صوفي وارو رسالو)

(گوگو جوڳين ۽ نانگن جو سَر گروُ جو نالو آهي. چون ٿا ته کيس ماريو به کپر نانگه ڏنگي آهي ــ آغا صوفي، رسالي ۽ سُرن جي سمجھاڻي؛ قلم تازو ـــ پوٿي معنا ڌرمي (پوتر) ڪتاب (جيئين ويدَ قران وغيرا). پوڙي، شعرَ جيِ سِٽَ. ٻانڀَڻُ ٿيو هندوُ پنڊِتُ. درازا اُنهيءَ ڳوٺ جو نالو آهي جتي سائين سچل رهندا هيا ۽ جتي هاڻِ سائين جَنِ جيِ مزار آهي. ڀانيان ٿو ته اِهو لفظ درَوازي مان نِڪتو آهي. دَرازين، درازن ۾؛ دُرُسُ معنا صحيح، دُرُسُت، پورو (دَرسُ وري سبق ٿئي، زبرَ پيش جو ڦيرُ سنڌي ۾ گھڻائي ڀيرا معنا ڦيرائي ڇڏي).

ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهندا … ڪچهري هلندي رهي. وري ملنداسي.

هيٺ ٺرڪَ هڻي الڻَ فقيرَ کي نچندو ڏسندا (سائين ماڪا جا لک ٿورا)


Advertisements

2 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. Sain

    Though Sindhi is my first langauge as yours but after reading your blog I felt I need to hone my knowlege of sindhi. It is a very good effort and I wished Sindhi newspater could write such Sindhi.

  2. YA ALI (AS) MADAD.

    Well-done, excellent very interesting, informative and amazing site i ever seen. I salute all those make this site for Sindh and Sindhi’s. I,m proud to be a born sindhi i love my mother-Land. May God Bless Whole world, Especially SINDH & SINDHI’S. His blessing remains upon till day of justice. once again i con grates U all.
    stay blessed.
    Best Regards.
    Dr. Kazim Raza Mirza.


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: