حسابي ڪلن (ڪمپيوُٽرن) جو آئيندي

آگسٽ 31, 2007 at 1:09 pm | Posted in Uncategorized | 1 راءِ

 

Siebel Center for Computer Science University of Illinoisڪي ڏينهن ٿيا مان پنهنجي يونيورسٽيءَ (اِلانائي جي يونيورسٽي اربانا شيمپينَ) ۾ ايندڙ نوَن وديارٿين کي حسابي ڪَلن (ڪمپيوٽرن) جي آئيِندي تي وياکياڻ ڏني. توڙي اها وياکياڻ انهن لاءِ هئي جيڪي حسابِي ڪَلَ گياني ۾ پِي ايچ ڊِي جي سنَدَ لاءِ ڦولا ڪرڻَ اِتي آيا آهن، انهي وياکياڻ جا پهريان اٽڪل ڏهه منٽ هر ڪو گھڻي ويتر سمجھي سگھندو. (پاسي فوٽوُن يونيِورسٽيءَ جي حسابي ڪلَ گِياني کاتي جي عمارت جو آهي).

حسابي ڪلَ جي جوڙڪ ۾ نئون انقلاب اچڻ وارو آهي جنهن سان هڪ حسابي ڪلَ ۾ گھڻيون حسابي هليڻون هونديون جيڪي ڳڏو ڳڏ ڪمُ ڪنديون رهنديون. پوين سٺ ورهين ۾ عام حسابي ڪَلن ۾ رڳو هڪَ هلائـڻي (”پَراسيسرُ“) هوُندي هئي. هيِنئر عام حسابي ڪَلن ۾ ٻه چار هلائـڻُيوُن وجھندا آهن جِنِ تي وڌيڪ حسابي ڌاڳا ساڳي وقت هلي سگھن. ايندڙ وقت ۾ انهن هلائِـڻيُنِ جي ڳڻپ هر ڏيڍ ٻين ورهين ٻيِڻ ِٿيندي ويندي، تنهن ڪري وڌيڪ حسابي ڌاڳا هلائي سگھبا جنهن سان ڪلي دماغَ اڃا تِکا ٿيندا.

ساڳي وقتَ ٻيا به ڦير اچن پيا. هڪُ ته حسابي ڪلَ جنهن ڳنڍَ ڄار (اِنٽرنيٽ) سان لڳاپيل آهن تنهن جي وَهڪ ۾ حسابي ڪلن جي رفتارَ کان پڻ وڏا واڌارا ٿيا آهن. ٻيو ته هاڻي سهانگا پسڻَ ڪلَ ايجاد ڪيا پيا وڃن، جن سان رفتاري ڦير، دٻاءُ، تپشِ ماپ، روشني، وغيرا ماپي سگھجن ٿا. اهڙا پسڻ ڪلَ، حسابي ڪلن سان جڙيل هوُندا. انهيءَ قابليتَ ڪري پسڻ ڪلَ مادي شين (اوزارن، ڪلن، جاين، پُلن، وغيرا) سان جوڙي تِن شين لاءِ پنهنجي پاسي ماحول پسڻ ممڪن ٿيندو. انهيءَ سان حالتون پرکي، حسابَ هڻيِ، شيون سلامتي يا سُک لاءِ اُپاوَ پاڻ مرادو کڻي سگھنديون يا وري ماڻهن کي آگاه ڪري سگھنديون. مثال ته جي پُل ۾ ڪا ڪمزوري هجي ته مرمت ڪرائڻ لاءِ انجنرن کي پُلُ پاڻ اِطلا پڄائي سگھي.

منهنجي وياکياڻ کي هيٺين ويبَ ڪڙيءَ تي ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا؛ اِها انگريزيءَ ۾ آهي.

http://media.cs.uiuc.edu/DCS/2007-08/Agha_colloquium.asx

Advertisements

1 راءِ »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. سائين گُل آغا،
    فنڪشنل پروگرامنگ جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟ مهنجو مطلب آ ته جيڪڏهن انٽيليجنٽ سهانگا پسڻَ ڪلَ جي پروگرامنگ ڪجي ته فنڪشنل پروگرامنگ جي لاءِ ڪهڙي زبان (حسابي ڪل جي) مناسب رهندي؟ اوهان جي ايڪٽرنيٽ کي ڪهڙي طرح سان ڪم آڻجي انٽيليجنٽ سهانگا پسڻَ ڪلَ جي لاءِ؟ ڇا هڪ کان وڌيڪ هلڻين تي هلندڙ ايپليڪيشن جي لاءِ ايڪٽرنيٽ ڪم آڻي سگهون ٿا؟
    مهرباني ڪري وضاهت ڪندا ۽ جي ڪي ڀلون هجن ته معاف ڪندا.


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: