ڪي اُميِ ڄاڻوُ ته ڪي پڙَهيلَ اَڻَ ڄاڻَ

مَي 14, 2007 at 4:39 pm | Posted in Autobiographical, Education, Language, Sindh, Sindhi | 16 رايا

 

ڪي اُميِ ڄاڻوُ ته ڪي پڙَهيلَ اَڻَ ڄاڻَ

جانوءَ جي ساڃاهه

 

 

جيئين ڪنهن اڳين بِلاگ ۾ ڳالهه پي ڪيمِ، مان اٽڪل سَتن ورهين جو هومِ جو اسان ڪراچيءَ مان لڏيSindhi parrot (pic from Wikipedia) آياسين شڪارپورَ. شڪارپور پڄندي ڪو پوئتي پيل شهر لڳُم. رستا ڀڳلَ، کُليل ڪِن جون ناليون، پاڻي هٿ جي پمپب سان باڙديءَ (بالٽيءَ) ۾ ڀري سنانُ خاني تائين ڊوهي وڃڻو ، فرج بدران گھگينِ مان پاڻي پيڻ، اونهاري جي گرميءَ ۾ ڪمري بدران انڱڻ ۾ يا ڇِتِ تي سُمهڻ، وغيره… لڳو ڄڻ ڪنهن ٻيءَ صديءَ ۾ ماڻهو پڳو آهي.

اِهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ.. پرَ وري اِهو به پڌرو هيو ته شڪارپوري هوا ڏاڍي صفا هئي جو ڪراچيءَ واري آلايشَ ڪانه هيسِ. ڪراچيءَ ۾ اسان جي بنگلي جي هڪ پاسي ڪوٺيون هيون جن جي سامهون رِڪشائُن جي مرمت جا ڪارخانا کليل ميدان ۾ پَڳُٿي (پيادن جي پنڌ جي دڳ ) تي هيا. ڪراچي شهر جو ڪير ڌڻيِ ڌوري ته ڪونه هيو جو پڇين ته ڪن قائدن قانوُنن جو لهاز ڪيو، پيادا ڪاڏهون لنگھهُ ڪندا! انهن ڪارخانن ۾ رڪشائن جي اِنجڻ کي ڪنهن گاسليٽ ۽ پِٽرول جي گاڏُرُ ساڏُڙُ ڳاريِندڙَ سان صاف ڪندا هيا تنهن ڪري ڏينهن جو هوا ۾ آلايشَ گھڻي وڌي ويندي هئيِ. انهيءَ ڳاريندر جو ڪمدارن تي ڪهڙو اثر، تنهن لاءِ ڪا ڪَرتاريِ سلامتي اختياري ته ڪانه هئي.

شڪارپور ۾ اسانجي بنگلي سان گڏ ڪو اڌُ ايڪڙَ کن باغ پڻ هيو. باغ ۾ هڪ کليل کوُهُ هيو جنهن تي ڏاندُ وهندو هو. بنگلو شهر کان ٻاهر هو ــ ريل َڦاٽڪ اڌ ميل کن تي هوندي. ڦاٽڪ ۽ چيلا سِنگهه ۽ سيتلداسِ شڪارپور ڪاليج وچ واٽ تي هيو.

شڪارپورَ ۾ سنڌي طوطن سان پڻ ملڻ ٿيو؛ هڪ طوطو اُتي پاليو هومِ، ڏاڍو سُهڻو لڳندو هوم، ڳالهائڻ جو پڻ هوشيار هيو. ڪيترائي ڪِلاڪ ساڻس ڪچهري ڪئي هوندمِ. ميوا کائڻ جو شونقين هو، ياد ٿمِ ته تکيون سائيون مرچوُن جو پڻ شوقين هيو. پنجري ۾ بند ڏسي ڏک ٿيڻ لڳمُ. نيٺ ڳالهه نه وڻيمِ، سو ڪِنِ مهنن کان پوءِ طوطي کي هڪَ مَندر جي باغ ۾ آزاد ڪيم جو اتي ٻيا گھڻا ئي طوطا رهندا هيا ۽ سوچيم ته اُتي ڪنهن ٻي جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان بچيل هوندو جو مندرُ اَجهو رهندو. (مٿي فوٽوُن سنڌي طوطي جو وڪي پيڊيا مان کنيل آهي). طوطن جي عمر وڏي هوندي آهي، ڪن وِشيشن جي عُمِرِ گھڻ کُرو ڇهن ڏهاڪڙن کان مٿي ٿي _ مانکي پڙوڙَ ڪانهي ته سنڌي طوطي جي عمر گھڻ کُرو ڪيتري ٿئي، پرَ ڪيترا ئي وار شڪارپور جي باغن جي ويرانيءَ جو سوچندي اِهو ارمان پڻ ٿيندو اٿمِ ته انهيءَ ويچري طوطي جو گزران ڪينئين پيو ٿي.

اسان واري گھرَ ۾ ماڻهن رهي ڪيئي ورهيه ٿيا هوندا. بابا بنگلي جي ٿوري گھڻي اُستَرڳيِ ڪرائي هئي پرَ ڀر ۾ وڏن نانگن اچي گھر ڪيو هو. گھران نانگ ڪڍيا هئائون پر پوءِ به ڏسڻ ايندا رهيا ڇو ته باغ ۾ ٻِرَ ڪيا هئائون ۽ اڱڻ ۾ پڻِ گِھري ايندا هئا. سنڌ پاسي گھڻا نانگَ خطرناڪ ٿيندا آهن . هتي آمريڪا ۾ نانگن جا قسم گھڻا وِکِرُ (زهري) ناهن. ياد ٿمِ ته بابا هڪَ ڀيري ٻارن جي سلامتي جي ڀَوَ مان لاچاري رِوالورَ سان نانگ ماريو. پرَ نانگ مارڻ غلط سمجھبو هو ۽ ٻيو ته الائي ڪيترا ٻيا نانگ هجن جيڪي چيو ويو ته ويرُ وٺڻ چاهن. هونئن اِهو به سچ آهي ته نانگ قدرتيِ هَموزنيِ لاءِ اهم آهن. ڪي ٽي ڏهاڪڙا ٿيا هوندا جو هِندَ ۾ ڪن هٻچي هَچارن نانگَ سندن کَلن مان پيتيون ۽ بوٽ ٺاهي نيڪاسُ ڪرڻ لڳا. ٿورن ورهين ۾ جھنگي ڪوئن جو ڳاڻيٽو ايڏو وڌي ويو جو ڪوئن فصلَ ۽ گدامن مان انَ کائي ڏُڪار ڪرائي ڇڏيو. نيٺ سرڪار نانگن ڪُهڻ تي پابنديِ وڌي.

سو بابا هڪَ ڄوڳيءَ کي نانگَ ڪڍڻ لاءِ گھرايو. ڄوڳين جو اصولُ هوندو آهي ته جڏهن هوُ نانگ ڪڍن تهڪاريهر؟ نانگ تي ڪيرُ هٿ نه کڻي سو پهرين اِهو ڏَتُ پَتُ ورتائين. پوءِ ٻيون ڳالهيون، جيئين اَدائيِ چُڪائڻ. ڄوڳيءَ باغ ۾گھڻي وقت لاءِ الغوزو وڄايو. نيٺ ڪي وڏا نانگ ٻِرن مان نڪتا ۽ ڪَرَکنيائون (ڪَرَ کڻڻ چوندا آهن نانگ جي ڦَڻَ ڪڍي اڀرڻ کي؛ ڦڻُ معنا نانگ جي مستيِ واري حالت ۾ پکيڙيلُ منهن) . اِنهن نانگن جو وِشيشِ ڪونه ياد اٿمِ. ايترو ياد ٿمِ ته وڏا وِکُرَ هُيا. ڄوڳيءَ الغوزي جون مرليون جھومي ۽ نانگَ به مست ، سو نچندا رڙندا ٻرِ ٻرِ ڪندا وَيَس ِڪڍَ. ياد ٿمِ ته بابا مانکي اِجازت ڏني ته مان به نانگن پويان وڃان پر حڪم ڪيائون ته نانگن کان فاصلو رکجائين. ڪي ڪوههَ پري جھنگ ۾ ڄوڳيءَ نانگ ڇڏي آيو. (نانگ جي ”سرڪندي هلت “ لاءِ خاص لفظ ياد نٿو اچيمُ، جي ڪير ٻڌائيندو ته ٿورائتو ٿيندم) .

مُرلِيءَ تي تنهن مَردَ جي، کنيا ڪاريهرنِ ڪَرَ ؛

ٻِرَ ڇڏي ٻاهر ٿيا، نِيلا نِڪري نَرَ ؛

زهري منجھ زهَر ، جوڳِيڙي جھَٽِي وتا

(سچلُ)

(جَھٽَڻُ معنا ٻي جو خيال يا نظريو قبول ڪرڻ.. هونئن لغت جھٽڻ جي ٻي معنا به ٻڌائي ٿي ِ ــ هَوا مان ايندڙ (اڏامندڙ) شيءَ کي جھلڻ جهڙوڪِ راند ۾ بال).

قِصو ڪوتاه هاڻ ڳالهه پڌري ٿيمِ ته هيءَ ڪراچي ڇڏي مان ڪنهن ٻي ڏيههَ ۾ اچي پڳو هومِ.

جنهن دنيا ۾ آيو هومِ تنهن جا رنگَ ۽ ڍنگَ ڪي ٻيا هُئا!

باغ سمڀاليندڙ مالهي جانوُ نالي هڪُ هاري هيو. جانوُ جا وارَ ڊگھا، پڳَ ۾ ويڙهيلَ.. هيٺان لُنگي مٿان چولي. پِرهَ ڦُٽي جاڳندو (ٻاهر سمهندي اُسَ سڀن کي جاڳائي پرَ منهنجي اُٿڻ کان پهرين هِيءُ مُڙسُ جاڳيل هوندو هو. سوير ڏاند کي کوُهَه مان ڪاڍ ڪڍائڻ لاءِ ٻڌيِ هڪلندو هو. جينئين ڏاندُ ڦيرا هڻندو هلي ۽ چيڪلي جا ڏندا ۽ ڦِرڻين (سِرڪڻينِ) جي يَنتَرُ (جوڙَ ٽوڙَ) ڪري نوڙيءَ تي ٻڌلَ مٽڪڙيون پاڻي مٿي ڍوئيِ آڻن. ( کوُهَنِ جي ينتري جُزئن جا، ۽ ڪاشتگاري ڪمن جا نالا ئي هاڻي وِسريِ وياٿمِ .. جي ڪير ياد ڏياري ته ٿورائتو ٿيندُم ِ). جانوُ ڪوڏرَ کڻي آليِ مٽي سان بنڌيج وجھندي پاڻي جي نالين ۾ وهڪري کي هيڏهان هوڏانهن ورائيندو ويندو هو، جيئين پاڻي وهي۽ ٻين ٻين پودن کي پُڄي، تتان پاڻ لنگھهُ ڪري، ۽ اُتان پودن ڀرِ ڪَسَڙَ (ڪکَ ڪنڊا) پاڙُنِ مان پٽندو ڪڍندو هلي.

قدرت جو ڪمالُ، ڏاند کي ايڏيِ طاقتَ جو پاڻي جون مٽڪيون پيوُن ڀرجن ۽ ڦِرن ۽ کوُهَ مان مٿي اچن. توڙي تنهن ۾ انسان جي اٽڪل جو به ٿورو گھڻو ليکُه ڪجي … ڦرڻي جو اصولُ نه رڳو ته ٻَلَ جو رخ ڦيرائي ـــ ڏاند زمين تي چڪر ڏي، ۽ پاڻي جي ڊورَ جو چڪر هيٺان مٿي پر بِڏندي چيڪلي سان ڪمُ ڪرڻ. مانکي ڦرڻي ۽ (بِڏندي) چيڪلي جي ڏندن جو نقشو پوري طرح ياد ناهي؛ پرَ چيڪلي جي ڏندن جو ڪم ڏاند جي گھٽ ٻلَ ۽ وڌيڪ فاصلي کي وڌيڪ ٻل ۽ گھٽ فاصلي ۾ ورائڻ.

سمجھو ته B ۽ A ٻه چيِڪلا هجن ــ پوءِ هڪَ جي رفتار وڏي ۽ ڏندن جو انگ گھٽ ته ٻي جي ڏندن جو انگ وڌيڪ ته رفتار گھٽ ٿيندي ، جو گھٽ ڏندن وارو چيڪلو ڦيري پوري ڪندو ته وڌيڪ ڏندن واري چيڪلي اڃا ڦيري پوري نه ڪئي هوندي،

 

Bجي ڏندن جو انگُ : A جي ڏندن جو انگُ = A جي رفتار : B جي رفتار

جتي “:” نسبت جي نشاني آهي. معنا ته

Bجي ڏندن جو انگُ * B جي رفتار =A جي ڏندن جو انگُ * A جي رفتار

جتي * ضرب جي نشاني آهي

مٿين مُساوات ڪري ٻنهي جڪڙيلَ چيڪلن جي ڦيري ٻَلَ (ٻلَ ۽ اَرو جي ضرب) ساڳيو. سو جنهن چيڪلي جوgears (image from Wikipedia) اَرو (اڌُ َقطرُ) وڏو تنهن کي ٻلَ گھٽ هڻڻ سان ننڍي اَرو واري چيڪلي تي ٻلَ جو ضرب ٿيندو (۽ اِهو ننڍو چيِڪلو بنسبت فاصلو گھٽ هلندو). انهيءَ ٻل جي وڌاري جي اصول کي چيڪلن جو ڪَلوني سرسيِ چوندا آهن ۽ ساڳيو قديم ڪَلَ وديا جو اصول اڃا تائين هر مِشِنَ (موٽرَ گاڏي ، فيڪٽريِ ، هوائي جهاز، وغيره) ٺاهڻَ ۾ ڪتبُ آندو پيو وڃي. هيٺين ويبَ ڪڙينِ تي ٺرڪَ هڻندا

http://www.dynamicscience.com.au/tester/solutions/hydraulicus/gears1mechanicalad.htm

http://en.wikipedia.org/wiki/Gear

ننڍي هوندي مانکي ڪل وديا جي ڪا ڄاڻ ڪانه هئي پرَ ڪيترا ئي وار کوهَ تان پاڻي چڙهندو، ڏاند جي طاقت ۽ انهيءَ ينتريءَ بابت سوچيو هوندمِ. گھڻا ورهيه پوءِ جڏهن ڏهين درجي ۾ مادي وديا پڙهيمِ ته چيڪلي جي ڪِردار جي پروڙ پيمِ. جي ڪير ماپوُن وٺي حساب هڻي ٻڌائي ته ڏاند جي طاقتَ ڪيتري آهي، گھڻو پاڻي مٿي ٿو آڻي ۽ انهي لاءِ گھڻو ٻلُ ٿو لڳائي ته ڀلو.

هتي آمريڪا جي ننڍي وڏي شهرَ ۾ ٻارن لاءِ گھڻا ئي وگياني ”عجائب گھرَ“ آهن جتي ٻار وگياني اصولن جي سمجھاڻي لاءِ ڍانچا ڏسي سگھندا آهن ۽ ٻار سِڪولن ۽ مائٽن سان اهي ڏسڻ ويندا آهن.

http://www.msichicago.org/exhibit/exhome.html

جيئين ڏسندا (ميوُزيمَ) ۾ هڪ نمائش بابت ننڍي وِڊيو

http://www.msichicago.org/exhibit/genetics/v_genome.html

اسان جي ڳوٺاڻن ٻارن کي اهڙيون سهولتون ته ناهن جو مُلڪَ اهڙن ڪاٽڪوُ ٺوڳينِ جي حوالي آهي جيڪي ٻارن جي تعليم ۽ ڀلائي بدران سنڌوُ ڏيههَ جا لڳ ڀڳ سمورا وسيلا فوجن تي خرچ ڪيو ڇڏين، جن فوجن جو ڪمُ جھيڙي جھٽي جي واڌ بنا ڪجھ آهي ئي ڪونه. خيرُ، ڌڻي مهرَ ڪري، سو چوَڻ جو مقصد هومِ ته ماسترن کي کپي ته ٻارن کي ڪَلَ وِديا جي انهيءَ وگياني ورد لاءِ اهڙن روايتي کوهن ڏانهن وٺي وڃي سمجھاڻي ڏين ۽ حساب سيکارن ته چڱو ٿيندو. ۽ جي ماسترن ۾ قابليت ناهي يا ايڏا ڀيڏا ڀيرا ٿياهن ته يونيورسٽيءَ جي وديارٿين کي خوش خذمت سپاهي بڻجي پاڻمرادو اهڙا وِرد موڪلُن دوران ڏيڻ گھرجن جيئين ٻارن جي سوُنجھ سونجھ کي همٿائجي ۽ سندن وگيان سان چاهُ وڌائجي.

Sindhi Cow and Bull (from http://www.love4cow.com/gujarat.htm)

سو ڳالهه پي ڪيمِ جانوُ جي. ڪِلاڪَ ٻن ۾ ڏاند بيهي ساهي پٽي ته واري واري سان جانوُ پريان هڪلَ ڪريسِ. ڪجھه وقت کان پوءِ هڪَل جو اثر لڳڻ پورو. پوءِ جانوُ ٿورو ترسيِ، ڏاند کي واري سان واڪي سان گاريون ڏي، وري ڏاند ويچارو ڪم کي لڳي ته شاباسي واڪي سان ڏيسِ. نيٺ آخرڪار ڏاند به ٿڪو بيٺو هجيسِ ۽ هڪل توڙي ماءُ ڀيڻ جي گار جو ڪو اثر نه ٿيسِ. تڏهن ڏاند ڇوڙي جانوُ کائڻ لاءِ ڪي چڻا ۽ (سُڪل گاهَ جو) دَنِ ڏيسِ. (مٿيون فوٽوُن دنيا ۾ مشهور سنڌي ڳئوُن ۽ ڏاند جي قسم جو آهي هتان کنيل) .

پوءِ جانوُ پاڻ ٿلهي ماني پچاءِ ۽ تنهن سان ڏڌَ پيئي. کائيِ پيِ ٿادلَ ٺاهڻَ لاءِ ڪوُنڊيءَ ۾ ڀنگُ گھوٽڻ شروع ڪري. ۽ تيسي تاڻيِ ڏيِنهنُ به تپڻ شروع ٿيندو هو. تهانپوءِ رهيل ڏينهن، شام تائين ڪجھه کمي کمي چلت هجيس. شام جو ٻيو ويلو ماني جو کائي جنهن چانور، دال ڀاجي، يا ڪا جوئر جي ماني يا اهڙي شئي هجيس.

جانوُءَ جو رنگ نه رڳو نِرالو پي لڳيُمِ پر ڪُڍَنگو. اُمي ماڻهون، وار ايڏا، الائي جي ڪڏهن تَڙُ ڪري، ڳوٺ کان پري ڪڏهن ويل ڪونه هجي، ڳالهه ڪرينس ته آهستي سمجھي. قسو ڪوتاه ته کيس اَجهڪو سمجھيم.

شڪارپور پُڳي ٿورا ڏينهن ٿيا هوندا. هڪَ ڏينهن ڪو ڪِرڙو اڳيان اچي بيهي رهيو. منهنجو اُتان لنگھڻ کان ڪيٻائن. جانوُءَ کي چيمِ مارينسِ! جانوُ ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو. وري ڪاوڙَ منجھان زور سان ڳالهه ورجائيمانسِ. سمجھيم ته هيءُ سست هاري اوُنئين آهستي آهي سو منهنجو حُڪُمُ منڃڻ کان ٻرو ٿو پيو چڙهيسِ. سو مان به زد تي. نيٺ ڏٺمُ ته شِڪلِ ڪَٿڪادُ هيسِ، هٿ کنيائين ۽ ڪرڙي کي جھلي پرتي اينئين رکيائين جو ڪِرڙو ويو ڀڄندو پري. اڃا جانُو جون اکيون هيٺ هجن. اڃا نظر هيٺ هيسِ ، ساڳي هنڌ ويٺل هيو. ورائي ’صاحبَ‘ کي چيائين جِيءَ دارن کي نه ڇولجي. مانکي هُن جي ڳالهه اهڙي دل کي لڳي جو ڦوڪيل وڏماڻپائي تنهن پَلَ اينئين ويئي جڻُ ڪنهن ڀري ڦوڪڻي کي ٽاچڻي هنئين هجي. وري اِنهيءَ اُميءَ کي ڪڏهن اَجھڪو ڪو نه سمجھيم.

ڪيترا ئي وار ڏٺو اٿمِ ته اسان جي ڳوٺاڻن جي ساڃاه شهرين کان گھڻي وڌيل آهي. ٻولي کي اُمي ڳوٺاڻو چُهٽي ڪراڙو ڪيون بيٺو آهي. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهون يا ته بي خيالو ڌاريا لفظ ڀريندا هلن يا ته انئين ڪرڻ سان سمجھن ته پنهنجي وڏائي ٿا ڏيکارين (تِن جي ڇا ڳالهه ڪجي جي پنهجي ٻولي ئي ڪتب نه آڻين).

هالا واه تي هاري

(مٿي فوٽوُن ڪنهن هاريءَ جو هالا واههَ پاسي جو آهي جو ويبَ تان ڪِٿان لاٿم، ياد نٿم).

هڪَ ڏينهن سيوڻ پاسي منهنجو لنگھه ٿيو. شادي کان پوءِ زالَ کي سنڌ جي سير لاءِ وٺي ويو هومِ ۽ ٽي مهنا سنڌ جي ٻهراڙي ۽ پراڻن جو سير ڪيوسي. تنهن نئين ڪنوار سان سيوڻ پهتو هوسِ. انتظام شهرَ جي سرڪاري آرام گھرَ ڪرايو هومِ جو شهر ۾ ڪا سراءِ (هوٽلَ) ڪانه هئي (ڪڏهن ڪٿي محماني ڪئي سي، ڪڏهن آرام گھرن ۾ رهيا سي). خيرُ ڪنهن ٻڌايو هو ته اِهو آرام گھر ٽڪريِءَ تي آهي ۽ ڏسُ وٺن لاءِ چيائين ته ڪنهن کان به هن ريت پڇندا ته ٻڏائيندُوُ. سو هڪَ هاريءَ کان پُڇيم ته ابا هتي قلعو ڪهڙي پاسي آهي. هاريءَ مان ڏانهن مونجھاريل ڪنڌ ورايو ، ”سائين، اِتي ڪا اِهڙي شئي ڪانهي. متان بازارَ ۾ مليوَ.“ مان سوچيو هيءُ ماڻهو عجيب وائڙو، شهرَ ۾ هڪُ قلعو، سا پروُڙَ ڪانه ٿسِ. نيٺ فِراس ٿي واتان نڪتم ته ” ڇا پيو چئين، ته اتي ڪو ڪوٽُ ڪونهي؟“ ورايائين ته، ”سائين! پوءِ اينئين چئو! اسان سان وري انگريزي ۾ ته نه ڳالهايو!“ تڏهن ٻيِٽَ پيمِ ته وائڙو هوُ نه مان هُيم.

ڀلو ميان! سوچيم، جڏهن سرڪار لطيف رڳو ڪوٽُ لفظ ڪتب آندو، ته پوءِ اسان هاڻِ اُڙدوُ ( اڙدوُ معنا لشڪرُ!) پڙهيو ڪوٽ لفظ ڪتب آڻڻ ڇو ڇڏيون؟ پنهنجي ٻوليءَ جي پنهنجي مِٺاڻ کي ماٺ نه ڪجي. ٻوليءَ جي سوُنهن برباد ڪرڻ جي پڙهيلَ ڳڙهيلَ ڪڍ لڳا آهن، سنڌي ۾ لاهي پاهي اڙدوُ ۽ انگريزي ڀريندي ڪو لڄَ نه ٿي اچينِ. تنهن ڏينهن کان منهنجي منو رِٿ رهي آهي ته ٻوليءَ ۾ نڄ سنڌي لفظ ڪتب آڻڻ جو اُدم ڪيان ــ اهڙا لفظ جن ۾ ٻ، ڄ، ڳ، ڏ، ڃ، ڱ، … هجن تن جي اُچارَ ۾ ئي مزو لڳيمِ؛ توڙي ڳالهه بيشڪ پرڏيهه ۾ ڏُکي ٿي ويئي جو هتان جي ماحول ۾ رڳو انگريزي پئي هلندي آهي ۽ سوچ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ گھٽيو وڃي.

سَرڳواسيِ سائين Ashok Chandwaniاشوڪ چندواڻي ڪينيڊا ۾ وڏو اخبار نويس هوندو هيو. مرڻ کان ڪي سال اڳ مانٽريئال گزيٽ (ڪينيڊا جي هڪ مُکي اخبار) ۾ هڪ ڀِڄائيندڙ مقالو لکيائين جنهن ۾ ڳالهه ڪيائين ته هو هاڻ رڳو هڪَ خيالي گھوڙي سان سنڌي ۾ ڳالهيون ڪندو آهي جو ٻيو ڪو سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ وارو ئي ڪونهيسِ ــ ڪيڏي نه اباڻي اُڪيرَ ٿي رهي! (پاسي ۾ سائين اشوڪ چندواڻي جي پوين ڏينهن جو يادگار فوٽوُن).

http://yangtze.cs.uiuc.edu/~jamali/sindh/sindh-l/archive/her/msg00314.html

سائين ڀِٽَ ڌڻيِ ڪا عربي فارسي نه اپڻائي.. سدائين سنڌيءَ ۾ بيت ٻوليائين، جن کي برابر آياتُن جو مانُ ۽ شانُ آهي. هٿان ڏات ڏيئي ويا اُنهن لاءِ جيڪي اڄُ اڙدوُءَ ۽ انگريزيءَ جھڙين اڄوڪوين فارسين جو ڍول وڄايون ويٺا آهن ۽ سنڌي ڪتب آڻڻ ۾ رنڊڪون پيا وِجھن. چون ٿا ته هن دورَ ۾ انگريزي ڪتب آڻڻ سان اسان جي غلامي پوري ٿيندي، انگريزيءَ سان وگياني سمجھه وڌندي، وغيرا (اڙدوءَ جي ته ڳالهه ئي ڇڏيو) ــ پرَ سنڌڙيءَ جو سرڪار ڀٽ ڌڻي ٿو چئي

جي فارسي سِکيو، گولو توءِ غُلامُ!

جو ٻڌو ٻِن ڳالهينِ، سو ڪينئن چائي ڄامُ؟

اُڃيو ته آب گھُري، بکيو تان تعامُ

اي عامن سندو عامُ، خاص منجھان نه ٿيو

(شاه)

(توءِ= تنهن هوندي بِه ؛ گولو = ٻانهو ؛ چاءِ = چَکي. )

ٻين جي ڳالهين ۾ اسان کي نه پاڻ ٻَڌائڻ کپي. سنڌ جي رهواسينِ جو پهريون پويون لڳاپو سنڌي ٻوليءَ سان، هَرَ متن لاءِ سنڌ ۾ اِها ڪتب آڻجي ته سنڌي ٻارن جي اجھڪائي وارو احساسُ اُجھي. شَلَ اسان جي پڙهيلن جي من مان غلاميءَ جا خيال لهن ۽ پنهنجي اباڻي ٻوليءَ کي مانُ ڏين. تهانپوءِ ڏيهه جي آزادي به پري ناههِ!

هيٺ ٺرڪ هڻي ڏسندا من موهيندڙَ مرليون جي ماڻهن کي نانگن وانگي نچائين. سائين ماڪا جا لک ٿورا…

Advertisements

16 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. ادا!اوهان جو سنڌي ٻولي بابت لکيل هي بلاگ ڏاڍو وقتائتو آهي جو منجھس اسان جي سماج ۾ موجود هڪ وڏي اوڻائي جو ذڪر ٿيل آهي،اها آهي اسان جو پنهنجي ٻولي ڏانهن وير.عام ماڻهون ته ڇڏيو پر اسان جا پڙهيل ڪڙهيل اڪابر به ان کان آجا نه آهن.سڄي عالم بابت ڄاڻ ڪٺي ڪرڻ جي اڻتڻ پر منجھائين پنهنجي ديس بابت سندن معلو مات اڻ پوري ۽ ڦڪي هجي ٿي.ايتري تائين جو پنهنجن ٻارن کي دنيا جو ادب پڙهڻ لاءِ ته همٿائيندا پر ڀٽائيءَ جو فڪر کين ڪان ڏيندا جو سندن ڪچي راءِ موجب ائين ڪرڻ سان هو علاقيت ۾ اچي وڃن ٿا.وڏن شهرن خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ ته هاڻي رواج پئجي ويو آهي ته ٻارن سان هروقت انگريزي يا اڙدو ۾ ڳالهائبو۽ جڏهن پاڻ جيڏن سان ڪچهري ڪبي ته هرو ڀرو انگريزي جا لفظ يا جملا ٽنبي پنهنجي پڙهيل (جاهل) هئڻ جي ثابتي ڏبي.لڳ ڀڳ ساڳئي حالت هاڻي ڳوٺن ۾ وڃي بيٺي آهي،جتي ڳچ ورهين کان ميڊيا (پاڪستان ٽيليوزن) جي اثر هيٺ عام رواجي ٻولي منجھان نج سنڌي لفظ الوپ ٿي ويا آهن۽ انهن جي جڳهه اڙدو جي حرفن ورتي آهي ايتري قدر جو سنڌي پهاڪن بدران اردو ماڻ سڌو سنئون ترجمو ٿيل محاورا ڪتب آندا وڃن ٿا.اهڙي ماحول ۾ ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ باوجود شاه جي رسالي ۾ موجود لفظن سمجھڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي.ويا اهي ڏينهن جڏهن ماڻهون ڪچهرين لطيف ۽ سچل جا بيت ۽ ڪلام دليلن طور ڏيندا هئا.ڳالهه وڃي اتي پهتي آهي جو اتر سنڌ جي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول جو ماستر ٻارن کي نصاب ۾ موجود شاه جي ڪلام بابت چئي ٿو ته لطيف جي ٻولي ڏاڍي ڏکي آهي تنهنڪري ڪين بنهين سمجھ ۾ نه ايندي.نتيجا اهو ٻار وري حياتي ۾ ڪڏهن ب شاه جي بيت کي پروڙڻ جي ڪشش نه ٿو ڪري.ڪجھ ورهيه اەڳ آءُ هڪ سنڌي اخبار ۾ لکڻ لاءِ قلم کنيو ته لکڻ لاءِ ورلي ڪو سنڌي لفظ مليو پئي.ان اوڻائيءَ کي ڏور ڪرڻ لاءِ جڏهن انگريزي مان سنڌي ۾ ڪا معياري ڊڪشنري جي ڳولها ڪيم ته وڏي نراسائي ٿي.نيٺ سنڌآلجي پاران ڇپايل پرمانند ميوا رام جي ترتيب ڏنل تي گذارو ڪرڻو پيم جو اها به اپڊيٽ ڪونه هئي.چوڻ جو مقصد ته اسان جي ڏاهن جو حال به مڙئي پورو آهي.اڄ جي هٿ ٺوڪين اديبن جا هٿ قلم بدران هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ آهن،هاڻي سندن مول مقصد ڪائي سڻڀي سيٽ ماڻڻ آهي.لطيف ۽ سچل جي پروڙ ته سندن وس کان ئي ٻاهر آهي.باقي بچي سنڌي ميڊيا،پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ،ان به ٻولي جي بگيڙڻ ۾ ڪئي ڪسر نه ڇڏي آهي.سنڌي چينل کلڻ سان ٻولي جي واڌ ويجھ جي جيڪا ەآس پيدا ٿي اها هاڻي پنهنجو الٽو اثر ڏيکاري رهي آهي.ناٽڪ جي ڪردارن يا منڊل جي ميزبانن پاران ڳالهايل سنڌي ٻولي ڄڻ آڙدو جو ترجمو پئي لڳي.سنڌي پهاڪا ۽ محارا ته ڄڻ ڪتابن تائين رهجي ويا آهن.ڪجھ ڏينهن اڳ هڪ اڙدو ڳالهائيندڙ سياسي اڳواڻ پاران ڪتب آندل لفظ بوکلائٽ ايڏو ته چالو ٿي ويو جو اسان سنڌي نيوز ڪاسٽرز سميت سنڌي سياسي اڳواڻ به اهو لفظ استعمال ڪرڻ لڳا.ڪوئي کين سمجھائي ته بابا سنڌي ٻولي ۾ ان لاءِ وائڙائپ لفظ موجود آهي.پر انهن چينلن کان سواءِ ڪير ڪري؟ باقي وڃي بچيا ڪجھ کاهوڙي جيڪي ڪٿي ڪنهن هنڌ ٻولي سان نينهن جو ناتو نڀائيندي پنهنجي پَرِ پيا دوهين دکائيندا پيا اچن شال سندن دوهينءَ جو اثر باقين تائين به پهچي

  2. سائين فرحان شيخَ سورَهن آنا ٺيڪُ ڳالهه ڪئي آهي. ٽيليويزن يا پرنٽ ميڊيا جي ڳالهه پهنجي جاءِ تي، جي ڪراچيءَ کان شڪارپور تائين روڊَ يا ريلَ جو سفر ڪبو ته رُڳو اڙدو ۾ لکيلَ شهرن جا ڏَسَ پتا نظر ايندا. سنڌُ جا مالڪ سنڌي، سنڌ جي ٻولي سنڌي پَرَ سنڌ جون واڳون ڪهن ٻئي جي هٿن ۾!! ڇَههَ مهنا کن ٿيا هوندا جو مان ڪراچيءَ کان شڪارپور جو سفرُ ڪيو هومِ اٽڪلَ چئن ورهين کان پوءِ سکر ايڪسپريس ۾. پهنجي سنڌُ جو هالُ ڏسي اچرج ۾ پئجي ويُمِ جو پوري گاڏي ۾ اڌَ کان به گهٽِ سنڌي هوندا. وري جو سکر ريلَ گاڏي پهتي تهَ گاڏي ۾ مان، مهنجو وڏو ڀاءُ ۽ ٻٽنِ ٻِين کي ڇڏي ٻيا سمورا اڙدو ڳالهائڻ وارا هيا. تازو يورپَ کان سنڌُ آيو هومِ جو سنڌيءَ ڳالهائڻ ۽ ٻُڌَڻَ لاءِ سڪان پيو پَرَ هتي تهَ اڙدو وارن پناهگيرن اهڙو قبضو ڪيو آهي جو اسان جا سادا ماڻهو انهن کي سنڌُ ڌرتيءَ جو مالڪُ سمجهيو ويٺا آهن. مان تهَ چوا ٿو ته اهو سڀ ڪجهه سنڌُ جي سرڪار جو ڏوهُ آهي جو هاڻي سرڪاري ادارن ۾ اڙدو ۾ لکَ پڙهَ ٿي ٿئيِ ۽ اسان جو سنڌي ماڻهو اڙدو ڳالهائڻ ۾ فخر ٿا ڪنِ. مانکي ڪراچيءَ ايندي اٽڪل ۲۰ ورههَ ٿيا هوندا ۽ پهرين درجي کان ڏهين درجي تائين سنڌي ميڊيم پڙهڻ کان پوءِ بهِ نِجُ سنڌي سمجهڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ڪونه ٿي اچي. اهو ان ڪري جو سنڌي ادب کان پري رهڻ، غير خالص سنڌي ڳالهائڻ، اڙدو ۽ انگريزي گهڻي ڳالهائڻ.

  3. جتي مُنافق مُلان پهنجون محفلون ڄمائين ۽ نيون نيون سازشون ويٺا ڪن اُتان کان ڀَلا ته اُهي مَندَرَ. ڀڳوان ڪري ته اهڙن مُلن جو اَنتُ اچي.

  4. ادا چئو ته سچُ ٿا ته ملان ڏاڍا منافق هوندا آهن پرَ وڏڙا چوندا آهن ته ٻِئي جو خير ته پهنجو خيرُ! مون کي به ڪا مُلن کون سُٺي موٽَ ناهي ملي. رُڳو ڪوڙ ڳالهائين ۽ سازشون ڪَنِ. يونيورسٽيءَ کان نوڪريءَ تائين مُلن ڏاڍو نقصانُ ڏنو آ..

  5. ها مان تُنهنجي بِنا ڪُجُهه به ته ناهيان،
    تون جي گَڏُ گَڏُ هُجين پوءِ مان آهيان!

  6. گل آغا سائين، توهان جي مهرباني، قرب

  7. Saeen,
    Tawhan joon galhyoo sadain passand eendyoon ahin, n hameshah iho ee mehsoos theendo ahey jian penhjey goth g autaq mein kenhn harri ya kami saan hawal ourindo hujan.
    Twhan Sindh g behrari g jeka tasweer ukri ahey, uha ajan bhi sagi ahey….jian jo tein…
    Munhjo taluq bhi behrari saan ahey, n aj kalh France mein muashiat mein Ph.D(sindhi lafz kon milyam) payo kayan, jenhn lai hukumat wazeefo deendi ahey.
    Maan Bank Alfalah mein jedenh Hyderabad tabadlo karayo huo (unhan khan ag Lahore huas)te dadho khush huas, jo aakhir khor warehan khan po hik dafo warri sindh mein rahandus, jitey sindhi hoonda, sindhi galhaeenda, n dadho qurub milando.
    Pehrain deenhn jadenhn manager(beeher angrazi) sahib, saathin saan urdu mein taaruf karayo te dadho ajeeb lago, moon samjhio sho te munhjan sathian mein urdu galhaindar bhi ahin, unhan karey saeen urdu galhai hoondi.
    shruatti deenhan mein moon khey hikri shokri saan gaddu weharyo wayo, bas hun achan saan ham ne ka tam sidho saon urdu galhain shru kayo, maan pusho maans bhala hitrey ko sindhi bhi galhaeendo aa ya ne, waranian te maan te urdu galhaeendar ahyan, baki sindhi bhi ahin j k galhaeenda ahin. Galhuin doran, hun moonkhey mehsoos karayo te unhan j bawjood jo moon kafi saal islamabad mein gharya ahin, po bhi munhji urdu maan mehsoos thei tho te maan sindhi ahyan, khes waranum te aj moon khey khushi thi ahey jo maan ajan taeen penhji sindhiat kon wijai atham. Behrhal moonkhey unhn deenhn wado dhachko lago jo hik deenhn unhan shokri j peo saan mulakat thi, n khaber payam te uhey te sindhi ahin n Tando Bago ja asl rahwasi ahin, munhja te tara ee nikri waya. Sochum te hinan khey aj hyderabad mein bhi sindhi sadain tey sharam tho mehsoos thei, po unahn shokri saan te dadhi kayam, Bank mein sadas uhdo moon khan ghat huo, so kafi shand shan kai maans. Per unhan deenhn khan poe, moonsan te sindhi galhaeendi hui, per bian sabhin saan sagi urdu galhaeendi hui.
    Allah ein ne thei jo kitaban mein perhjey,
    Te hui Sindh n Sindh waran g boli.

    Saeen angrazi mein likhial harf maaf karan farmaeenda, n j sandan sindhi budhaeenda te thoraito rahandus.

  8. بروبر بروبر. سنڌي هُجي يا انگريزي، ڏاڍي سٺي ٿي پڙهڻ ۾ اچي.

  9. dear
    your article is very good regarding to sindhi language. i appreciate you becasue you have done good work. this is reality that our Rural people and areas are beautiful, they are very sincere wiht their work. every one loves to land of Sindhu. hi,hi……………!sindh ji kochi kochi mein khusbo ahi.

    Sik salamat sath salmat

  10. Salam,

    Saeen tawha ta jan asa khay sindh jo sair keray chadyooo.
    Nice blog.

    Ayaz Buriro
    UAE

  11. aa oo akailo saammhoo suth..
    Kajhar Khanjhar Har hath…

    Ajha Rujh maa Rar achay thee achay thee,
    Matan eeaa samjhay ta moa mor sara.

    Shaikkh Ayaz.

    Shad Raho Abad Raho.

  12. muhinkhe sidhi bhaashaa devnaagree mein eendi aahe. tavhaanjo likhiyal avhan n padhi saghnado aahiyaan par gaalaahin ean likhan eendi aahe. avhnajo hindia khon alaava shidhia mein bhee hik blog aahe jahikhe unicod mein likhi rkhoy aahe. chhaa sindhi bhaasaa jo koyee unicod aahe jeena avhaan hindi mein likhaan e tvhaan unkhe padhi sagho ain avhaan tavhaanjo hin angrejee mein padhi saghaan. muhinjo blog hindeea mein top te aahe par mhinje man mein sidhin saan dosti karan ji icchhaa aahe. chhaa koyee ahiro rasto aahe ki blog je maadhyam saan asaan sanprk rkhoon.

    http://phinjo.wordpress.com (sindhi)
    http://deepakbapukahin.wordpress.com (hindi)

  13. Gul Agha Says:
    September 5th, 2007 at 4:04 am

    1. sindhi lipii sikharna ddukhii naahe. ina men bba tte haftaa ddihaarro bba kilaaka harndaa ta kamu thii viindo. lipii sikharna laae ite ddiso

    changa sabaka aahini.. inhanhani te thorirri mashka (exercise) kayo. vaddani jo likhiyo bbi parrhii saghandaa

    http://www.linguistics.uiuc.edu/sindhi/script/index.html

    2. roman men sindhii likharna laae pirni mathe ddisandaa.

    3. buniyaadii lughata (dictionary) laae ddiso

    http://www.crulp.org/sed/HomePage.aspx

    ite roman men bbi likhii, lafza jii maanaa parrhii sagho thaa.

    4. sindhi unicode men likhi peii vanje. savalo praajektu ko kare jo roman maan arabii sindhii and devanagri sindhi men hika battana saan pheraae saghije.

  14. Dear Sir!
    Another nice article by You.The article on one hand covers your early days in Shikarpur and on other hand give basic and useful information about gears and also reptiles ie snakes.
    I am too much interested in field named as Herpetology-study deals with reptiles and amphibians.(The study of snakes (and turtles and lizards and frogs and salamanders) is called Herpetology. Someone who does this is a Herpetologist. The reptiles and amphibians of a place are called the Herpetofauna ).And in Herpetology,snake have always fasicnated me.
    There are many worldwide myths which are related with snakes.Some of these are as follow:

    Myth-1
    ” Jedhen ko jogee flute(Algozo) wagando ahe te nang(snakes) pehnjee beren man baher nekree eenda ahen and murlee jee laee te jhomen lagenda ahen!”
    Fact:
    Truth is that snakes have not ears,they can not listen,so how they can come out on the tones of flute?Infact snakes feel the presence of other animals by reciving the body heat which every living thing is emitting out.Thus snakes the body heat which is emiited by animals reaches at snake,it motivate his sensations.And thus snake calculates the distance of heat emitting source and it reaches at source.
    Flutes itself does not play any role in dragging sanke out of his hideout,but as snake recives the heat from heat source,it emerged from his hideout for 2 reasons:
    1. Heat emittign resourece(Animal or people)can be eatable food
    2. Heat emitting resource can be encroacher who has encroched in the ruling domain of snake,so snake came out to defend his rule over particular territory.
    Myth-2
    In particulary Sindh,a myth is considered as truth that “Majority of snakes are venomous,and they have ablity to kill human within mintues.”

    Truth:
    Truth is that about 95% of wrold snakes are not venomous,their poision can not kill human beings.And majority of snakes able to bite human beings and the resultant pain is enermous but not deadly.
    Myth-3
    “Jedhen naag phen phehlaendo ahe,un jo matelab te naag mastee men hondo ahe.”
    Truth:
    Infact snake expand his face(phen phehlaen) when any unauthoried animal or man encroched in the domain of snake.The exapansion of face of snake is infact solid indication that snake can attak anytime.
    In this regard world famous reptile expert Dr Brady Barr and Indian snake expert, Gerry Martin has filmed many documentries about snakes that can be obtained from “National Geograhic channel” offical website.

    A long long time ago,i go through a book written by some sindhi Joggi on “Snakes of sindh,their types and much more info about snakes of sindh”,at that time i was not interested in field thus i just go through book without any interest.And today when i want to know about the snakes of sindh,i have not any soruce where i can get info.
    And yes sir,you have written very well about the basic philosophy of Gears.Sir,if You got time then please write an complete article on Gear as it is much important topic to understand particulary the students like me who study in technical fields.
    Sindh Salamat,Saath Salamat

  15. […] بِلاگَ ”ڪي اُميِ ڄاڻوُ ته ڪي پڙَهيلَ اَڻَ ڄاڻَ“  تي ٽيڪا ٽنڻي […]

  16. گل آغا سائين اوهان جا ٿورائتا آهيون (مهرباني)


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: