هوائيءَ جا وِردَ

اپريل 22, 2007 at 10:52 pm | Posted in Autobiographical, Education, Language, Sindhi | 4 رايا

 

هڪ نظر هيڏاهن ــ ڪن لفظن جي معنا لاءِ هِت ٺَڙڪَ هڻندا https://shikarpuri.wordpress.com/glossary

هاڻ هِت سيارو پوري ٿي مهنو ٿي ويو آهي. ڏينهن اڃا ڊگھا ٿيندا وڃن پيا ۽ سجَ جون ڪِرڻون به هن ڀومي ڀاڱي جي تَرَ تي وڌيڪَ اُڀيون ڪِرن پيون جنهن ڪري ڏينهن تپندا پيا وڃن. وڻن جون ٽاريو ن ڦٽيون آهن، مينهن گھڻا وسنِ ۽ جاتي ڪاٿي گلَ ڏسڻ اچن.

هتان جي سياري جي سَٽَ کان ڊسمبر پڇاڙي ۽ جنوريءَ منڍَ ڪيئي ڀيرا مان پنهنجي ڪُٽنب سان هوائي رياستَ ويندو آهيان. هوائي آمريڪا جي اولهه سمنڊَ ڪناري تان اٽڪل ٻه هزارَ ميل َ يا ٽي هزار هزاريِ ميِٽر (ڪِلاميٽرَ) پري وڏي سمنڊ وچَ ٻيٽن جو ميڙُ آهي. هوائيِء رياستَ جو وڏي ۾ وڏي ٻيٽ جو نالو پڻ هوائي آهي جنهن ڪري ميڙَ ۽ رياستَ جو نالو هوائيِ پيو. هوائي ٻيٽَ جي ايراضيِ لڳِ ڀڳِ ڏهه هزارَ چورس هزاريِ ميٽرَ آهي. ميڙَ ۾ ست ٻيا ٻيٽ آهن جن مان ڇهن تي ماڻهون پڻ رهنِ. هونئن ٻيا گهڻا ئي ننڍڙا ٻيٽ، ٻيٽڙيون ۽ ڇِپون آهن جن سڀن جي ايراضي ملائي ٽيهن هزارن چورس هزاريِ ميٽرن کان ڪجھه گھٽ بيهي. هوائي رياست جا اڄُ ٻارهان لکَ ماڻهون رهواسي بيهن، تنِ مان اوآهوُءَ ٻيٽ تي اٽڪلَ اٺ لک رهن. اوآهوُءَ جي ايراضي ڪُلِ پندراهان سوَ کن چورس هزاريِ ميٽرَ (ٻيٽَ جي ڊگھي ۾ ڊگھيِ ماپَ تي لامَ ڪُلُ ايڪهَترَ هزاريِ ميٽرَ).

ڀون ڇِلُڙ ِ ڏهَنِ وڏن ٺانٺِنِ ۾ ورهايل آهي. اِهي ٺانٺِ سدائين کَمي کمي هڪَ کان ڏهن سَوَ ونڊيلَ ميٽرَ ساليانو هلندا رهن ٿا. جتي ٺانٺِ هڪُ ٻي سان ٽڪرَائن ٿا، ٺانٺِن جي گاٺَ ڪري جُوالامُکي (ٻرندرُ جبلَ) پيدا ٿين ڇو جو ڇِلُڙِ منجھه ٺانٺِن هيٺان تپشَ ماپَ ۽ دٻاءُ گھڻو آهي (هيٺ ڀوُن ڇِلُڙِ جو نَقشو ڏسو). انهي هل چل ڪري ڪِروڙين ورهيه اڳُ هند جو ننڍو کنڊ آسٽڙيليا جي کنڊ کان جدا ٿي اچي ايشا جي کنڊ سان گڏيو. هند هيٺان ٺانٺِ ۽ ايشا هيٺان ٺانٺِ جي ٽڪر ڪري هماليا جا وڏا جبل ٺهيا جن ۾ اڃان تائين دٻاءُ وڌڻ ڪري ڦاٽُ پوندو آهي ۽ ڌرتي ڌٻي ( وڏو ڀوُن ڪَنپي) جيئين اسان ڪشمير ۾ ڏٺو.

ٺانٺِن جي سمجھاڻيءُ لاءَ هيٺيونَ ويب ڪڙيون ڏسندا (مٿيون فوٽوُن ايٽلانٽڪَ وڏي سمنڊ هيٺان ٺانٺِن ِجي ٽڪرَائتي ”ڀليل ليڪ“ ڏيکاري ٿو. پاسي نقشو ڀوُن ڇِلُڙِ جي تهُن جو آهي. مٿاڇڙو اوڍڻ سخت آهي پرَ ٺانٺِن ِ ۾ ورهايل . سَوَ کان اڍائي سَونِ هزار ميٽرن جي اوُنهائي تي انهيءَ تهُه هيٺان اڻَسخت (آسٿينو) چڪرو آهي جيڪو وهندڙ ۽ گھڻي دٻاءَ هيٺ رهي. تنهن کي مٿي اچڻ جو موقعو تڏهن ملي جڏهن ٻه ٺانٺِيون هڪ ٻي کان ٿورڙو ڌار وڃنِ يا هڪ ٻي مٿان چڙهنِ. اِهڙين جھانجھراينِ ڪري ڀوُن ڪنپي ۽ گاڙي وهي، تنهن وسيلي نئين زمين ٺهي جا پهرين جبل جي صورتَ ۾، پوءِ ان تان وهڪرو. هوا ۽ پاڻي تنهن کي نرم ڪندا هلن ۽ ڪن ملينن ورهين ۾ سخت آتشي پٿرن کي به ڀوري واريِ جي صورت تائين آڻي ڇڏن.

 

http://www.ucmp.berkeley.edu/geology/tectonics.html

 

http://www.enchantedlearning.com/subjects/astronomy/planets/earth/Continents.shtml

 


http://volcano.und.edu/vwdocs/vwlessons/hot_spots/introduction.html

 

هوائي جا ٻيٽَ ٻين ٻين جُوالامُکينِ جي ڦاٽڻ ڪري پنجن کان پنجاهَ لک ورهيه اڳ ٺهيا. جُوالامُکيءَ ڦاٽ ڏيئي زورَ سان مٿي مواد موڪليو جنهن سان ٻرندر جبل ٺهيا. ڌرتيءَ جي عمر ساڍا چار بلينِ ورهيه آهي، تنهن حساب سان هيِ ٻيٽ اصل ننڍڙي عُمِرَ جا ٿيا.

 

ٻيٽن مان سڀنِ کان تازو ٻيٽُ هوائي جو وڏو ٻيٽ آهي جتي پيلي ديويءَ جي جبلُ ۾ اڃا جيئرو جوالامُکي آهي جو هر پنجين ڏهين ورهيه ٿورڙي ڦاٽندي رهندي آهي. انهيءَ ڦاٽ جا وڏا شولا پندرهن سورهان ورهيه ٿيا هوُندا ته ڏٺاهمِ جيڪي آسمان ڏانهن جبلُ ويهه ٽيهه ميِٽرَ مٿي ڦٽي پي ڪيا، جوالامُکيِ لوههَ جهڙا ڌاتوُ ۽ ٻيا معدني ڳاري پاڻياٺو وهائي پيو. جڏهن اهي هزارين درجا تپش ماپي ڌاتوُ سمنڊ ۾ ڪريا پي ته وڏا ٺڪا پي لڳاا ۽ سمنڊَ جو پاڻي انهيءَ هنڌ اوچتو سوَ ميِٽرَ مٿي اڇلَ کائي وري ٻاڦ بڻجي اُڀري پيو.

هوائي جي ٻيٽن جي ميڙَ جا سمورا ٻيٽَ ڀون ڇِلُڙُ هيٺ ساڳي ”ڀُليلَ ليڪَ“ تان منجھان ٺهيا آهن جيڪا ٻن ٺانٺِن ِ جي ٽڪرائي هنڌ تي آهي. ڀلو ميان! قدرت جا به ڪي ڏسڻ جهڙا تماشا آهن!

خيرُ… مان چوٽيهه ورهيه اڳ ڀوُن وديا متن تي شونق منجھان هڪ سميسٽر جو ڪِلاسُ کنيو هو. دنيا جي هڪ وڏي ڀوُن وگيان هيءُ ڪلاس پاڙهيو… هيءُ وگيان اِنهيءَ ڪري مشهوُر هو جو ڌرتيءَ جي عمر جو پورو حساب ڪڍيو جيڪو وگيانَ اڃا تائين اٽڪل ساڳيو مڃن ۽ ساڳي نموُني سان انهيءَ جو حساب هڻن. ڌرتيءَ جي عمر بابت ڏسندا

http://www.talkorigins.org/faqs/faq-age-of-earth.html

اڃا انهي متن سان لڳاءُ اٿمُ. گھڻائي وار پنهجن ٻارن کي هوائي جي ٻيٽن ميڙ گھمائڻ وٺي ويو آهيان ۽ اُتان جي ڀوُن وديا جيهوائي ۾ پنهنجي زال سان سمجھاڻي ڏيڻ پيلي ديويءَ جي جبلَ جي چوٽ ڏانهن چڙهي ، ٻريل جبل جي مُنهن تي لهي (منهن جي اوُناهي اٽڪل ٻه سوَ ميِٽر هوندي) اٺن کن هزاري ميِٽر آر پار پنڌ به تِن سان ڪيو اٿم. ٻريل جبلن جا مُنهن ڄڻ اُڏامي وڏي کڏَ ڇڏيو وڃنِ. ٻريل جبل جي منهن جو فوٽون مٿي ڏسندا جيڪو هن ويب ڪڙيءَ تان کنيل آهي

http://hawaii.wr.usgs.gov

(پاسي ۾ فوٽون زال سان هوائيءَ ۾ سمنڊَ ڀرَ هوٽل ۾ نيرن ڪندي ڇڪيل آهي)

اِهڙو ”نئون“ ٺهيل ٻيٽِ اصل هڪ وڏو جبل آهن جيڪو سمنڊ جي تري کان وٺي ترَ مٿان نِڪتو بيٺو آهي. اهڙن ٻيٽن جي هڪ پاسي مينهن گھڻو پوي جو لنگھندڙَ ڪَڪَرَ جبل سان ٽڪرائين، ته ٻي پاسي ريگستان. مثال ته هوائيِ ِ ٻيٽ جي هڪ پاسي ڏهه ميِٽرَ ورهيو ورهيا وَسَ پوي ۽ اِها روزَ پئي پوندي آهي! انهيءَ وسڪاري ڪري برساتي ٻيلي ٺهيو جنهن ۾ ڏهه هزار يگاني پودن جا وِشيشَ ۽ ڪِن پکين جا پڻ وشيشَ ٿين. اِهي جاندارَ ٻي ڪنهن هنڌ نه ملن ڇو ته هوائي ٻيٽن جو ميڙ ٻين ٻيٽن ۽ کنڊن جي آباديءَ کان هزارين هزاريِ ميِٽرَ پري آهي، هتي رڳو اڏامندڙ پکي ۽ هوا ۽ سمنڊ جي لهرن تي سفر ڪندڙ ٻجَ پُڳا. قدرت جي اوسراڻپي قانون موجب اهي وڳوڻيل ِ پکين ۽ پودن جا وِشيش ڦرندا رهيا ۽ پنهنجي يگاني صورت اختيار ڪيائون. اهو اوسراڻپي جو قدرتي قانونُ اڻويهين صدي جي وڏي عطائي وگيان چارلس ڊاروِن َ گَلاپاگوسِ ۽ ايٽلانٽڪَ وڏي سمنڊَ جي ٻين ٻيٽن جو سفر ڪندي ڳولهيو.

خير، ڪنهن ٻي وقت انهي قدرتي قانون جي ڳالهه ڪبي جنهن نه رڳو انسان جي اِبتدا جيِ سمجھاڻي ڏني، پَرَ سَوَ ورهين ۾ جيِوَ وديا جو ايڏو ڪمال جوڳو واڌارو ڪيو .

هوائي برساتي ٻيلي بابت هيءَ ويب ڪڙي ڏسندا.

http://www.onehawaii.org/Pages/Nature/Rainforest-Facts.php

هوائي ٻيٽن جو ميڙ جنهن وڏي سمنڊ وچ آهي تنهن جو انگريزن سانتيِڪو وڏو سمنڊ رکيو. هوائيءَ ۾ انسان رڳو اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳ هزايننيني پکي هزاريِ ميٽَرَ صفا سادين ٻيڙيون تاري پالينيشا جي ٻيٽن مان نڪريِ پڳا. اهڙو ڏکيو سفر الائي ڪينئن پورو ڪيائوُن. انسانن جي اچڻ کان پهرين رڳو پکي هوائيءَ ۾ رهندا هيا ۽ ڪي به شڪاري جانور ڪونه هيا. تنهن ڪري پکين کي ڪنهن کان ڀَوُ ڪونه رهيو.

بيشڪُ انسان سڀن کان خطرناڪ ۽ رهزن جانور آهي. اٽڪل ٻن هزارن ورهين اندر پکين جا اڌُ وِشيشَ (قِسمَ) ڇڙو سهڻن پَرَن ڪاڻِ وساڻي ڇڏيائون. اڻويهين صدي ۾ يورپي هوائي پڳا ۽ تِنِ وري هڪَ صديءَ اندر بچيل پکين جا بندوُقن سان شڪار ڪيون نَوي سيڪڙو وِشيشَنِ جي وساڻي ڪري ڇڏي!

هاڻي ڪي ٿوڙا اولائڪي پکين جا قسمَ جبل چوٽ وٽ رهن جتي ماڻهن جو وڃڻ ڏکيو هوندو هو. اِنهن جو هڪ وِشيشُ نيني ڪوٺبو آهي جيڪو مان گھڻائي وارَ ڏٺو آهي. توڙي پَلِيَل جانور ناهي، اڃا انسان ذات مان ڇِرڪي ڪونه ! مٿي فوٽوُن نيني پکي جو. اهڙن پکين جي سلامتي لاءِ اڄوڪن ڏينهن۾ گھڻا ئي اُپاوَ ورتا پيا وڃن جو ماڻهن جي هِتي انهيءَ بابت ساڃاهه وڌي آهي ته وِساڻي هميشه لاءِ ٿئي ۽ قدرتي هَموَزني کي اِيئين کارڻ سان انسان ذاتِ جي پڻ نيٺ تباهي ٿيندي جو انسان قدرت جو هڪُ جُزو آهي).

 

هوائي ٻيٽن جي انساني تاريخ يورپين جي اچڻ کان پوءِ اولائڪي هوائيِ ماڻهن لاءِ گھڻي درد ڀري آهي. ڪيئي بيمارين مان مارجي ويا جو ٻين آبادين کان الڳه رهندي انهن جي ٽهين ڪيئي ڀيانڪ وِچڙندڙ مرضَ ڪو نه ڏٺا هئا ۽ تِن لاءِ سريرَ ۾ ڪا رِهائي ڪانه هَنِ . ڌارين جي بيٺڪ ڪري هٿان مُلڪُ کسجي وين. هڪ ٻيٽ ۾ ڪي سوَ ڪٽنب ڇڏي رڳو ٻه ٽي سيڪڙو وڃي بچيا. اڄُ ٻيٽن ۾ رڳو ويهه سيڪڙو جزئي اولائڪي هوائي رهن (يعنيِ اُهي جن جو ڪو ڏاڏو، پرَ ڏاڏو، يا ناني تر ناني، وغيره اولائڪي هوائييُن مان آهن). هوائيِ ماڻهن کي نه مزوري ڪرڻ جي عادت هئي نه ڪو گھڻن شين جو شونق. کاڌو سمنڊ ۽ قدرت مان جام هوندو هين.. يورپين کي پيسي جي لالچ، سو گني جي پوک ڪيائون. تنهن ڪمَ لاءِ ويهين صدي ۾ جپانَ ۽ فليپينَ مان مزور گھرايا ويا جنهن ڪري اڄ هوائيءَ جا اَڌ رهواسي ماڻهون ايشائي ٿين.

هونئن هڪُ واٽوُمل نالي سنڌي سال 1914 ۾ هوائيءَ واپار ڪاڻ پُڳو ۽ تنهن جو هيل تائين ڪُٽنبُ ڏاڍو شاهوڪار آهي ۽ گھڻن ئي خيراتي ڪمن ۾ پڻ هٿ وڌو اٿن. ڪُٽنبَ جا ٻيا ڀاتي ورهانڱي کان پوءِ سنڌڙي ڇڏي هوائيءَ آيا. ڪٽنبَ جي وڏي ديوان گوبندرام جھامنداس واٽوُملِ هڪَ خيراتي پيڙاڪي 1942 ۾ جوڙيِ جنهن هٿان گھڻائي مليِنَ ڊالرَ ڪُٽنب ڏيندو هليو آهي. نه رڳو هوائي ۾، پَرَهاڻ ممبئي ۾ به اِسپتال کولي اٿنِ

http://www.ghrc-abu.com/aboutus.htm

افسوس ته اهڙن وارثن لاءِ سنڌ جون واٽوُن اڃا بند آهن ؛ جِن سنڌ ۾ هاڻ بيٺڪ ڄمائي آهي سي سنڌ کي لُقطو سمجھيو ويٺا آهن.

 

آتڻ اورانگھي ويا، اڱڻَ مون افسوسُ! (شاه)

مان اِنهن واٽوُملنِ جي هاڻوڪيِ وڏيءَ اندِروُ واٽوُملَ سان اٺَ ورهيه ٿيا هوُندا جو مليو هوُندمِ، کين ِسنڌ جو سڌُ سماءُ ٻڌڻ ۽ فوٽون ڏسڻ جو گھڻوشونق هيو. اِندروُ واٽوملَ بابت هِڪَ آکاڻي هيٺ ڏسندا

http://littleindia.com/february2003/Addicted%20to%20Love.htm

 

 

(هيٺيون فوٽوُن ٻرندر جبل َ جي لاٽِ يا گاڙي جي آهي جنهن جي ڳالهه مان پي ڪئي. اولائڪي هوائي انهيءَ کي پيلي ديوي جي باههِ سمجهندا هيا ۽ ديويءَ کي ٻاڏائيندا هيا ته ڪاوِڙ نه ڪري. اِنهيءَ وهڪري جي تپش ماپ اٽڪلَ هزار سوَ ونڊيل درجا هوندي.. پيرُ پويس، بچي نه بچي ، ڄنگهه ته سڙي رکَ ٿي وڃيس ).

ويهين صدي جي مُنڍَ ۾ يورپين هوائي ٻوليءَ جو خاتمي ڪرڻ جي پڻ ڪئي. سِڪوُلنِ ۾ هوائي پارهڻ تي پابندي هنيائون. 1983 ۾ رڳو 50 ٻار هوائي ٻولي ڳالهائي سگھيا پي. جڏهن نئين ٽهي ڪا ٻولي ڪانه ڳالهائي سگھي، ته ٻوليءَ جي وِساڻي پري ناهي. دنيا جي هزارن ٻولين جي وساڻيِ اينئين ٿي چُڪيِ آهي ۽ اڃا ٿيندي پئي وڃي. هوائي جي اولائڪي ماڻهن ۽ ڪن جزُ هوائي گڏيلِ جنسي ماڻهُنِ هوائي ٻولي جي بچاءُ لاءِ هٿ پير هنيا. 1994 ۾ نواهيِ نالي جو هڪُ سِڪوُل کولايائون جنهن لاءِ ماشي ۽ سياسي ڏکيائي جو مقابلو ڪرڻو پينِ. گھڻا مائٽ پاڻ هوائي ِ ٻوليِ ڪينَ ڄاڻن. نواهيِ سِڪولَ ۾ انگريزي ڳالهائڻ تي انگريزي ڪِلاسَ کان ٻاهر پابندي وڌي ويئي. انهيءَ سِڪوُل ۾ هوائيِءَ جون رسمون، ناچ، عقيدا پڻ پاڙهڻ شروع ڪيائون. نواهيِ سِڪوُلَ ۾ ابتدائي تعليمَ کان وٺي ٻارهين درجي تائين هوائي ٻولي ۾ متن پاڙهن ٿا.

نڪتاچيني ڪندڙن چيو ته هوائيِ ٻولي هلي نه سگھندي ۽ متن هوائي ٻوليءَ ۾ پارهڻ سان ٻارن نقصان رسندو. تعليمي ماهرن انهي ڳالهه کي رد ڪيو ۽ حقيقت به ڪا ٻي نڪتي.. ٻيا متن ته ڇڏيو، انگريزيءَ ۾ ئي انهن ٻارن جو ن مارڪوُن ڏسو جِن جي مائٽن ئي هوائيِ ڳالهائڻ وساري ڇڏي هُئيِ ـــ

 

 

Critics say students could be held back by learning a language that is not “viable” in today’s world. But school officials say Nawahi students have exceeded peers in standardized English tests…

State Senator Clayton Hee, a longtime supporter of Hawaiian language programs, was encouraged to speak only English while growing up, like many other Hawaiians. He learned Hawaiian in college and now uses it proudly and often.

“It gave me a sense of identity. It gave me a sense of pride,” he said.

(Associated Press,April 15, 2007)

 

هاڻ هوائي رياست انگريزيءَ سان گڏ هوائي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ڪري برابر مڃيو آهي. اسان هوائي ٻوليءَ لاءِ خير گھروُن ٿا جو دنيا جو اِها پڻ ورثو آهي. شَل َ بقا ٿيئيس.

ڪي ڏينهن ٿيا اها ڳالهه مان پنهنجي بلاگ ۾ پڻ پي ڪئي ته پنهنجپائي ۽ پاڻ تي وِشواسِ هجڻ وڏي اهميت رکي ٿيِ. سنڌ جي تعليم جي ڪمزوريءَ جو وڏو ڪارڻ ٻارن ۾ گھٽتائي جو احساس آهي جو سنڌي ٻولي دٻائي سنڌ تي بيٺڪ ڄمائيندڙن پکيڙيو آهي.

ڌڻي انهن لاهوريِ تيرن کان پناههَ ڏي جن سنڌ جو حال بڇڙو ڪيو اٿنِ

 

وِچ تلاءُ جي پاڻي دي ٻيٺي ، ڏون شهزادي شوريِ

ڪر دي عالَم اُتي حُڪوُمت، حُڪم زورآور زوريِ

دست ڪَمان اُنهان دي هيئي، مارن تيِرلاهوريِ

تنهان ڪَنوُن ڀڄُ ڪِيون نهينِ وَيندا، ڏيوين جند سڳوريِ!

”سچلَ“ صِف بَصِف مشتاقان، جا جُثا سِر گھوريِ!

 

” مشتاق“ هاڻي سنڌڙي، جنهن جا جُثا روزِ ٽُڪرا ٽڪرا پيا ٿينِ


Advertisements

4 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. dear AGA

    Glad to see your work for a sindhi site,
    It is realy a nice and informative article.

    visit & ad link below to your site
    http://www.ayazrb.wordpress.com

  2. Dear Sir Gul Agha Sb!
    It is really a nice article.Nice and informative article about the Hawii and partiulary the issue u have highlighted about Hawiian language.As the fact indegenious languages are at high risk around the world.In America,Australia,Canada where the colonizers have already perished several of precious indengious languages by obliterating the indegenious peoples.Today even sindhi language is being said to passing through crucial time,as Urdu is sdopted/prefered by the majority of new generation of sindh rather than their own mother language sindhi.It is what a consequence of pre-deceided plan by Governement,atleast I think so.Majority of Schools here in Sindh today are of dual-language nature,studies are carried out in two languages here in Sindh nowadayz ie 1.English 2.Urdu
    SO it looks as future of our own sindhi language is Bleak.

    And second think also nice information about Valcano,Paroplast flow and Lawa.THere is lot of need to write articles on Science,technology,and such other topics in sindhi as majority of our writers does not touch this field.
    Sir one request is that I could not get many words used in article such as ڀون ڇِلُڙ, and such other,it is nice effort that we must use the word of our own language but whenever you use such word please also write English word so that reader can easly get it,and remeber it for convienance to next time.

    And yah at last you have also written about sindhi family “Watumull” of Hyderabad,and give some good links to know about the family.Atleast we can know through ur blog about our own sindhis living out their.

    Sindh Salamat,Saath Salamat

  3. لفظن جي معنا لاءِ هِت ٺَڙڪَ هڻندا
    https://shikarpuri.wordpress.com/glossary

    مهرباني

  4. عالي جناب سائين گل آغا صاحب دي گريٽ سنڌي گريٽ سائيٽ سنڌي بولي ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ، بهترين معلومات جو خزانو جتان هيرا لعل جواهر جهوليون ڀري کڻجن ته به کٽڻ جو ڪو به شائبو ئي ناهي، تبصره جي ڇا مجال آهي ، بس سنڌي دوستن کي وينتي آهي ته هي سائيٽس وزت ڪن سنڌي ٻولي جا ٺيٺ سنڌي لفظ پنهنجي دماغ جي دري ۾ سانڍي سنڌي ٻولي کي اصل صحيح ٻولي طور ڳالهه ٻولهه ڪن ، جوکيو شفيق


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: