استادن، مائٽن جا اوسيڙا ۽ ٻارن جي ڪاميابي

اپريل 3, 2007 at 6:10 pm | Posted in Autobiographical, Education | 4 رايا

 

ٻارن تي ماءُ پيءُ ۽ استادن جي اوسيڙنِ جو وڏو اثر پئي ٿو. هر ٻار جي قابليت ٻي، پرَ قابليت جو ڪردار پنهنجي جاءِ، ۽ اُڄمائتي پنهنجي قدر رکي ۽ اها تعليم لاءِ اُڄميِ جي ڄاگرتا وڏنِ جي اوسيڙن سان پڻ وڌي.

DJ College 1923 photoمان بورڊَ جا امتحان ڪراچيءَ ۾ ورتا جو اٺين درجي جي وچ ۾ وري اسان ڪراچي لڏي آياسين. نائين ۽ ڏهين حبيب سِڪوُلَ مان ڪيمِ ۽ يارهين ۽ ٻارهين ڏيارام ڄيٺمل سنڌ سائيس ڪاليج مان.

( ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج جو مٿيون فوٽوُن 1923 جو نڪتل آهي، هن ويب ڪڙي ِءَ تان ملندو جتي ڪراچيءَ جا ٻيا به فوٽوُن ڏسڻ ايندا)

جڏهن يارهين درجي جي بورڊَ امتحانَ جو نتيجو نڪتو ته امان مان سان رنجي ويئي. بابا حيدرآبادِ ويل ِهئا ۽ تنهن ڏينهن ڪراچيءَ موٽيا. پڇيائون ته امان ڇو رنجَيل آهي. ٻڌايومانسِ ته مان سان خوش ناهي جو ٻه چار مارڪوُن يارهين جي امتحان ۾ کُٽل نڪتمِ. پڇيائون ڪهڙي متنَ ۾ پاس نه ٿيئين؟ مان چيو پاسِ ڪرڻ جي ته ڳالهه ڪانهي، پهرين بيهڪ ملڻ کان ٿوريون مارڪون گھٽ آيون.

بابا اڃا ڳالهه نه سمجھي. وري پڇايائوڻ ته ڊويزن ڪهڙي آئي. ٻڌايومانس ته هونئن ته هر متن ۾ ناموَري مارڪون (”ڊسٽنگشن“) آيون آهن پرَ جوڙيل مارڪون بورڊ ۾ ٻي نمبرَ جي بيهڪ تي بيهارن ٿيون جنهن تي امان مان سان رنجيل آهي. بابا ٽهڪُ ڏنو، چيائون مان هاڻاما ن ۽ منهنجو وڏي ڀاءُ حيدرآباد مان پيو اچان، اتي تنهنجي ڪنِ مائٽن مٺائي پي ورهائي جو پٽ ٻي ڊويزنَ سان پاس ٿيو. امان وري بابا کي چيو ته توکي رڳو پُٽنِِ کي کارڻو آهي..

”ڌڻي مٿو ڏنو اٿسِ سو تنهن تي وڏائي نه سمجھي، ٿوري وڌيڪ محنت ڪري ها ته ٻيو نمبر ڇو اچيس ها؟ مان جڏهن ليڊي هارڊنگ ڪاليجَ ۾ ڊاڪٽريِ ڪرڻ ويسِ ته سنڌ لاءِ هڪ داخلا هُئي، ٻيو نمبر اچي ها ته ڊاڪٽري ڪري سگھان ها؟“ (پاسي ۾ فوٽون امان جي جواني جو ورتل آهي. ساڻس منهنجو وڏو ڀاءُ پنهنجي ننڍپڻ ۾). خيرُ. ٻنهي جي ڳالهه ڀلي ـــ هڪُ ته ٻارنِ کي سدائين همٿائڻِ، ۽ ٻيو ته تن جي ڪاميابي لاءِ وڏي اوسيڙائت ڌارڻ.

ننڍي هوُندي جي هيءَ آکاڻي ياد آيمِ جڏهن هيٺين ڳالهه هڪَ چٺيءَ ۾ نيوُيارڪِ ٽائيمس اخبار ۾ پڙهيم جنهن ۾ ليکڪ ايئين اُتو ـــ

“20 Students Who Work Hard and Dream Big Win Times Scholarships” (news article, March 12) includes a subtle message throughout that ought to be stressed with special emphasis... Teacher and parent expectation may be the two most important factors in guiding and motivating students. Condoning mediocrity may provide comfort, but impedes high achievement.

Alfred S. Posamentier
New York, March 12, 2007
The writer is dean of the School of Education, City College
(of New York)

هيءَ چٺي هڪ يارهين ٻارهين ڪلاسنِ جي ٻارن لاءِ وگيانَڪُ رِٿن مقابلي بابت هڪ خبر جي اُتَر ُ ۾ لکيل هئي ـ

پڌري ڳالهه آهي ته هرُ ڪو، هرَ ڪا نڪي پهرين بيهڪ تي اچي سگھي، نه ٻيءَ، نه ٽيئن. ٻيو وري اهي امتحان ڪي اهڙا ناهن جو يٿا تٿا ڄاڻ ماپن. پَرَ اهو به سچَ آهي ته ٻارن جي سوچ ۽ تعليم جو هڪُ وڏي ۾ وڏو ويري پنهنجي گھٽتائي جو احساس آهي جيڪو ڪيترن کي ماحول ڏي ٿو.. تنهن بدران استادن ۽ مائٽن کي ٻارن جي تعليم لاءِ وڏي اوسيڙائت ڌارڻ گھرجي ته ٻارَ به پاڻ وڌيڪ سَر انجام ڪندا ــ

ڪين ڏسندا ڏوهَه اسان جا، بَديون سڀ بخشيندا
آهي اوسيڙو اکڙين کي، گوليِ ساڻ گڏيندا
ڪيچَ وڻن کَون پَٽي پَکَڙا، آڻي هِتِ هوتَ اَڏيندا
جيهو تيهو ”سچوُ“ سَندان آ، پانهِجو ڪِينَ ڇڏيندا

( سچل سارو سچ!)

 

Advertisements

4 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. Nice blog!

  2. 21 Century, Scientific Journalism & the We People

    ايڪهين صديءَ ۾ سائنسي صحافت ۽ اسان
    فهد حسين ميمڻ digitalsindh@gmail.com
    سائنس کي معاشري ۾ پنهنجي واڌ ويجهه توڙي ترقي لاءِ سازگار ماحول گهربل هوندو آهي، هڪ اهڙو ماحول جتي صرف حڪمران طبقي جا تمام ٿورڙا فرد ئي سائنس جي اهميت ۽ افاديت کان آگاهه نه هجن پر عوام الناس ۾ به سائنس جي حوالي سان پختو شعور موجود هجي، ۽ ظاهر آهي ته اهو شعور صرف خشڪ نصابي ڪتابن رٽڻ يا تحقيقي مقالن جي فلسفياڻي زبان سان به ڪڏهن پيدا نه ٿو ڪري سگهجي. ان مقصد جي لاءِ سائنسي مڪالمن ۽ سائنسي مزاج جو عوامي سطح تي رائج ٿيڻ به لازمي شرط آهي. اهو ئي موقعو آهي جو جتي سائنس جي عوامي ابلاغ ۽ سائنسي صحافت جي شديد ضرورت اسان جي سامهون اچي ٿي. اوهين پاڻ ئي ٻڌايو ته جيستائين عوام کي پنهنجي ملڪ ۾ سائنسي پيش رفت سان وقت به وقت آگاهي نه ملندي رهي ۽ انهن کي دنيا ۾ ٿيندڙ سائنسي تحقيقن جون خبرون نه ملنديون رهن ته هو ڪيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل فائدن ۽ نقصانن کان صحيح نموني واقف ٿي سگهندا؟ پر اسان وٽ صورتحال شايد ان کان به وڌيڪ خراب آهي، ڇو ته عوام ته پري جي ڳالهه پر اسان جي ميڊيا جي ادارن ۾ ويٺل ماڻهو پڻ ان حوالي سان تمام گهٽ ڄاڻ يا بلڪل به نسورا اڻ ڄاڻ لڳي رهيا آهن. ان جو ثبوت اسان جو اڄ جون اخبارون ۽ رسالا آهن، جتي اسان جون اخبارون توڙي چئنل اڃا سوڌو اهڙين روايتن جو بنياد وجهڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيا آهن، دوستم علي حسن ملاح (ايم اي ماس ڪميونيڪيشن ۽ سنڌ جي اڀرندڙ آءِ ٽي اداري ”انڊس سليڪان“ جي باني) جي بقول ته ”اسان جي اخبارن وٽ نه صرف سائنسي خبرن کي ڏيڻ لاءِ جڳهه نه آهي پر هر چڱي توڙي سنجيده شي کي ڏيڻ لاءِ اسان جي اخبارن وٽ نه ته جڳهه آهي ۽ نه ئي وري انهن وٽ اهڙو عملو“. خير علي حسن جي ڳالهه سان ان ڳالهه جي بنياد تي اختلاف رکي سگهجي ٿو ته اها به هڪ کليل حقيقت آهي ته انساني حقن جي ڪيترن ئي تنظيمن کان وٺي مختلف اين جي اوز توڙي اعلى عدالتي سرشتن ۽ ڳجهن ادارن تائين مختلف ادارا اسان جي اخبارن توڙي چئنلن جي خبرن جو نوٽيس وٺڻ ۾ ڪابه غفلت نه ڪندا آهن. پاڪستان ۾ انساني حقن جي ادارن جنهن ۾ مزدورن، ٻارن، شاگردن (تعليمي) توڙي عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن توڙي اين جي اوز کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ واقعن جون جيتريون خبرون سنڌي اخبارن توڙي چئنلن مان ملن ٿيون اوتريون ٻي جڳهه تان نه ٿيون ملن. پر سوال پوءِ به پنهنجي جڳهه تي موجود آهي ته ”ڇا جديد صحافت جو مقصد صرف سماج ۾ ٿيندڙ مختلف واقعن کي خبر جي شڪل ڏئي ڇاپڻ ئي آهي..؟“ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اسان کي ان دعوى تان هٿ کڻڻو پوندو ته ”سنڌي ميڊيا سنڌي عوام جي صحيح نموني قيادت ڪري رهي آهي“ ان سلسلي ۾ علي حسن وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اسان وٽ صحيح قيادت جو وڏو بحران موجود آهي، نه صرف اسان جا سياسي ادارا ان بحران مان نڪرڻ لاءِ ڪي رستا ڳولڻ ۾ ناڪام ويا آهن پر اسان جي ميڊيا پڻ. هو وڌيڪ چوي ٿو ”اسان جي عوام ۾ سياسي شعور ته موجود آهي، صرف هڪ آواز تي سوين ماڻهو گڏ ٿي سگهن ٿا. پوءِ اهو آواز جسقم جي پيغام سنڌ قافلي جو هجي يا ڪنهن ٻي تنظيم پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف هڪ وڏي ريليءَ ۾ شرڪت جو. پر اهڙن قافلن يا ڌرڻن ۾ اندر جهاتي پائي ڏسنداسين ته معلوم پوندو ته انهن وٽ اڪثريت پڙهيل لکيل بيروزگارن جي هوندي آهي. ۽ ڪا به سياسي تنظيم توڙي ميڊيا اهڙن بي روزگارن کي ڪنهن ڪم سانگي لڳائڻ جو تڪڙو پروگرام نه ٿي رکي. ڪو سياسي ڪارڪن جيڪڏهن سنڌ جي حقن جي حاصلات خاطر عظيم قافلي ۾ شرڪت بعد وري واندو ٿي ڏنڊي ڪونڊي يا سلفيءَ ۾ پناهه ڳولي ٿو ته ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ پوءِ ان جو ڪهڙو ڪردار رهندو، ڪهڙو اخلاق رهندو، هو ته اڳ به واندو هو اڄ به واندو آهي. هتي اچي اسان کي پنهنجي سوچ تي لڳل تالا کولڻ گهرجن. تازو ڪجهه عرصو اڳ هڪ عوامي سنڌي اخبار پاران روزگار سروس شروع ڪئي وئي هئي، پر نه ڄاڻ ڇو وري بند ڪئي وئي. دوستو اسان جي اڳيان اردو ۽ انگريزي ميڊيا جا مثال موجود آهن. انهن ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي اخبارون موجود آهن جن جي سرڪيوليشن هڪ ننڍي سنڌي اخبار کان به گهٽ آهي. پر ان ۾ اسان کي ناني امان جي ٽوٽڪن کان وٺي موبائيل رپيئرنگ سکو، ۽ موٽر سائيڪل کي ڪيئن پنڪچر هڻجي جهڙا مضمون ملن ٿا. نه ڄاڻ ڇو ههڙي اسپيشلائيزيشن جي دور ۾ اسان جي اخبارن پاران هفتيوار صفحا به بند ڪيا ويا آهن. يارو جتي اسان جي اڌ کان گهڻي آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذاريندي هجي، جتي اسان جو هاري پنهنجي ٻار کي ان لاءِ اسڪول ۾ داخل نه ڪرائيندو هجي ته متان منهنجو هڪ ڪمائيندڙ فرد ضايع ٿي وڃي اتي اسان جا اهي ڳوڙها سياسي بحث ۽ فلسفياڻن ڪتابن جو تعارف ڪهڙو رنگ لائي سگهي ٿو. مٿان وري سون تي سهاڳو اهو ته اڳ ۾ ئي اسان جا موالي ماڻهو چارئي پهر هوٽلن تي ويهي سلفيون پي وقت گذارين ۽ هالي وڊ توڙي بالي وڊ فلمن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ گوارا نه ڪن اتي اسان جون اخبارون اڀيشڪ ۽ ايش جي شاديءَ جا وڏا فوٽو ۽ چار ڪالم خبر هلائين ٿيون، هفتي ۾ پنج يار مٽائيندڙ اداڪارائن جا اڌ اگهاڙا فوٽو، سندن اسڪينڊلن جو ڄم کان مرڻ تائين مڪمل رڪارڊ شايع ڪرڻ. ڇا اسان وٽ ادا ڪرڻ لاءِ سماج ۾ اهو ڪردار ئي بچيو آهي. ته پوءِ اسان اهڙين خبرن سان ڪهڙو انقلاب آڻڻ چاهيون ٿا، فن يا آرٽ کي پنهنجي جڳهه ملڻ گهرجي، پر اسان کي صرف فنڪار ته پيدا ناهن ڪرڻا.. يا وري موجوده صورتحال ۾ اسان جي اخبار نه ته ڪو هاري پڙهندو، نه شاگرد ۽ نه ئي پروفيشنل ادارن توڙي فردن وٽ اهڙي اخبار جي ڪا ضرورت باقي رهندي.
    خير اچون ٿا اسين پنهنجي موضوع طرف ته اڪيهين صديءَ ۾ سائنسي صحافت ڪٿي پهتي آهي ۽ اسان ان ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا. سائين منهنجا اسان جي ڪابه اخبار توڙي رسالو اهڙين خبرن کي ڪا به مناسب جڳهه نه ٿو ڏئي، خاص ڪري جڏهن اردو ۽ انگريزي اخبارون ڏسجن ٿيون ۽ انهن ۾ هر موضوع تي صفحن جا صفحا مختلف حمايتي توڙي مخالف سائنسي موقفن سان ڀريل نظر اچن ٿا ته اندر سڙيو وڃي. ڇو ته نه ته اسان جا پبلشر يا دانشور ڪنهن نئين موضوع تي لکڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي اخبارون ئي اهڙي بنيادي ذميواري پنهنجي سر تي کڻڻ لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن اسان نين شين کي قبول نه ڪنداسين ته آخر اسان جو سماج ڪيترو عرصو هن گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ساهه کڻندو رهندو. اوهين پاڻ ٻڌايو ته اهڙي روش سبب اسان پنهنجي سماج کي ۽ پنهنجو پاڻ کي جمود (جنهن جو ٻيو نالو موت آهي) ڏانهن نه ڌڪي رهيا آهيون.
    سڀ کان پهرين ان ڳالهه کي واضع ڪجي ته معاشي ۽ سماجي حوالي سان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سڌي طرح جيترو اسان کي پاڻ ڀرو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اسان جي سياسي سوچ کي پختو ۽ ابلاغ کي مظبوط بڻائي سگهي ٿي، اوترو ڪا به ٻي شي يا ڌنڌو نه ٿو ڪري سگهي.
    سائنس سان گهري واقفيت رکندڙ هر فرد بخوبي ڄاڻي ٿو ته عالمي طور تي ”پيٽنٽ“ ٿيندڙ هر ايجاد غير معمولي ناهي هوندي، پر ترقي يافته ملڪن پنهنجي سائنس جي عوامي ابلاغ (سائنسي صحافت) کي ايتري قدر مضبوط بڻائي رکيو آهي جو ڪڏهن هڪ معمولي ايجاد به وڏي خبر طور تي مشهور ٿي ويندي آهي. پاڙي واري ملڪ هندستان تي نظر وجهو ته معلوم ٿيندو ته اتي به گذريل ٽيهن سالن کان سائنس جي عوامي ابلاغ کي خاص اهميت ڏني ويندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هندستان ۾ جڏهن سائنس جو ڪو معمولي منصوبو به شروع ٿيندو آهي ته ان جون خبرون سڄي دنيا ۾ پکڙجي وينديون آهن. ان منصوبي جي محرڪن کي ايتري قدر ته وڌائي ڪري دنيا اڳيان پيش ڪيو ويندو آهي ته ماڻهو ان طرف متوجه ٿيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.
    اسان جو معاملو ان جي برعڪس آهي. اسان جي سائنسي توڙي تعليمي تحقيقي ادارن ۾ پبلڪ رليشن جو شعبو يا ميڊيا ريپريزنٽيٽو ته موجود هوندا آهن پر انهن جو مقصد صرف دفتري خط ۽ ڪتابت ڪرڻ تائين محدود هوندو آهي. ايتري ۾ جيڪڏهن کين ڪڏهن (ڪنهن مجبوريءَ تحت) ابلاغي ذريعن لاءِ ڪا خبر جاري ڪرڻي پوي ته ششدر ٿيڻ جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي.
    انهن سڀني ڳالهين جو مجموعي نتيجو اهو نڪري ٿو ته اول ته اسان وٽ سائنس جو عوامي ابلاغ ٿي نه سگهندو آهي، ۽ جيڪڏهن ٿيندو به آهي ته ان ۾ غلط بياني جو خدشو تمام گهڻو هوندو آهي، ڇو ته جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسين ته خير سان اسان جا صحافي ۽ لکندڙ به نئين ايجادن کان ايترو ئي اڻ ڄاڻ آهن جيترو اسان جو عام ماڻهو.
    جڏهن اسين سائنس جي لاءِ سازگار ماحول جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اڄ سائنس جو عوامي ابلاغ به هن ماحول جو لازمي حصو بڻجي چڪو آهي. ۽ هن عمل ۾ سائنسدانن، ماهرن ۽ طالب علمن سان گڏو گڏ صحافي به برابر جو شريڪ آهي. ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته صحافيءَ کي سائنسي تحقيقن سان لاڳاپيل، بنيادي ڳالهين جي ڪا معمولي ڄاڻ به نه هجي پر هو سائنس ۽ تحقيق تي مشتمل ڪنهن اجلاس يا پريس ڪانفرنس جي ڪارروائيءَ مان خبري مواد اخذ ڪري سگهي؟ يا وري ڪنهن سرڪاري تعليمي اداري پاران ڪمپيوٽرن يا سائنسي ليبارٽرين جي سلسلي ۾ ڪيل گهپلن جي صاف نموني نشاندهي ڪري سگهي؟ اڄ هي ڪمپيوٽر جو دور آهي، اسان جو صحافي ان قابل هجي ته ڪنهن به موقعي تي پيش ايندڙ واقعي جون پنهنجي موبائيل ذريعي تصويرون ڪڍي سگهي ۽ ساڳئي وقت اهڙيون تصويرون يا مواد ترت ئي ويجهو انٽرنيٽ ڪيفي تان اي ميل ذريعي پنهنجي اداري کي موڪلي سگهي. اسان جي اخبارن کي گهرجي ته ان سلسلي ۾ هو ٽيڪنالاجيڪل اشوز کي وڌ کان وڌ جڳهه مهيا ڪن ۽ گڏو گڏ صحافين جي تربيت جي حوالي سان پڻ اهڙا مضمون شايع ڪندا رهن، کين آگاهه ڪن ته اليڪٽرانڪ جرنلزم ڇا آهي، اتي ريسرچ ڪيئن ڪبي آهي، اتان ڪيئن انگ اکر معلوم ڪبا آهن، ليپ ٽاپ ڪيترو سستو ۽ ڪيترو فائديمند آهي. اي ميل ڪيئن ٺاهبي آهي، فوٽو ڪيئن موڪلبا آهن وغيره، منهنجي خيال ۾ اهي اهڙيون شيون آهن جو اسان پنهنجي پرنٽ ميڊيا جي بقاءَ کي عوامي صطح تي وڌيڪ مظبوط ڪري سگهون ٿا.
    فهد حسين ميمڻ digitalsindh@gmail.com

  3. I am really glad to read blog in Sindhi 🙂

  4. تمام سٺو سائين ڏاڍي خوشي ثي اوهان جي تجويز پڙهي اڇو ته سڀ گڏجي ڪو اهڙو ڪم ڪريون جنهن سان اسان جي شڪايت ختم ثئي ۽ نوجوان نسل جو به فائدو ثئي


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: