قلم تازو ـــ ٻولي ۽ نوان لفظ

مارچ 8, 2007 at 8:06 pm | Posted in Autobiographical, Language, Sindhi | پنهنجو رايو ڏيو

 

چئن ڏينهنِ کان تپ چڙهيو بيٺو آ. سچ چوندا آهن ”مرض اچي گھوڙي وانگي وڃي جوُن وانگي.“ هونئن هيءَ مند به اهڙي آهي جنهن ۾ زڪامُ تپُ وڌيو وڃي. جينئين چوندا آهن، ”ڦَڳُڻُ ڦوُسارو، راتيان سيارو، ڏينهان اوُنهارو.“ ڦَڳُڻُ، سنڌيِ تپڻي موجب (جنهن تي فصلي سال ٻڌبو) ڇهون مهنو. انهيءَ مهني ۾ گرميءَ جو اچڻ شروع ٿئي. ڦوُسِرُ ، ڦوُسرَ ــ بد افعال، ڊاڙي، ٻٽاڪي، ڦوسيون ڏيندڙ.

خيرُ، سو انهن مندُ ڦرندڙ ڏينهن ۾ زڪامُ به وڌيو وڃي. پر هونئن هڪ ٻه ڏينهن زڪامُ هر سال هڪَ ڀيرو هوندو اٿمِ، پرَ هن ڀيري ڪجھه ڪمُ گھڻو هيو سو هلُ هَلان ڪندو رهيسِ ته انهي جو ڏنڊُ اڄُ ڀرڻو پيو. اُڻوِيهنِ ورهينِ ۾پهريون ڀيرو هوُندو جو تپ ڪري مان ڪِلاسُ ڪونه پاڙهڻ ويم ته ڪجھُه آرامُ ڪيان.

ڪالهوڪي نيوُيارڪ ٽائيمسِ اخبارَ ۾ ٿائي ڏيهَه جي شَهرَ بينگڪاڪَ جي هوا ۾ آلايَشَ گھٽائڻ جي اُپائَنِ جي ڪاميابيِ بابت هڪ خبرَ ۾ لکيو

Four decades ago, Thailand did not have a word for pollution — there was barely use for it in a city with far fewer cars than there are now. It was only in 1976 that the Royal Institute, the official arbiter of the Thai language, coined the word “mollapit.” It means “poison or toxins that come from impurity or dirtiness,” according to Naiyana Wara-aswapati, a senior linguist at the institute.

<http://www.nytimes.com/2007/03/06/world/asia/06thai.html>

ٿائي ڏيهَه جي آبادي اٽڪل ڇهَه ڪِروڙَ آهي. جينئين مان ڳالهه پي ڪئي ٻولي اختياريُن جي. يوروپَ کنڊ جي ننڍن توڙي وڏن ملڪن ۾ اهڙا ٻولي اختيارَ ٿيا، توڙي اهو پڻ ياد ڪجي ته يوروپَ جي گھڻنِ ڏيهنِ جي آبادي سنڌين جي آبادي کان گھڻيِ گھٽِ آهي، ۽ اُنَ مان ڪيترن جي آبادي سنڌين جي آبادي کان ڇهون ڀاڱو به ڪونهي. پرَ نه رڳو پوربَ جي ڏيهنِ پرَ ايشا کنڊَ جي اڀرندي ڏانهن وڌيڪَ ترقي ڪيلِ ڏيهن کي ڏسبو ته پڌرو ٿيندو ته اِنهنِ به پنهنجي ٻولي جو بچاءُ ڪيو آهي ۽ نوان لفظ جوڙي تنهن سان پنهنجي ٻوليءَ جي سوُنهن تَڳي آهي ۽ هر متنَ لاءِ ڪتبُ آڻڻِ کان ڪينَه ڪيٻايو آهي.

هوُنئن سنڌ ڏيهه آزاد ته ڪونهي، ڌارين انهيءَ تي بيِٺڪ ڄمائيِ آهي ۽ مٿانسُ نه رڳو راڄُ ٿا ڪنِ، پاڻ کي سنڌين کان وڌيڪ سمجھنِ. اوُئين ئي سرڪاريِ ڪاروبار، ڌنڌن، ۽ ٻين متنن تان اِنهن سنڌيءَ جو ڪتب آڻڻ گھڻو گھٽُ ڪرائي ڇڏيو آهي. اِهي طاقتون سنڌي ٻوليِ کي هرَ حال ۾ وڌڻ کان جھلينديون. ٻوليِ گيان ٻڌائن ٿا ته جنهن ٻولي جو ڪتب گھٽ ٿيندو ويندو، اِها سَوَ وڍَ کائيندي (جينئين پنهنجن لفظن بدران ڌاريا لفظ ڀرجي وڃڻ)، نيٺِ مرنديِ.

اِنهن حالتن ۾ سنڌي اديبن ۽ وگيانن کي خاص ڌيان پاڻ ڏيڻو پوندو.

خيرُ مٿين خبر پڙهندي تازو بلاگُ ياد آيو هومِ. وري چاڪُ ٿي ڪجهه ڏينهن ۾ نئون بلاگُ لِکندمِ.

 

Advertisements

راءِ ڏيو »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: