سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي تي سوچَ ويچارَ، ٽيِڪنِ جي اولِڙائي

فيبروري 24, 2007 at 10:27 pm | Posted in Education, Language, Poetry, Sindhi | 2 رايا

 

 

گھر اڳيان ڏهن ڏينهن کان بلاگ ڪونه لڳايو اٿمِ. شمپين شهرَ ۾ برف ڪجھه ڳري آهي جو ٻڙيءَ کان مٿي سيونڀاڱي درجا تپش ماپ ڏينهن جو ويندي رهي آهي پر رات جو يَخَ ڄمي جو ٻڙي کان وري تپش ماپ هيٺ ڪري.

بلاگُ شروع ڪئي مهنو ٿيو هوُندو ۽ ڪي ٽِيهاڪو ٽيِڪا ماڻهنُ هيل تائين ڇڏيا آهِن جنِ مان سنڌي ٻوليءَ بابت ڪيترا آهن. تنهن ٽيڪا ٽپِڻيءَ تي پنهنجا ڪي سوچَ ويِچارَ ٻڌايان ٿو. هوُنئن لکندڙن جو مقصد ڇا هو ۽ منهنجي سمجھَه سندن ٽيِڪنِ کي ڪينئن اولِڙايو، اهو چئي ته نه ٿو سگھجي. ڪا ڳالهه وِڻسَ لڳيوَ ته ٿورائتو ٿيندُمِ جي وڌيڪ ٽيِڪا ٽِپِڻيِ ڪندا.

ڪيترن لکندڙن منهنجي سنڌيءَ جي ساراههَ ڪئي آهي. ستيتا اِها آهي جو منهنجي سنڌي گھڻا ورهيه گھٽ ڪتب آڻڻ ڪري، ۽ سو به ٿورن مقصدن لاءِ، گھڻي ڍريِ ٿي ويئي آهي. بِلاگ لکڻ مهلَ جملي جملي تي واري واري سان لکڻ جي روانيءَ ۾ بنڌيج پوي جو سوچڻو پويمِ ته ڪهڙو لفظ يا جُزڪلامُ ڪتب آڻجي. ڪيترائي ڀيرا لغتَ ڏسڻي پوندي اٿمِ. پر اِرادو اِهو ڪيو هومِ ته سنڌيءَ جي سونهن پنهنجي اڻڄاڻپِڻي ۽ سُستيِءَ ڪري نه ڊاهيان، تنهن ڪري اڙُدوُ ۽ انگريزيءَ جا لفظ لاهي پاهي ڪونه ڪتب آڻيندو آهيان. نه رڳو لفظ پر سنڌي َ وِياڪرڻ ڏي پڻ ڌيان ڏيان ٿو جو اڙدوُءَ جو اثرُ انهيءَ سونهن کي پڻ ڊاهي ٿو.

سنڌيءَ ۾ ڪي اولائڪيِ لفظ اهڙا آهن جيڪي ڪيترنِ ماڻهنِ وِساري ڇڏيا آهن. دنيا کي آڪاس نِروار گياني سنڌين سيکاري (انهي جي ڏسَ لاءِ ڏسندا هوُسٽن واريون سلائيڊون منهنجي پراڻي بلاگ تي). هاڻي هَجوَ آميزِ ڳالهه ٿيندي جو انِهيءَ وِديا لاءِ وري ڌاريا لفظَ اَپڻائجنِ. ايئين ڌاريا لفظ ڪتب آڻڻ ٿيو نه رڳو ٻولي تِڳائِڻي پرَ اسان جي تاريخ به تِڳائِڻ جو ڪار.

ڪيترا ڀيرا سنڌيءَ ۾ ڪِنِ نوَنِ شين لاءِ لفظ يا جز ڪلامَ ڪونه جوڙيا ويا آهن. جيئين انسان جي ڄاڻ وڌندي ٿي رهي تيئين هرَ ٻوليءَ جو واڌارو لازم آهي نه ته ٻولي آهستي آهستي پنهنجي سوُنهن وڃائي پوري ٿيندي ويندي. ٻولين کي جيئرو رکڻ لاءِ اُنهن جو واڌارو درڪار آهي ته جيئن اِنهن جو لاڳاپو ڳالهه ٻولهه ۽ وديا جي هر مَتَنَ لاءِ رهي. ڪيترن ٻولينَ لاءِ اختياري اِدارا آهن جيڪي سدائين نوان لفظَ جوڙينِ يا انُهن جي استعمال کي ڪنهن شئي يا ڪمَ لاءِ ڄمائين. اهڙو ڪمُ لفظَ جي سيکيا سان لاڳاپيلَ ماهرن سان گڏجيِ ڪبو آهي. اهڙن اختيارين جي فهرست ڏسندا

http://en.wikipedia.org/wiki/List_of_language_regulators

انهيءَ پِڙَ ۾ سنڌي ٻولي اختياري به وڌي اٿمِ پر مانکي خبر ناهي ته انهي جوFrench Language Academy, Paris ڪمُ ڪينئين پيو هلي.

ڳالهه جو مقصد ته اهڙن اختيارينِ جا مثال ننڍن توڙي سنڌ جيترن وڏن ملڪن ۾ ملن. فرانسي ٻولي اختياري (فوٽون پيرسِ شهر ۾ اختياري امارت جي) جيڪا فرانس جي ڇهه ڪِروڙَ فرانسي ڳالائيندڙن لاءِ، يهودي ٻولي اختياري جيڪا اسرائيلَ جي ڇڙن اڌ ڪروڙ ِ يهودي ڳالائيندڙن لاءِ. فرانسي ٻولي اختياري بابت وڪِي وِشوَڪوشُ (وڪيپيڊيا) ٻڌائي ٿي

“As French culture has come under increasing pressure with the widespread availability of English media, the Académie has tried to prevent the anglicisation of the French language. For example, the Académie has recommended, with mixed success, that some loanwords from English (such as walkman and software) be avoided, in favor of words derived from French (baladeur and logiciel, respectively).”

http://en.wikipedia.org/wiki/Acad%C3%A9mie_fran%C3%A7aise

توڙي سرڪاري ناڻي تي هلن، اهڙيون اختيارون اڳتي ڏسندڙِ قومن ۾ ٻولي جي ماهرن جو خود مختار ميڙُ هونديون آهن ۽ حڪومت جي صلاح ردِ ڪرڻ کان ڪينَ ڪيِٻائينِ. مثال تور

 

Eiffel Tower view from Paris streetِ … in 1997, [French Prime Minister]Lionel Jospin‘s government advocated using the feminine noun “la ministre” to refer to a female minister. The [French Language] Académie, however, insisted on the traditional usage of the masculine noun, “le ministre,” for a minister of either gender. Usage of either remains controversial — the controversy arises from the fact that the Académie’s opinion is based on grammatical and linguistical considerations, whereas the feminisation usage is based on ideological considerations.”

اڳتي ماڻهون اختياري جو ڪو سِٽيَلِ لفظ ڪتب آڻين نه آڻين، اِهو ته چئي نه ٿو سگھجي. پر گھڻي ڀاڱي اهڙيون اختيارون ڪامياب ٿين ٿيون، جينئين اِهي لفظ سِڪوُلنِ ۽ يونيورسٽينِ جي ڪتابن ۾ ڪتب اچن، اخبار نويس اِنهن کي ڏسن، وغيره.

هرَ ڪا ترقي ڪيل قومَ، سنڌ کان گھڻيِ گھٽِ آبادي هجينن يا وڌيڪ، پنهنجي ٻولي يونيورسٽي جي بيچلرَ (چار ورهيه) تعليم پوري ٿيڻَ تائين هرَ سيکيا (فلسوفو، وگيان، گڻت گيان، سياسي گيان، تاريخ، انجنري، وغيره) لاءِ ڪتب آڻين ٿيون، جيتوڻڪ گھڻا ڦولاري پرچا انگريزي ۾ لکڻا ۽ پڙهڻا پون جو ڪيترن سيکيائنُ ۾ انگريزي ڦولهاري مَخزنَ مياري آهن. چڱي طرح جاچبو ته پڌرو ٿيندو ته اِهو انهن جي ترقي جو هڪُ وڏو ڪارڻ پنهنجي ٻولي کي تَڳائِڻِ آهي.

· هڪُ ته پنهنجي ٻولي ڪتب آڻڻ سان ٻارن کي سوالائي سان ڳالهه سمجھَه اچي.

· ٻيو انهي کان وڌيڪُ اِهو ته ٻارَ وافي علم کي ڌاريوسمجھيِ پنهنجي گھٽتري جو احساسُ نه سمجهنِ.

قومن جي ڪاميابي جو وڏو ڪارڻ غلامي جا خيال پاڻ کان پري رکڻ.

ڇوڙ گُمان گدائيِ والا، شَملا چا ٻَڌُ شاهي دا (سچل)

هر ڳالهه تي ڇو، ڇا ۽ ڪينئين ڪُڇڻ جي فطري عادتَ ٻارن ۾ ڌارڻ. کليل دماغ سان سوچڻ ۽ مٿو هلائڻ سان ساڃه اچي . ٻارن کي ڪنهن ماهِر، استاد يا ڪِتاب جي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌڻ سان نه پرَ غور سان انهيءَ تي سوچڻ ۽ دلائلن کي جاچڻ جي عادت پوڻ گھرجي. پنهنجي ٻولي هر ڪنهن لاءِ پنهنجو مٿو هلائڻ لاءِ سڀن ۾سٺي. هونئن هر اوهَدار جانور ۾ قدرتي سوُنجھِه سوُنجھِه رهي پَرَ جڏهن ٻارَ ڌارين ٻوليون ۾ ڪيتريون سيکيائون پڙهي ٿو ۽ اهي ڳالهيون ڌاريون سمجھي ٿو ته کيسُ پاڻ تي وِشواسُ گھٽجي ۽ شخصيتِ هيِسجي وڃي. هانگ ڪانگَ ۾ تعليم جي ماهرن هڪ اڀياسَ ۾ وگياني ماپَ ڪري اندازو لڳايو ته انگريزي بدران سُوء ڀاشا (مادري زبان) ۾ سِکارڻ سان ننڍن ٻارن کي گڻت ڳياني ٽيهه سيڪڙو وڌي توڙي هانگ ڪانگَ رياستَ جي سِڪوُلن ۾ ڀلي انگريزي پاڙهين ۽ اتان جي پڙهيل ماڻهن کي انگريزي چڱي اچي. ڌاريون ٻوليون، ڌاريا لفظ لاهي پاهي ڪتب آڻڻ بيٺڪ ڄمايل قومن جي دٻ دٻي هيٺ رهڻ، ۽ اهڙيءَ ريِتَ پنهنجي ٻوليءَ ۽ اُن سان گڏ يَگانِيت وڃائڻ جي راهَ ٿين.

هونئن سنڌي ٻولي ڪا اهڙي کُٽل ڪانهي جو هرَ شئي لاءِ اسان جا ڪيترائي ليکڪَ وڃيو انگريزيءَ ۽ اڙدوُ کان لفظ اوڌر وٺنِ. متان هوُ سوچن ٿا ته اينئين ڪرڻ سان سندن ڄاڻ جي هامَ ٿيندي!

لکڻ مهل جڏهن اهڙن شينِ ۽ ڳالهين جو ويچار اچي جنهن جي لاءِ سنڌيءَ ۾ لفظ يا جز ڪلامَ ڪونه ٻڌل آهن ته انهن شئين تي ويچار ڪندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ۽ تِن لاءِ ڪهڙو لفظ يا جز ڪلام ڪتب آڻجي.

Leinwoll, Stanley, From Spark to Satellite: A History of Radio Communicationمنهنجو مقصد ڪو هڪَ ڄڻي جي پنهنجي سنڌي ٻولي اختياري ٺاهڻ ڪونهي. پر رڳو ايترو مقصد ته پڙهندڙ کي تنهن شئي جي ڪا ٻيِٽَ پوي. مثال تور ”ايمپِليِٽوڊِ ماڊوليشن“ (اي ايم) ريڊيو ۽ ”فريڪنسي ماڊوليشن“ (ايف ايم) ريڊيو بدران ڦرڪڻو آلاپڻو ريڊو ۽ ورڪراڻي رفتار آلاپڻو ريڊو ڪري لکيو هومِ. اينئين لکڻ سان مقصد پڙهندڙ کي اها شئي ڪا ڌاري فارسي نه لڳي پرَ اُنَ شئي جو ٿورو تصوُرُ ڏياري شئي بابت سندس سوُنجھِه سوُنجھِه وڌائڻ. (ڏنل سَروُپ مان ورڪڻي فرتار آلاپڻڻ جو ڍنگ ڏيکاريل آهي. مٿيون ڦرڪڻو آواز مان رٿيل آهي جنهن کي وچين ڦرڪڻي سان جوڙي هيٺيون ڦرڪڻو سماچار ڪبو).

لکڻ کان پوءِ گھڻا ئي ڀيرا سوچندو آهيان ته ڪتب آندل لفظ کان ڪو سَکَر لفظُ ته نه هيو. ڇا ورڪراڻي رفتار آلاپڻو ريڊو بدران ورڪراڻي رفتار آلاپِ ريڊو چئجي ها. اِتي مانکي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ جي ڄاڻَ ۾ ڪوتاهيون پڌري ٿئنِ ٿيون.

وقت جي تنگي ڌيان ۾ رکندي، ستن اٺن ڪلاڪن کان گھٽ وقت ۾ هڪُ بِلاگُ پورو ڪرڻ جو اِرادو هوُندو اٿم. پنهنجي يٿا شڪتيِ سان جيڪو هن وقت اندرَ سوچي سگھندو آهيان سو لکان ٿو. اُميد ٿم ته اِهو اڳتي ٻيا اڃا سنواريندا. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن خيال ايندوٿمِ ته لکيل لفظ کان ڪو ٻيو لفظ پورو پورو بيهندو. مثال تور لکيم آوازي ايڪن. اِهو ٻولي گيانن جو ٽيڪنيِڪيِ جز ڪلام ڪنهن ٻوليءَ ڳالهائڻ جي ننڍي ۾ ننڍي آوازيِ ڀاڱي لاءِ ڪتبُ اچي. ٻين ٻين ٻولين ۾ اهڙا ايڪنَ ٻيا ٻيا هوُندا آهن. مثالَ تور انگريزي ۾ پ ۽ ڦ ڌار آوازي ايڪنَ ناهن. ’پي‘ اکر جو اُچار سنڌي پ کان وڌيڪ ڦ سان ملي تنهن ڪري جڏهن سنڌي ڳالهائيندڙَ هتي آمريڪا ۾ ”پي“ چون ته ماڻهون وري گھڻوتر ”بيِ“ٻڌنِن!

خيرُ، سو ڳالهَه پي ڪيمِ. انهي ٽيڪنيڪي لفظ کي ”فونيم“ بدران آوازي ايڪن لکڻ سان مطلب وڌيڪ پڌرو ٿيو. پرَ ڇا اِهو لفظ پورو پورو آهي؟ آوازُ وڻَ ڪِرڻ، ته هوا ۾ شاخ لڏڻ جو به ٿئي، ۽ انسانَ جي ڳالهائڻَ جو پڻ. جڏهن ٻولي گيان بدران مادي گيان ”فزڪس“ جيِ شاخَ آوازي گيان جي متن جي ڳالهه ڪبي ته اهو لفظ ڪنهن ٻيءَ معنا سان ڪتب اچي ٿو سگھي. تنهن ڪري ٿي ٿو سگھي ته ”واڻيِ ايڪن“ يا ”آلائو ايڪن“ ڪتب آڻجي ها.

پرَ اها ڳالهه به پڌري ته اهڙن ٽيڪنيڪيِ لفظن لاءِ ضروري آهي ته ڪو لفظ ٻڌجي ۽ هرَ هنڌ ساڳيو ڪتب اچي. اينئين ڪرڻ سان ئي وگياني تعليم ۽ ڦولا لاءِ سنڌي ڪتب آڻي سگھجي ٿي.

سنڌي اخبارون

اديِ ياسمين صلاح ڏني ته بلاگ ۾ جيڪو ڪجھه لکان سو ڪنهن سنڌي اخبار ۾ ڇاپاريان ته جينئين وڌيڪ ماڻهوڻ پڙهي سگھن. هوُنئن سنڌي اخبار ۾ ڇپڻ جو فائدو اهو به ٿيندو جو منهنجي سنڌي جهڙي تهڙي هوندي به انهن اخبارن ۾ ڪجھه سنڌي وڌيڪَ ڪتب ايندي. الائجي سنڌي اخبارُن ۾ ڪهڙي جڏي ٻولي ۾ ٿا لکن. هزار انگريزي اڙدوُ جا لفظ ڀريل. وري ويارڪرڻ به ڌاري. ”پليجو لاڙڪاڻو ويو.“ سائين پليجي کي ڌڻيِ وڏي حياتي ڏي، پَرَ لاڙڪاڻو ڪاڏي ويو؟ متان چوڻ جو مقصد هجينِ ته هاڻ لاڙڪاڻو به ويو؟ اڳي ئيِ سڀن کي خبرَ آهي ته سنڌينِ هٿان ڪراچي ته ويئي، هاڻِ لاڙڪاڻو به؟ اڳتي پڙهي پِروڙَ پوي ته سائين پليجو لاڙڪاڻي ڏانهن ويو آهي … تيسين ته هيان ساڙي وجھن! ٺهيو مسخري پنهنجي جاءِ، مانکي اخبار وارن سان ڪو اهڙو رابطو ڪونهي، جي ڪجھه ڇاپڻ چاهين ته اکين تي.

ليارَ ۽ پيروُن

منهنجي بلاگ مٿان هِڪُ فوٽوُن سِنڌوُ ٻُلهڻَ جو آهي جو اهڙو يگانو ٻلهڻ (انگريزيءَ ۾ ڊالفِنِ) جو قسم آهي جو سمنڊَ بدران نديءَ جو رهاڪوُ ٿئي. سنڌ ۾ قسمين قسمين يگانا جانورَ، ميوا، ترڪاريوُن، ٻوُٽا، گُلَ، وڻَ ٽِڻَ آهن جيڪي ٻي هندُ ڪاٿي نه مِلن. ڪيترَنِ جا نالا ته پري پر انهنِ جي ڪيترن سنڌين کي ڄاڻَ ئيِ ڪانهي. مان به اهڙن نِراس سنڌين مان آهيان جو جواني ۾ ڏيهه کان پري رهڻ ٿي ويو ۽ ٻين ٻين هَندن جون سنڌي شيون پسڻ نه نصيب ٿيون.

لِيارَ ۽ پيروُن اهڙن ٻن ميون جا قسم آهن جي مان نٿو ڀانيان ته مان ڪڏهن چشڪيا هوندا. ڪنهن شاعرَ، جنهن جو تخلصُ ”ميرُ“ آهي، پنهنجي ڪافيِ ۾ لکيو، ”جتي ليارَ، پيروُن پٽن تي پچن ٿا.“ مان محمدَ يوسفَ کي اِها ڪافيِ ڳائيندي ڪسيٽَ ٻڌي پر ليارَ ۽ پيروُن ڪونه سڃاتمِ. ڪنهن کان پڃيم ته اهي وري ڇا ٿيندا آهن ته چيائين ڪي ليار جا ٻيرَ هوندا ! ڪنهن ٻي لهجي ۾ ڳاتو اٿئين.“ مان به سوچيو سو هوُندو ايِئين. سائين امين خاشخيليِءَ اها چُڪَ دُرست پنهنجي ٽيڪا ٽپڻي ڪندي ڪئي. پوءِ مشهور حيدرآبادي سنڌي ليکڪ پوپٽيِ هيراننداڻي جي ڪتابَ ۾ ڏٺم ته هوءَ پڻ ليار ۽ پيروُن پئي ياد ڪري. الائي ايهي کائڻ ڪڏهن نصيبن ۾ هونديون، حالي رڳو حِرص ئي رهندي.

سُڌ سماءُ

هڪ هنڌ لفظ سماچار ڪتب آندو هومِ. مان واري يونيورسٽيءَ ۾ سماچار جو ودياليه آهي جنهن ۾ اخبار نويسي، ٽي ويِ، اِشتهارَ، وغيره جي سِکيا ملي ۽ تن متَنَنِ تي اڀياس ۽ ڦولها ٿي. ادي ڊاڪٽرَ نظيرَ انصاريءَ پڇيو ته اهو ڇا سنسڪرت جو لفظ آهي. هونئن سنسڪرت جن پراڪرَتن مان ٺهي تِن ۾ اولائڪي سنڌي به هڪَ ڀاشا هئي. نه رڳو ٻنهيِ جون جڙوُن ساڳيون، پر ٻوليدان مڃندا آهن ته سنڌي وياڪرڻ جي ڍنگَ جي سنسڪرت سان هِندَ جي ننڍي کنڊ جي هرَ ٻوليءَ کان وڌيڪ هڪجھڙائي آهي. هوُنئن سماءُ لفظ سنڌيءَ ۾ عام آهي. سائين سچلُ چي

تون آءُ ڙي قاصد آءُ، ميان،
ڪا خبر ڏيھؤن کِيئن جيِ! ـ

پرين سندي پار جو، ڪو لھي اَڄ سماءُ، ميان.
منھنجو ٿئي ھِت ڪينڪي، ٻاجھؤن ھوت ھلاءُ، ميان.
ملڻ ٻاجھون دوست جي، ڪندو وَرَھهَ وڌاءُ، ميان.
“سچو” سمجھين ڪينڪي، اھو اَٿئي ڪو لقاءُ، ميان.

.

(لَقاءُ معنا ديِدارُ؛ کِيئنِ معنا خوشيِ؛ هَلاءُ معنا سودو، وڪرو، واپارُ؛ وَرَهَه معنا ورڇ، ونڊ، ڦانڊ، ورهاست ).

وري جڏهن هِن اوطاق تي ويراڳيِ لقاءَ ٿئي.

Advertisements

2 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. اسلام عليڪم سائين

    • ڀلي لکت پڙهي روح ٺري پيو


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: