آمريڪا جون مُکي ڦولهاري (ريسرچ) يونيورسٽيون

فيبروري 8, 2007 at 11:32 pm | Posted in Education | 2 رايا

قلم تازو ـــ هن بِلاگَ ۾ ڪتب آندل ڪِن نئونِ ۽ پُراڻنِ لفظن جي معنا ڏسڻ لاءِ هت ڪلڪ ڪندا

جيئين مان اڳي ڳالهه پي ڪئي ته آمريڪا ۾ لڳ ڀڳه 2،400 چار ورهيه ڪاليج آهن. انهن مان 230 ڦولهاري (ڦولها، يعني ريِسرچَ، ڪندڙَ) يونيورسٽيون آهن ۽ 40 کن خانگيِ ڪاليج اُچا مياري ليکجنِ. هنن 40 ڪاليجن ۾ داخلا ڏکي هوندي آهي، وري وديارٿي (شاگردَ) گھٽ ۽ لاڳُ (فيءُ) وڏو هوندو آهي. ساليانو خرچو سٺن خانگي چار ورهيه ڪاليجن توڙي خاتگي يونيورسٽين ۾ هاڻ اَٽڪلَ 50،000 آمريڪي ڊالر ٿئي، جنهن مان 36،000 پڙهائي لاڳُ (ٽوُشنِ فيِ) پوي. سرڪاري يونيورسٽين ۾ پڙهائيِ لاڳُ انهي جو اڌ يا گھٽ هوُندو آهي. هوُنئن هرڪو ڪاليجُ يا يونيورسٽي پنهنجي لاڳُ پاڻ ٻڌن. پر ٻنهي قسمن جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾، وظيفا، گھٽ وياجي قرضا ۽ ڪي ڪجھ وقتي نوڪريوُن هونديون آهن. انهي لاءِ نه رڳو حڪومتي پَرَ ڪاليجن جا پنهنجا وسيلا پڻ هجن. مياري خانگي چار وريهه ڪاليجن بابت مان وري ڪڏهن لکندم. اهي ڪاليجَ پي ايچ ڊي ڊگري ڪونه ڏين ۽ ٻيون پروفيشنل يا ماسٽرز ڊگريون به نه.

230 ڦولهاري (ريسرچ ڪندڙ) يونيورسٽين مان 150 کن صوبن جون حڪومتون هلائنِ ۽ باقيِ خانگي آهن. سرڪاري يونيورٽين ۾ وديارٿي گھڻا هوندا آهن ۽ خانگي يونيورٽين ۾ گھٽ. سرڪاري يونيورسٽيون جي ضميوار جمات (بورڊ آف ٽرسٽيس) ڪٿي عام چونڊن سان چونڊجي، ڪٿي گورنرَ مقرر ڪن. خانگي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا پنهنجا ذميدار جمات آهن جيڪي پنهنجا قائدا ٺاهين. ڪٿي اهي ذميدار جمات اڳين ودريارتن جي چونڊن سان اچن پرَ ڪي ودياله وري ڌرمي اِدارا هلائن. اهي خانگي ڪاليجَ ۽ يوُنيورسٽيون پڻ بنا وَٽاءُ (منافي) جي اصول تي هلنديون آهن. ڇو جو آمريڪا جو آئين (بنيادي قانون) سرڪاري ‘لا ڪوُفيتَ‘ (سِڪيولرزم يا بي دينيتَ) جي اصول تي ٻڌل آهي، تنهنڪري سرڪاري وديالن ۾ ڪنهن ڌرمي تعليم لاءِ سرڪار پيسا نه ٿي ڏيئي سگھي.

هر صوبي ۾ هڪ مکيِ ڦولهاريِ يونيورسٽي هوندي آهي. ڪڏهن ساڳي يونيورسٽي جون هڪ کان وڌيڪ شاخون هونديون آهن ۽ انهن شاخن جو ميار هڪ ٻي کان ٻيو هجي. انهيءَ 150 ڳڻتَ ۾ ساڳي يونيورسٽي جي ٻين ٻين شاخن کي جدا جدا ڪري ڳڻيو ويو آهي. پي ايچ ڊي جي ڊگري رڳو ڦولهاري يونيِورسٽيون ڏينديون آهن. انهن 230 يونيورسٽين مان ڪي 30 کن ٽِڙيءَ جون يونيورٽيون ليکبيون جن مان ڪي سرڪاري ۽ ڪي خانگي آهن. هِنَ بلاگَ ۾ مان پنهنجي يوُنيورسٽي بابت ٻڌائيندمُ. ايندڙ بلاگ ۾ اهڙين يونيورسٽين ۾ پروفيسر ڇا ڪندا آهن، اڀياس جو مقصد ۽ وايا منڊل ڇاهي، ۽ هلائڻ جو انتظم ڪهڙو آهي، انهن ڳالهين بابت لکند۾.

ِEngineering

مان پروفيسر آهيان ”يونيورسٽي اِلينائي جي اَربانا شيمپينَ ۾“، جنهن کي يوُآئي يُوسِي ڪري گھٽائي لکندا آهن. اها اليناءِ جي مُکيه يونيورسٽي آهي (انگريزي ۾ ”فليگ شِپُ“ جيڪو اَمير البحر جي جھنڊيدار جهاز تان جُزِ ڪلامُ خاص مان عام ٿي هَرَ جھُنڊَ، ٽولي، ميڙَ جي اُتاهون شئي لاءِ ڪتب اچي). . هونئن صوبي ۾ درجن کن سرڪاري يونيورسٽيون آهن ۽ چار اِنهن مان ڪنهن حد تائين ڦولها پِڻ ثئي ٿيِ. اِلينائي صوبي جي آبادي اٽڪل سوا ڪِروڙَ (12,419,293) بيهي. معنا ته سنڌ ۾ اهڙيون ٽي چار يونيورسٽيون هجڻ کپن.

اَربانا شيمپينَ ٻه جاڙا شهر آهن جن جي گڏيلَ آبادي هڪُ لکَ آهي، جنهن مان ودريارتين جو انگُ 43,000 ٿئي. تِنِ مان 30،000 بيچلر جي ڊگري لاءِ اڀياس ڪن پيا، ته ٻيا پروفيشنل ڊگرينِ، يا ماسٽرزِ ۽ پي ايچ ڊيِ لاءِ. يونيورسٽيءَ ۾ اٽڪل ٻه هزارَ پروفيسرَ کان ٿوڙا گھٽُ آهن (پروفيسر ٿيڻ لاءِ پي ايچ ڊي لازم هجي. يونيورسٽيءَ ۾ ٻيا هزار کن پي ايچ ڊي پڻ پارهڻ يا ڦولها جي ڪم ۾).

اها يونيورسٽي 1867 ۾ شروع ٿي. انهي اندر سورهان ڪاليجَ يا اهڙا ايڪن گڏيل آهن، جنهن ۾ آبادگاريِ، سماچار (”ڪميونيڪيشن“)، طِبَ، ڌنڌي، هَوابازيِ (”ايوِيئشن“)، وڪالت، فن (آرٽس) ۽ اڏاوَتَ (آرڪيِٽيڪچر)، مزوري ۽ ڪارخاني جا رِشتا، پُستڪ آليهَ (ڪتب خانن)، سماجي ڪمَ، جانورن لاءِ طب، موصيقي، شهر رٿابندي ۽ انجنيري جا ودياله آهن. انهن سڀن کان وڏو ڀاڱو ”وافي فن ۽ وگيان“ جو ڪاليج آهي جنهن ۾ آتم گيان، انگريزي ۽ ٻين ٻين ٻولين جا عالم، اخبار نويس (صحافت)، ٻولي گيان، علم ڪيميا، ڳڻت گيان، ۽ ٻيا گھڻيئي سِکِيائون اڀياس لاءِ آهن.

يونيورسٽي جو ساليانو تخمينو (بجيٽُ) اٽڪل ڏيڍُ بلين (1,430,000,000) آمريڪي ڊالر آهي. هيل تائين اٽڪل هڪ لکُ چاليهَه هزار هتان ڊگريون وٺي ويا آهن. يونيورسٽيءَ جي مُکي جاءِ 1368 ايڪڙنِ (ڇههَ چورس ڪلاميٽرنِ) جي ايراضي ۾ پکيڙيل آهي جنهن ۾ 272 عِمراتون آهن. هر عمارت ٽن کان پنجن ڇهن ماڙين جي آهي جنهن آفيسون، تجربي خانا (ليبارٽيون)، ڪلاسون ڪڏهن سوَ ٻن کان مٿي ۽ ڪڏهن گھڻو گھٽُ.. مُکي ماڳَ (”مينِ ڪيمپسِ) کان ٻاهر يونيورسٽي وٽ ويهه چورس ڪِلاميٽر (اٽڪل پنج هزار ايڪڙَ) جائيداد آهي جنهن ۾ ٻنيون، ٻيلا، ۽ ٻه سوَ نوي ٻيون عمارتون آهن. اِنهن ٻيلن ۽ ٻنين ۾ ڦولها به ٿئي ۽ وديارتن توڙي عام ماڻهن کي پنڌَ، وندر ۽ سِکڻ جا موقعا ڏجن ٿا. uiuc-allerton-park-entrance.jpg

يونيورسٽيءَ ۾ ٽي ريڊي جا ٽيشڻَ (هڪُ نمونو جنهن کي ”وچون ڦرڪڻو“ يا ”ميڊيم ويوهُه“ ريڊو ڪوٺيندا آهن، ۽ هتي آمريڪا ۾ ڦرڪڻي قَدُ آلاپڻو يا اي ايم ”ايمپليِتوُڊ ماڊيوُليشنِ“ ريڊنِ لاءِ. ٻه ڦَرڪڻي وراڪي رفتارَ آلاپڻو يا ايف ايم ”فريِڪونسِيِ ماڊيوليشن“ وارن ريڊن لاءِ ) آهن. انهن مان ٻه يونيورسٽي هلائي ۽ هڪ وديارٿي پاڻ هلائن. وديارٿي روزانو اخبار پڻ ڪڍندا آهن. يونيورسٽي هڪ ٽيِ وِي ٽشڻُ پڻ هلائي. انهن سڀن ۾ ڪي ڌنڌي وارن جا اِشتهاري اعلان نه ڏيندا آهن. يونيورسٽيءَ جو پنهنجو هوائي اَڏو پڻ آهي جنهن ۾ ويهه کان مٿي عام جهاز روزانو اچ وڃ ڪن. ويِتر ٻيا خانگي جهاز به اچن ۽ وڃن. شوقينن لاءِ هوائي جهاز انجمن (ڪِلَبُ) به آهي جنهن مان ٻه چار سواري کڻندڙَ ننڍا جهاز مسواڙ تي ميمبر وٺي سگھن ٿا. منهنجو نگھباني هيٺ هڪ پي ايچ ڊي ڪندڙ شاگردَ اُڏامڻ جو شوقين هوندو هو ۽ هر هفتي جهازگزاري (پائيليٽ) سبق وٺڻَ اُڏامڻ ويندو هو. هاڻ ٻي هنڌ پروفيسر آهي ۽ مان جڏهن اُتي هڪ وارَ ليڪچرَ ڏيڻ وَيُم ته ان کان پوءِ ننڍي جهاز ۾ پاڻ جهازگزاري ڪيون ٻي شهر پڄائڻَ هليو.

يونيورسٽي ۾ چار ناٽڪ گھر هڪ اڏاوت ۾ آهن جنهن ۾ هڪ وقت چار هزار جڻا ساڳي وقت موصيقي، ناٽڪَ، ۽ بيا تماشا ڏسِي سگھن ٿا. انهن ماڳن تي سال ۾ 350 تماشا ٿين … ڪي هتان جي وديارٿين جا، ڪي سڄي جڳ جو ڪلاڪارن، ناچ، ناٽڪ وغيرا جي ٽولن جا. موصيقي ودياليه وٽ ٻه بيا به هال آهن. هڪڙو ٻيو هال ساڍا سترهان سوَن لاءِ آهي جنهن ۾ مقالا، تقريرون ۽ راگ مالا فنڪشن ٿين. وڏي ۾ وڏو هال سترهن هزارن کان مٿي ڄڻن کي ويهڻ جي جاءِ ڏي. اِنهي هال ۾ ڊگريون ورهائڻ جي رسم (ڪِريا ڪرمُ) ٿئي.

ازانسواءِ راندين ۽ ورزش لاءِ اڏاوتون آهن جن ۾ چار ترڻ لاءِ وڏا دُٻا ۽ اندر ڊڪڻ جا ميدان شامل آهن (اِتي سياري جا ڪي مهنا برفَ پئي). ليبرري ۾ هڪ ڪِروڙَ 10،000،000 کان مٿي جلد آهن ۽ ڪُلُ 24،000،000 ايڪنَ (جرنلَ، ڪتاب، فلمون، نقشا، هٿ لکيل دستاويز آهن. هيءَ ليبرري آمريڪا جي پنجن وڏي ۾ وڏين ليبررين مان هڪ آهي. يونيورسٽي ۾ مصوِري، ۽ دنيا جي سڀيتا جا ميوزيمَ آهن. ليبرريءَ جون گھڻيون عِمراتون آهن جن مان مکي جو فوٽون ساڄي هٿ تي ڏسندا.

يونيورسٽي ۾ وديارٿين جون هڪَ هزار کن تنظيمون آهن، ڪي سماجي ڀلائي لاءِ، ڪي نديون، ٻيلا، جانورَ، ڌرتي بچاوَ لاءِ، ڪي سياسي يا ٻين عقيدن جي پکيڙ لاءِ، ڪي راندين لاءِ، ڪي ناچ ملي ڪرڻ لاءِ، ڪي ڪنهن ڏيهه جي سڀيتا کي پکيرڻ لاءِ، وغيره. اهي تنظيمون يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن ۽ انتظاميه جي دخلَ بنا وديارٿي حڪومت جي هيٺ هلن پر انهن جو وصولي تخمينو (بجيٽ) فيِئُن مان ڪنهن هند تائين اچي ۽ ڪن جا دفتر پڻ يونيورسٽي ڏي. وديارٿي حڪومت جي جوابداري آهي پيسا ۽ دفتر ورهائڻ ۽ انهي ڪم لاءِ اها وديارٿين جي عام چونڊن ۾ کٽندڙ حڪومت پنهنجي رِٿ پَههُ پاڻ ڪري. گُھر ڪري پروفيسرن کان ڪڏهن هدايت وٺن نه ته پاڻ هلائين ـ ساڄي پاسي فوٽوُن وديارٿي ميلاپ عِمارت جو آهي جنهن ۾ وديارٿي تنظيمن جون آفيِسوُن آهن

پَرَ هِنن تنظيمن تي ميار لاڳوُ آهي ته هر ڪنهن وديارٿي کي ميمبر بنجڻ جي ڇوٽ هُجي جيڪر هن ڪي ميمبر ٺهڻ لاءِ اهو کپندڙ هُنر آهي جيڪو تنظيم جي قائدي ۾ لکيل آهي. ڪنهن به حالت ۾ ڪنهن وديارٿي کي سندس ڌرم، رنگ، جِنسِ، جهڙين ڳالهين ڪري روڪ نٿي وجھي سگھجي. اهڙا ٻيا اصول، هلت جي دستورِ عَملَ قائدن (”ڪوڊ آف ڪانڊَڪٽِ“) ۾ لکيل آهن. هلت جي قائدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙنِ تي انتظامي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ڪي ڪاميٽيون ۽ آفيسر آهن. انهن جي فيصلن جي پڇاڙي اپيلِ پروفيسرن ۽ وديارٿين جي سڀا جي هڪ ڪاميٽي ٻُڌندي آهي (جنهن جو چوٿون ڀاڱو وديارتن جو). انهيءَ ڪاميٽي تي هيلَ مان به ويهندو آهيان.

 

اهڙو نظام هِن سماج ۾ جاٿي ڪاٿي ڏسڻ ايندو. خود مختاري، قائدا، چونڊون، دستور عمل قائدا، درخواست جون ڪاميٽيون، لکَ پڙه جا ميار، سڀا ۾ بحث. ماڻهن جي به هَلُ هَلان سدائين لڳي پئي هوُندي آهي پرَ ميڙ ٺاهي، راين جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ جمهوُري ميارن تي هلي پاڻ کي ترتيب ڏيئي کَڙوڪ ڪرڻ جي عادت جوانيءَ ۾ ڏياري انهي بي تابي کي سيِرَ تي لاهڻ جي سکيا يونيورٽين ۾ ڪلاسن کان ٻاهر اهڙن ڪمن سان ملي.

 

مکيه يونيورٽين جو ڪَمُ هوشيار وديارٿين کي چيدا ماڻهوُ ٺاهڻ جيڪي سڀاڻي جڳ جي رهبري ڪنِ. آمريڪا اُتاهون تعليم تي مُلڪَ جي سموري پيداوار جو اٽڪل چاليهون ڀاڱو خرچ ڪري ٿي. توڙي اهو فوجي خرچ جي مُني ڀاڱي کان ٿوڙو لاٺيِرو آهي، آمريڪا جي وڏي ترقي ۽ طاقت جو ڪارڻ اُتاهون تعليمي نظام آهي. (بنيادي تعليم تي اُتاهون تعليم کان ٻيڻ مٿي خرچو آهي.. ٻئي ملائي فوجي خرچن جو ٻيڻ مٿي ٿي. تعليم کان ٻيڻ وري بيمارن جي علاج تي خرچُ ٿين).

 

خيرُ هاڻي هيءُ بلاگُ چڱو ڊگھو ٿيو، وري ڪنهن مهَلَ وديارٿين جي رهڻي ڪرڻي ۽ پروفيسري جي ڪم تي لکندم. (مٿيان سڀِ فوٽُون اِلانائي يونيورسٽي جا آهن

http://uiuc.edu/overview/explore/

 

Advertisements

2 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. very good effort but i think you try writing in a widely circulated sindhi news paper so every body even not having excess to internet can reach and take information from this, the main point of your efforts would be, i suppose, to provide information where it is needed. i appreciate this work with above advice.

  2. superb! 🙂

    Agha sahab, this blog is really informative!
    I’m a fresh engineering graduate, planning for my higher studies abroad most probably in computer engineering or I.T,

    I would really appereciate if u can provide information regarding the admission in U.S Universities.

    well done once agaiN! for this wonderfull effort. 🙂


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: