ظ ظالم، ز زالَ ته پوءِ ذ ڇا لاءِ

فيبروري 3, 2007 at 9:33 pm | Posted in Language, Sindhi | 5 رايا

chinese.jpg لِپيوُن (تختيون) ٻولين وانگر رڳو ڪنهن وديا يان رٿ موجب اصولن سان نه پر انساني تخليق سان ٺهيون آهن ۽ تاريخ جي حادثن جون شڪار آهن. انگريزي جي هجي انهي ڪري ڏاڍي ڏکي ليکبي آهي. ڪم ايندڙ اڄ لپيون ٻن قسمن جون آهن. هڪ اُچارن تي ٻڌل (آوازي ايڪن يا ’فونيم‘) لپيِ ۽ ٻي لفطن جي خيالي مورت هڪ شڪلي حرف (’ڪيريڪٽر‘) سان ڪندڙ لپيِ. لڳ ڀڳه سڀ ٻوليون اُچارن تي ٻڌلَ لپي ڪتب آڻن ٿيون پر چيني ۽ اولائِڪي ڪورين لپيوُن لفظي موُرتين تي ٻڌل آهن. جاپاني ٻنهي نمونن کي ٻڌي پنهنجي لپي جوڙي آهي ڇو جو سنڌي وانگر لفظن جي پڇاڙيءَ جو آوازُ انهيءَ ٻولي ۾ وڏي معنا رکي ٿو. چيني لپي، جنهن مان اهي سڀ لفظي حُرفَ لپيون نڪتيون، انهي ڪري ٺاهي ويئي جينئن شهنشاهه جا فرمانَ ٻيون ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙَ سمجھي سگھن. اهڙين ٻولين پڙهندڙن لاءِ ڏکيائي وڏي اها آهي ته سمجھڻ لاءِ هزراين حرف ياد ڪرڻا پون. وري جڏهين نئون لفظ ڏسجي ته خبر ئي نه هجي ته انهي جو اُچار ڇاهي، ۽ نوَن لفظن جوڙڻ يا ٻين ٻولين مان اوڌر وٺڻ جي گھرج سدائين رهي.

اُچارن تي جوڙيل لپيون حُرفن کي انهي ٻوليءَ ۾ موجود آوازي ايڪن تي سِٽين ٿيون. اهو ضروري ناهي ته هڪ حرف هڪ آوازي ايڪي لاءِ ڪتب آندل هجي. گھڻائي ڀيرا ٻه ٽي حرف ملائي هڪَ آوازي ايڪي لائي بيهن، مثال ’th‘. اينئين ڪرڻ سان ٿورڙن اکرن سان گھڻا آواز جوڙي سگھجن. اڄ جيڪي به آوازي اکرن جون لپيون ڪتب اچن تن جي ابتدا فونيِشي اکرن سان ٻوليدان ٻڌائين ٿا. (رنگ مٽيل لفظ تي ڪِلِڪِ ڪندا ته انهيءَ لپيءَ جي اکرن جا روپَ ڏسي سگھندا). فونيشي اڄوڪي لبنان ملڪ ۾ رهندڙ هئا ۽ اتان اها لپي مصر ۽ ٻين هندن ويئي.

اکرن جي جوڙ سان آوازن مان لفظ سِٽڻ جي رٿ باقائدي ٿي سگھي ٿي پر ٻولين ۾ تاريخي سببن ڪري ڪيترن ئي لفظن جي هجي جيِ نياري حالتَ آ. اها نياري حالت گھڻوڪري انهي ڪري ٿيِ ٿي جو مليل جليل لپيون ڪتب آڻندر ٻولين مان ايندڙ لفظن جي هجي کي بچايو ويو آهي. ٻين ٻين ٻولين جا آواز ٻيا ۽ اکرن کي آوازي ايڪن سان ملائڻ جي رٿ ڪيتري قدر ڌار ٿئي. انهيءَ طرح  چار هزار عام جام ڪم ايندڙ انگريزي لفظَ انگريزي لپيءَ جي اصولن کي ٽوڙي اکرن سان نياري آوازوُن ڳنڍن. انهيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اِهو آهي ته انگريزي لفظن جي جَڙَ ٻين ٻين ٻولين مان آئيِ. توڙي انگريزي جرمانڪ ٻولي آهي، انگريزيءَ ۾ اڌ  لفظ پراڻي فرينچ مان آهن ڇو جو يارهين کان تيرهين صدي اُتان جي ماڻهن برتانيا تي فرانسي ٻولي ڳالهيندڙن راڄُ ڪيو (انهيءَ کي تاريخ ۾ نارمن قبضو ڪوٺيندا آهن).  ٻولي گياني اصول آهي ته راڄ ڪندڙن جي ٻولي جو مقامي ماڻهن جي ٻولي تي وڏو اصر پوندو آهي.

جارجِ بَرِنارڊُ شا  ويهين صدي ۾ وڏي ۾ وڏو انگريزي ليڪک مڃيو وڃي (شيڪسپيئر ۽ سندس صوفياڻا رنگُ پنهنجي جاءِ تي منڃبو پر برنارڊ شاءُ مانکي جديد انگريزي ليڪَکن ۾ سڀن کان وڻندڙ ليڪکُ لڳي). مزي جي ڳالهه آهي ته برنارڊ شاه انگريزي هجي مان ايترو ته ڪڪُ هيو جو ڪتب آڻڻ ئي ڇڏي ڏنائين. انهي بجاءِ هو لپي باقائيدي آوازي رٿ جڙيل ڪتب آڻيندو هو. هن پاڻ پهنجي هڪَ مشهور انگريزي ڊرامي ”اينڊروڪلس ۽ شينهن“ جا ڊائيلاگ هن ريتَ لکيا (جيڪي ٻين عام انگريزي لپيءَ ۾ ڦرائي ڇاپيا)

شاءَ پنهجي سموري جائداد حق تصنيف لاءِ مَٽو سڀُ انگريزي هجيءَ کي سڌارڻ جي ڪم جي وصيحت ڪري ڇڏي ويو. انگريزي لفظن جا اُچار ڪٿي، هجي ڪٿي. ڪڏهن ’a ‘ مان آ ڪڏهن، ڪڏهن اي ڪڏهن، ته ڪڏهن وات مروڙي اي جيڪا سنڌي ۾ ڪانهي پر هنديءَ اڙدوُ ۾ ٿئي. وري ڪڏهن اِي مان او نڪري، ڪڏهن اِيِ، ڪڏهن اِ، ڪڏهن اي. هڪ سوسائيٽيءَ هجي سڌارڻ جي مُهم کنئين آهي.

http://www.spellingsociety.org/aboutsss/aims.php

جرمن، اٽالين ۽ ٻيون ڪيئي ٻوليون انگريزي وانگر رومن لپي ڪتب آڻنديون آهن پر انهن ۾ هجي سولي آهي ۽ سڌي سنئين آهي.

سنڌي ٻولي عربي لپي جي روپ ۾ انگريزن قائم ڪرائي ۽ سرڪاري ڪاروبارَ ڪتب آڻائي ڪتب آڻڻ جو هڪُ روپ ڪرائي ڇڏيو. سنڌي آوازن لاءِ ڪيترائي نوان اکر ٺاهڻا پيا. انهن لفظن کي ٺاهڻ ۾ ڍانچو سهي رکڻ لاءِ سنڌي عالمن جي ڪاميٽي هئي جنهن جا نالا هاڻي مانکي ياد ناهن. ايترو ياد اچيم ته انهي ڪاميٽيءَ ۾ اڌ مسلمان نالا هيا ۽ اڌ هندن جا. پر نقشو ساڳيو رکڻ ممڪن نه هيو. مثال ته ٻ، ڄ، ڳ ۾ ٻه نڪتا پر ڏ ۾ ٽي نڪتا بيٺا جيتوڻڪ اُچاري تور اهي چارئي هوا (اندر) ڇڪڻا (implosive) آوازي ايڪنَ آهن. و بند آوازي وَ، وِ، ۽ وُ ته کليل آوازي او ۽ 1وُ به.

سنڌي لاءِ عربي لپي ڪتب آڻڻ سان وڏو مسئلو اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته کليل آوازي اکر (’واوِلَ‘) جو نظام پڪو ناهي. انهيءَ جو ڪارڻ آهي ته عربي، يهوُدي (هِبروُ)، اوالائڪي فونيشيِ وانگر ’ابجد‘ لپِي (کليل آوازي ايڪنَ نه لکندڙ) ڪري لکي ويئي. گھڻا ماڻهون هيل به اهم زيرون زبرون کايو وڃن جنهن سان ڪنهن مهل معنا سمجھڻ ڏکي ٿي، ۽ ڪٿي اڙدوُءَ جو اثر وڌائي اُچارَ ئي ڦرندا پيا وڃن. جي پهريون وار لفظ ڀوت ڏسجي، ته سُڌ ئي ڪانه پوي ته 45 ڍنگنِ مان ڪهڙو اُچار اَٿسِ (ڀ، و، ت تي زير، زبر، پيش يا وري ’و‘ جا ٻه کليل آوازي ايڪنَ؟) لپين جي ڪوتاهي بابت وڪيپيڊيا ۾ چڱو مضموُن ڏنل آهي جنهن مان ڄاڻ ملي ٿي اسلام جي پهرين صدين ۾ عربي لپيءَ ۾ بند آوازي ايڪنِ (’ڪانسوننٽن‘) لاءِ پڻ پورا اکر ڪونَ هيا.

اِهي ڳالهيون ڇڏي اها پڻ ڏکيائي آهي جو اُچارَ ڄاڻيندي به سنڌي ۾ ڪيترن ئي لفطن جي هجي انگريزي وانگر ياد ڪررڻي ٿي پئي جو ساڳي آواز لاءِ گھڻا ئي اکر ٿي پيا آهن. مثال ته هڪ ز اُچار ته چار’ز‘ لکڻ جا نمونا (ز، ذ، ظ، ض)، ٽي سينَ (س، ث، ص). پهريون وار ڪو لفظ ز واري آواز سان ٻُڌجي ٿو ته لغت ۾ چئن هَندن تي وڃي ڏسجي. جنهن ٻوليءَ مان اهي سنڌي اُچارن لاءِ اجايا اکر اچن ٿا اُنهيءَ ٻوليءَ ۾ انهن اکرن جا اُچارَ ٻيا ٻيا ٿين پر اسان جي ڳالهائڻ ۾ ڪو فرَقُ ڪونه وجھن. ڪي ماڻهوڻ ڌرمي سببن ڪري لپيءَ کي سادو بڻائڻ رد ڪن ٿا جو نالن جي هجي ۾ متان ڦير اچي وڃي. پر اهي وهمَ مانکي اجايا لڳن.. ڪا لِپي آسمان مان ڪانه لٿي. نه رڳو اهو پرَ ساڳيا ماڻهون انگريزيءَ ۾ پنهنجو نالو لکڻ کان ڪينَ ڪيٻائين جتي هڪَ ئي ’ز‘ ملين.

مانکي سنڌيءَ ۾ لکي ڪيئي ڏهاڪڙا ٿي ويا هوُندا. ڪهڙي ’ز‘ ڪتب آڻجي، ڪڏهن ياد بيهي، ته ڪڏهن وسري وڃي. سنڌي ۾ ٽائيپ ڪرڻ جي به ڪا عادت ڪانه اٿمِ جنهن ڪري چڪوُن وڌيڪ ٿين. تنهن ڪري لکڻ ۾ پنجوُڻ وقت لڳيمُ. سنڌي روماني اکرن ۾ لکڻ جي عادت پڻ پئجي ويئي هئم جو ائين ڪرڻ سولو هيو.

روماني اکرن ۾ باقائدي سنڌي لکيِ ٿي سگھجي پر اينئين ڪرڻ لاءِ نئين رٿ جوڙڻين ٿي پوي جنهن جي ماڻهن کي عادت ڪانهي… انگريزي واري رٿ ڪانه هلي جو اها اڳي ئي ناقص آهي ۽ ٻيو ته خاص سنڌي اُچارن لاءِ ڪم نه ڏيندي. مثال تور ٻ لکڻ لاءِ bb ڪتب آڻي سگھجي ٿي. آ لاءِ aa ، وغيره. اهڙي رٿ مٿي ڪِلڪِ ڪندا ته ڏسي سگھو ٿا. انهي کي ڪَتب آڻڻ جو مقصد هيو ته دنيا ۾ پکيڙيلَ انهن سنڌين سان ڳالهائي سگھجي جيڪي هاڻي سنڌي عربي لپيِ پڙهيِ نٿا ڄاڻن.

انهي کان بهتر نمونو لازم آهي ته نوان اکر ٺاهي سگھجن ٿا، جيئين عربي ترزَ لپي ۾ سنڌي اُچارن لاءِ اکر ٺاهيا ويا. پر اهو وري ٿي ٻي داستان. هوُنئن ٻوليدانن هڪ اهڙي لپي پڻ ٺاهي آهي جنهن سان دنيا جون سموريون ٻوليون پنهنجن اُچارن سان درست لکي وڃي سگهجن ٿيون. پر عام ماڻهن لاءِ اها لپي سمجھڻ تمام ڏکي بيهي.

سنڌي ۾ لکڻ جو مقصد اٿم ته سنڌين سان هڪ جذباتي ۽ قومي ناتو نڀايان جيڪو رڳو سنڌيءَ ۾ پورو رنگ لائي.. پوءِ سنڌي هجي درُست هجي يا ناقص، جيسين سنڌي مانجھو ليکُ پڙهي معنا سمجھن ٿا ته منهنجو مقصد پورو. ٻيو ته ٿيِ لپي جي سڌار، اها ڳالهه ڀلي پر منهنجي وسَ کان ٻاهِر بيٺي.

سائين فياض شيخَ هڪ ڪچهريءَ ۾ لکيو شيخ اياز جهڙي وڏي اديبَ هن ڳالهه بابت سوچيو هو. فياض جي لکيل اِيٽپالَ هيٺ ڏيان ٿو ـــ

سائين مان ڪو ٻوليدان نه آهيان ۽ نه ئي گهڻي ان ڳالهه تي پڙهيو اٿم.
مان سمجهان ٿو ته ٻولي جي جٽاءَ ۽ وڌاءَ تي اسان کي ڪم ڪرڻ گهرجي. اسان جي مارُن ماڻهن کي توڻيجو جيڪي ٻار نه آهن ڪو ٽائيپ رائيٽر سولائي سان چوڻ ڪونه آيو هيو. نه ئي هاڻي ڪو هو سگنل کي سگنل چوندا آهن (سنگل مون ٻڌو آهي انهن جي واتان). ٻولي ڪٿان هلي ٿي ۽ ڪٿي پڃي ٿي اسان جي هٿن ۾ آهي. مان نه ٿو سمجهان ته سامراجيت ۽ ڪالونائيزاشن (جنهن جي لاءِ مون وٽ هن وقت ڪو لفظ ذهن ۾ نه ٿو اچي)، جي دور ۾ ٿرموميٽر اسان جي سنڌي ماڻهو کي ٻئي سنڌي ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪرڻو پيو، پر انگريز سان ڳالهائڻ ۽ ان جي ڪيفيت محسوس ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻو پيو. مان کي انداذو نه آهي ته اهو لفظ ڪهڙي شڪل وٺي ها جي صرف پاڻ ۾ استعمال ٿئي ها (جيئن سنگل)، جي وڃي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪنهن سان ڳالهائجي ته خبر پوندي ته اهو ڇا ٿو چئي. ٻار ته اسٽيٿو اسڪوپ به چئي ٿو وڃي، ۽ هت امريڪا ۾ ٿينڪيو ۽ گراسيئاس به سمجهي ۽ چئي ٿو وڃي. آبخورو مناسب نه لڳي ته ٺيڪ آ پر ان جو مطلب اهو به نه آهي ته ٻوليدان ان تي ڪم نه ڪن ۽ اسان جي ٻوليءَ ۾ لفظن جو وڌاءُ نه ٿئي. جيئن اسان وٽ ”بخار“ ”تپ“ کي اڻهوند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن سائين گُلَ اها ڳالهه ڪئي ته مون کي سوچي حيراني ٿي ته ”اَڻو“ لفظ مان ڏهه سالن کن کان استعمال نه ڪيو آهي. جي منهنجي اها حالت آهي ته مان ڇا سمجهان ته منهنجو ٻار اهو لفظ هڪ دفعو به استعمال ڪندو؟ اسان جي هٿن ۾ آهي اهو سڀ، جي سوچيون، سمجهون ته ٻولي جيئندي ۽ وڌندي نه ته سائين تنوير واري ڳالهه سچ ٿيندي …
شيخ اياز فائونڊيشن وارن تازو ئي سائين شيخ اياز جو 1947 جو رسالو جيڪو آگسٽ جي مهيني ۾ انهن ڇاپائڻ شروع ڪيو ۽ صرف ٽئي مهينا هليو، ڇپرايو. نالو اٿس ”اڳتي قدم“. انهن ۾ سائين نارائڻ شيام، سائين پنجواڻي، هري دلگير، کيئلداس فاني، لطف بدوي ۽ ڪيترن ئي ٻين جا فني شاهپارا ڇپرايل آهن. انهن مان هڪڙي شماري ۾ سائين شيخ اياز جي هيٺين ڳالهه پڙهي جا انهيءَ حوالي سان آهي ۽ لکان ٿو؛

”انسانذات جو آدرش آهي ”گهڻن ۾ گهڻن جي گهڻي ۾ گهڻي ڀلائي“ اسان جي صورتخطي اهڙي ته تڪليف ڏيندڙ آهي جو ٻار ان کي سکڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا وٺن ٿا، حالانڪه ٻين ٻولين جي صورتخطي سکڻ ۾ صرف ٻي مهينا لڳن ٿا. هيٺين اکرن جي اچار ۾ عرب تفاوت ڪندا آهن باقي سنڌي ته تفاوت ڪو نه ڪندا آهن؛

ا ء ع

ز ذ ض ظ

س ص ث

هه ح

ڪ ق

ت ط

ڇو نه صورتخطيءَ کي سنهنجي بنائڻ لاءِ انهن هم لفظن مان هڪ ڪم آندو وڃي! ڇو نه قسط جي بدران ڪست لکيو وڃي. ڪيتري نه تڪليف گهٽ ٿي وڃي! لفظن جي معنا ته جملي تي مدار ٿي رکي ۽ نه صرف سندن صورتخطيءَ تي. ڇو ته ساڳيءَ صورتخطيءَ وارن لفظن کي به ٻه معنائون ٿي سگهن ٿيون. جڏهن امريڪا ۾

Nite کي night Labour کيLabor ۽

ڪيو ويو ته ڇا اسين ظالم کي زالم ۽ قسط کي ڪست نه ڪري سگهنداسين. مون قبوليو ته اسين اڳينءَ صورتخطيءَ تي هريل آهيون. پر ڇا ”هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڄندي به نه لهندي!“ ڇا انسانذات جي محنت گهٽ ڪرڻ لاءِ اسين اها تبديلي نه آڻيداسين ۽ پنهنجا وهمي دليل ڏئي ان کي ٽارينداسين؟ ــ شيخ اياز

Advertisements

5 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. لپي بابت بلاگ پڙھيو، وڻيو.
    سوچيان پيو تھ بيڪار اکرلکڻ پاڻ اي ڇڏجي، باقي ھڪومتي ليول تي تبديلي جو انتزار ڪندي تھ ورھي گزري ويندا.
    مھرباني.

  2. […] عام تور لکڻ ڇڏي ٿا ڏين (لپين بابت ڏسندا منهنجو بلاگُ  ظ ظالم، ز زالَ ته پوءِ ذ ڇا لاءِ […]

  3. اها صرف توهان جي سوچ نه پر وڪت جي زرورت پڻ آهي. پراڻي انگريزن جي جوڙايل لپي کي آکري هرف يا مڪدس نه ٿو ڪرار ڏئي سگھجي. جڏهن ته شاه جو رسالو لپي جوڙڻ کان گھڻو اڳ موجود هو، انگريزن نئين لپي جوڙي ته ان ۾ لکجي ويو. جيڪڏهن هاڻي به ڪا آسان لپي جوڙجي ته ان ۾ به آساني سان لکي سگھجي ٿو. سماج پراڻو ته ٿي سگھي ٿو پر هميشه لاء مستڪل يا ڪانسٽنٽ نه ٿو ٿي سگھي. سماج جي ارتڪا سان گڏ هر شي جو بدلجڻ فتري امل آهي.

  4. Thanks for enabling me to get new suggestions about pc’s. I also possess the belief that certain of the best ways to maintain your notebook in leading condition has been a hard plastic-type material case, or shell, which fits over the top of the computer. Most of these protective gear are generally model distinct since they are manufactured to fit perfectly on the natural casing. You can buy these directly from the seller, or through third party places if they are available for your notebook computer, however not all laptop could have a cover on the market. All over again, thanks for your recommendations.

  5. Symptoms may include eye pain, fever, asthma, rashes and intestinal cramping.
    Our therapists will provide hands-on therapy
    to your plantar fascia and calf muscles. If you don’t
    know the cause of a pain, tap on the image of that pain and you’ll probably
    get a measure of relief.


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: