امريڪا جا جونيئر ڪاليج ۽ امان جون مارڪوُن

جنوري 31, 2007 at 12:02 am | Posted in Autobiographical, Education | 3 رايا

 

parkland.jpgهيٺين چارٽ ۾ امريڪا ۾ ورهيو ورهِيه ڊگرين جا انگ ڊجن ٿا جيڪي 2003ع ۾ ڏنل ڊگرين جا آهن (هنن انگن ۾ ٿورڙو سيڪڙو ٻه وڌارو هرَ سال ٿيندو پر ايڏو خاص ڦير نه ايندو) ـــــ

 

 

ڊگريون ساليانو 2003

وديارٿين جو انگ

Associate ٻه ورهيه

665,301

Bachelor’s چار ورهيَه

1,399,542

ماسٽر

558,940

پي ايچ ڊي

48,378

پروفيشنل

83,041

 

 

مايون

57.1%

 

)Full-timeسارو وقتي (

61.0%

)Foreign) پرڏيهي

4.4%

 

هنن انگن موجب سنڌ جي جوان آبادي ڏسي، ورهيو ورهيه اڍائيِ ٽي لکَ سنڌي جوان چار ورهين واري بيچلر پورِي ڪنِ.

 

مان اڳي ڳالهه پي ڪئي ته جونيِئر ڪاليجن ۾ ”ٻه ورهيه“ لڳنِ ۽ انهي کان پوءِ ”ايسوسيِئيٽَ“ جي ڊگري ملي. ايسوسيئيٽ جو ڊگري سان ڪي ٽيڪنيڪي ڪم ڪن، جيئين سولي پروگرامنگ ڪمپيوٽرن جي، ڪي موٽرن جي مرمت جو ڪم سکن، ڪي وري ڪلارڪي جو ڪم سکن…. اهڙا ٿوڙا ڪلاسَ سڪولن ۾ يارهين ۽ ٻارهين ۾ پڻ ٿين ۽ جيڪي ٻار چار ورهيه ڪاليج ۾ ڪونه وڃڻ جو ارادو رکن سي کڻندا آهنِ ته جينئن ڏسن ته شونقَ ۽ يوگتا (لياقت) ڪهڙي اٿن.

 

انهي چارٽ مان پڌرو ٿيندو ته جونيئر ڪاليج ۾ ڪيترائي ڊگري وٺڻ لاءِ نه ويندا آهن جو 65 لکَ پڙهنِ پرَ ٻن ورهين ۾ 13 لکنِ کي ڊگريون ملن. انهن جو ڪارڻ ٻن سببن ڪري. هڪُ ته 39 سيڪڙو گھٽ وقتي (پارٽ ٽائيم) شاگرد آهن. اها گھڻو ويتر يان ته جونيئر ڪاليجن ۾ ويندا آهن يان ماسٽرس ۽ پروفيشنل ڊگريون وٺن. ٻيو ته جونيئر ڪاليجن ۾ ايسوسيِئيٽ ڊگري ڪندڙ ڇڏي ٻيا گهڻن قسمن جا شاگرد اچن ٿا. ڪي ڪلاسون ٻارهين درجي جا شاگرد وٺن جيڪي ڪنهن وديا ۾ اڳتي وڌي ويا آهن ۽ سندن سِڪولُ انهيءَ وديا ۾ وڌيڪ ڪلاسَ نه ٿو ڏي. مثال منهنجو ڀائٽيو ٻارهين ڪلاسَ ۾ آهي. هاڻ هوُ ڳڻت وديا ۾ ڪيلڪيوُلسِ جو ٻيو ڪلاسُ ڪنهن جونيئر ڪاليج ۾ وٺي رهيو آهي جو اهو سندس سِڪوُلَ ۾ ڪونه پاڙهجي ۽ کيسُ گڻت وديا جو شونق آهي. جڏهن وديارٿي ڪو ڪلاس سڪول ۾ يا جونيئر ڪاليج ۾ ڪري ويٺو آهي ۽ انهي ڪلاس جو ميار لڳ ڀڳ ساڳيو جيڪو يونيورسٽي ۾ ساڳي ڪلاس جو، ته اهو ڪلاس ٻيهر ڪونه ڪرڻو پوي.

 

ڪي وري ڪلاس جونيئر ڪاليج ۾ انهي ڪري وٺن جو هنن جون هاءِ سڪول ۾ مارڪوُن گھٽ آيون يا انهن پرهڻ ڇڏي ڏنو هون. جڏهن تجربو وڌين ته ڏٺائون تعليم جي گھرج اٿن نه ته عمر مزوري ڪرڻي پوندن. انهي ريت ڪوتهائي پوري ڪرڻ لاءِ پڻ ڪي ڪلاسَ جونيئر ڪاليجَ ۾ پاڙهجنِ. ڪي مارڪوُن سٺيون ڪري سال ٻن کان پوءِ چار ورهيه ڪاليج ۾ داخلا وٺندا.

 

جونيئر ڪاليج ۾ ڪي پنهنجي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ پڻ ڪلاسَ وٺندا آهن. ڪڏهن اِها ڄاڻ پنهنجي ڪاروبار کي سنوارڻ ڪار هجي. مثال تور ڪو ڌنڌي وارو ليکاري (اڪائوُٽنگ) ۾ يا ڪمپيوٽرن ۾ ڪورس کڻي.


ڪڏهن اِها ڄاڻ جيڪا وديارٿي طلب ڪنِ سا سندن ڪنهن ڪاروبار سان واسطو نه رکي. مثال تور منهنجي ماءُ جا پوئين سال 87 ورهين جي عمر ۾ سرڳواسڻ ٿي، اسان سان رهڻ امريڪا ويهه ورهيه اڳي آئيِ هئي. پيشو ڊاڪٽريِ (طب) هين. 1940هن ۾ دلهيءَ مان ايم بيِ بيِ ايس ڪئي هيائين (زالن لاءِ هند سنڌ ۾ هڪُ ئيِ ميڊيڪل ڪاليج تنهن وقت اهو هيو). پوءِ انگليڊ به ويئي جراهي (سرجري) وڌيڪ سکڻ لاءِ. هاڻ جو ستر ورهين جي عمر ۾ امريڪا ۾ پينشنِ بَردارِ رٽائرڊِ اچي ٿي. ڏٺائين دبا ۽ پردا جنهن جو نالو ڪمپيوٽر. سوچيائين الاجي ڪمپيوٽر ڇا ٿي جنهن جي ڳالهه ٿا ماڻهو ڪن. تنهن مان ايِ ٽپال ڪينئن وڃي؟ ٻار ڪينئين انهي سان راند ٿا کيڏنِ؟ سوچيائين اهو ڪينئن ڪم ڪندو آهي؟ سو وڃي جونيئر ڪاليج ۾ ڪمپيوُٽرنِ تي ڪلاسُ کنيائين. ٻي ڀيري امريڪا جي تاريخ ۽ آئينَ تي ڪلاسُ ورتائين. هڪ وار وري ڪلاسِ آتم گيان (سائيڪالاجي) تي ورتائين. مزي جي ڳالهه آ ته ڪلاس وٺي ته ڌيان سان پڙهندي به هجي. ڪو هڪ ڀيري ڪنهن امتحان ۾ مارڪون بيِ اچي ويسِ. هتي عام تور تي مارڪون
اي، بيِ، سيِ، ڊي، ۽ فيل جي حساب سان هونديوُن آهن. توڙي هر ڪاليج، سرڪاري توڙي خانگي، خود مختار آهي ۽ پنهنجي نظام جو پاڻ فيصلو ڪري. انهي ڪري نظام ۾ ڦيريون گھيريون پڻ هونديون آهنِ ، جيئين ڪن ڪاليجن ۾ گريڊن کي گھٽ وڌ ڪرڻ لاء ماسترَ + يا ـــ اکر سان گڏ هڻي سگھندا آهن. قصو ڪوتاهُ.. اچي مونجهه ٿيسِ. مان عرض ڪيو ته ”امان! خير ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي، اوهان کي ڪو فرق ته نٿو پوي.“ چيائين ”پُٽ! مون عمر بيِ ڪانه کنئين آهي، هميشه پهرين نبمر تي آئي آهيان.. هاڻي پهريون نبمر نه سهي، ته بيِ ته ڪونه کڻنديس.“ امتحان جا جواب وري ڏسي، ڪنهن سوال جي چڪاسيءَ ۾چُڪَ ڏٺائين ۽ امان ويئي ماستر سان ڳالهائڻ ته ”ابا چڪاسيِ پوُري ڪئي نه ٿئيِ! مون کي هروُ ڀروُ خفو ٿو ڏين“

 

Parkland College Planetarium

 

 

جنهن ڪاليج ۾ امان ڪلاس کنيا تنهن ڪاليج جو هڪ فوٽوُن جو لنڪ هنيوٿمِ. (اهڙن فوٽوُئن کي ڪلڪِ ڪندا ته وڏا ٿيندوِ. ساڳي ريت جي ڦريل رنگ ڏسو ته گھڻوتر ڪلڪ ڪندئو ته ويتر وڏو ٿيندو). هيءُ فوٽون انهي اڏاوت جوآهي جنهن ۾ آڪاش نروار جي سمجھاڻي ڏيڻ لاءِ تارن جا منظر اُچي ڇت تي رٿبا (پروجيڪٽ ڪبا) آهن.

 

طب وگيان (ميڊيڪل سائنسدان) هاڻي ٻڌائين ٿا ته جي وڏي عمر ۾ به انسان مغز کي ورزش ڏي ٿو ته ٻڍاپڻ جو ٻڍاڻو مغز اچڻ ۾ ديرَ ڪري. ڏسو

 

<http://www.msnbc.msn.com/id/11025839/>

امان جو 85 ورهين جي عمر تي ڇڪيل فوٽونخير سان امان جو 87 ورهين جي عمر تائين دماغ آهستي ٿيو هوندو پر سٺو ڪمُ ڏيندو رهيو، توڙي سرير ڪمزور ٿيندو ويو هوسِ ۽ ٻيا هوشَ پڻ پوين ورهين ۾ ڪمزور ٿيندا، نيٺ پڇاڙي مهنن ۾ ايترو ته جواب ڏيئي بيٺا جو جڳ مان لڏاڻي جو ڪر ڪندڙ آسرو سرير جي قيد مان نجات پي لڳُسِ جنهن ڪري ڊاڪٽرن کي ويتر علاج ڏيڻ کان جھلي ڇڏيائين ته ٻيلي هاڻي ڪَڪُ نه ڪيو. ڀائرَ منهنجا جو پريشان ٿيا ته رد قد ڏيندي چيائين ِ ”سانت سان مرڻ ڏيندا ڪن هميشه هتي وهڻو اٿم؟“ بيشڪ اول آخر آهي هلڻ هوت ريِ. جيڪا ڌڻيءَ جي رضا. وري ڪنهن ٻي ڏينهن امان جون ڪي ٻيون ياديون ٻڌائنيدومانوَ.

 

 

 

سو هاڻ ڳالهه پي ڪيمِ جونيئر ڪاليجن جي. جونيئر ڪاليجن کي ڀائيچاري (ڪميوُنٽيِ) ڪاليجُ پڻ ڪوٺيندا آهن ڇو ته اهو تعلقي ۾ لوڪ لاءِ ايترا قسمي قسمي ڪم ڏي ٿو. انهي قسم جي ڪاليج جو مقصد آهي ڀائيچاري جو لوڪ واڌارو. جونيئر ڪاليجن ۾ پاڙهيدڙ ڪي پي ايچ ڊي رکن، ڪي ماسٽرس. ڪي ڪجهه وقتي پاڙهنِ، ڪن جو پيشو اُتي پروفيسري. ڪي مياري آهن ته ڪي سادا. هڪَ مياري جوُنيئر ڪاليج جو مثال هيٺ ڏسي ٿا سگھو جيڪو منهنجي تعلقي ۾ آهي…

http://www.parkland.edu/

 

ايندڙ بلاگ ۾ مان امريڪا جي يونيورٽين جو احوال ڏيندس.

 

Advertisements

3 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. On 2/8/07, Waseem wrote:
    سائين ڪجھ ڀلون هن ريتَ آهن.
    اوهان لکيو “پرَ ٻن وڙِهين ۾ 13 لکنِ کي ڊگريون ملن.” پَر چارٽ
    ۾ آهي 665,301 وديارتون يعنَي ڊگريونَ؟
    ــ وسيم

    شائين وسيمَ،
    برو برساڍا ڇهه لکَ ورهيو ورهيه ٻه ورهيا ڊگريون وٺنِ، سي ٿيا ٻن ورهين ۾ 13 لک ، توڙي جوئيئر ڪاليجنِ ۾ وديارتين جو انگ 65 لک آهي. مقصد ته گھڻا گھٽ وقتي وديارتي آهن جيڪي هڪ اڏ ڪلاسُ کڻن ٿا ( ۽ ڪي وري سِڪول جا پويان رهيل ڪورسَ پيا پورا ڪنِ

  2. Saain Amaan joon Yaadyoon Parrhyum,
    Allah khen janat men jaayoon day ain har imthaan men Pahryoon numer day….Aameen.

    Nazeer Ansari

  3. محترم سائين آغا گل صاحب،
    اسلام عليڪم ۽ حق موجود،

    سائين امڙ سائڻ جي لاڏاڻي جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. مان پهيجي دل جي اٿاهہ گهرائين سان دعا ٿو ڪريان تہ رب پاڪ امان سائڻ کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي . آمين.
    اڄ مون کي اهو ڏينهن ياد اچي وئيو جڏهن مان ۽ منهن جا دوست؛ سعيد، عبدل قادر ۽ فيصل ڪريم، اوهان جي گھر اوهان جي ڪوٺ تي دعوت کائڻ آيا هئاسين. گھر ۾ داخل ٿيڻ سان ئي الڻ فقير جي وائي جو آواز ٻڌي ان وقت ائين لڳو هئيو ڄڻ تہ آمريڪا ۾ ڪا ننڍڙي سنڌ آباد هجي. اوهان ٿوري دير بعد اما سائڻ کي پاڻ سان گڏ وٺي آئيا هئا ۽ امان سان ملندي ئي ائين لڳو تہ اسان پهنجي گھر ۾ ويٺا هجئون. جڏهن امان سنڌيا کي پهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ حال اهوال پئي ڪيو تہ ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي هئي . جڏهن اوهان جي گھر واري سان سنڌي پئي ڳالهائي سي تہ ڪنن تي اعتبار ئي ڪون پئي آئيو تہ هڪ آمرڪن ڪهڙي نموني سنڌي سمجهي ۽ ڳالهائي سگھي ٿي.

    بهر حال ، اوهان جي بلاگ کي پڙهي ڪري ذهن تي وري انهن ڏينهن جون يادون تري آئيون. پر امان جو ٻڌي ڪري تمام گھڻون ڏک ٿيو. بس جيڪا رب جي رضا.

    سائين منهنجي طرفان سڄي ڪهول کي سلام .

    حق موجود، جيئي سنڌ،

    صفدر حسين ٻوڪ
    ڪيئيئو يونيورسٽي، جاپان.


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: