آمريڪا جون يونيورسٽيون ۽ اُتاهون (اعلا) تعليمَ

جنوري 27, 2007 at 4:44 pm | Posted in Education | 7 رايا

 

UIUC Engineering Quad View مان آمريڪا جي ڪِن مکي يونيورسٽين (وشوَ وِديالنِ) ۾ ٽيٽيهه کن ورهيه ڪاٽيا آهن. ڪڏهن وري ڳالهه ڪندس ته منهنجو هتي اچڻ ڪيئن ٿيو ۽ مان يَتا تَٿا هتِ ڇا ڪندوهان. حالي فلالي آمريڪي اُتاهون (مٿيون) تعليمي نظامَ بابت ٿوڙو سڌ سماءُ ڏيان ٿو. هتي آمريڪا ۾ ڏيڍ ڪڙوڙ کان مٿي شاگرد اُتاهون تعليمي ادارن ۾ پڙهن پيا. ڀيٽڻ لاءِ ياد رهي ته آمريڪا جي آبادي 30 ڪڙور آهي ۽ سنڌ جي آبادي چار ڪِڙورَ لڳ ڀڳ هوندي. پرَ اهو پڻ انگُ ويچار ۾ رکجي ته آمريڪا جي وچٿري عمر پنجٽيه ورهين کان مٿي ۽ سنڌ جي وچٿري عمر ارڙهان ورهيه بيٺي آهي. تنهن حساب سان هيٺيون چارٽَ جو جائزو وٺندا. جي اُتاهون تعليم جي ساڳي پکيڙَ هجي ته سمجھو هنن انگن جو پنجون ڀاڱو کنِ سنڌَ ۾ هجن. اهي انگَ سن 2003 جا آهن پر تنهن وقت کان خاص ڦير گھير ڪانه هوُندي. ٻيو انگُ، ٻارهان سالو سِڪوُل پورو ڪري اڌ کن ٻار هڪ نه ٻي قسم جي ڪاليج ويندا آهن.

شاگرد

تعداد شاگردن جو انگ
سرڪاري چار ورهيَه ڪاليج

629

6,649,441

خانگي چار ورهيهَ ڪاليج

1,845

3,758,112

سرڪاري جونيئر ڪاليج

1,070

6,207,618

خانگي جونيئر ڪاليج

596

285,300

جوڙَ

4,140

16,900,471

بيچلر

 

14,473,884

ماسٽر ۽ پي ايچ ڊي

 

2,097,511

پروفيشنل

 

329,07

 

هِنَ چارٽ ۾ ڏيکاريل شئين جي سمجھاڻي هن ريتَ آهي. ”چار ورهيهَ“ ڪاليجن ۾ اهي ڪاليج ليکجن ٿا جيڪي بيلچلرَ جي ڊگري ڏينِ ۽ يونيورسٽيون اهي ليکبيون جيڪي انهي کان مٿيون ڊگريون پڻ ڏين. آمريڪا ۾ هر بيچلر ڊگريءَ لاءِ ٻارهين جمات کان پوءِ چار ورهيه لگندا آهن. جونيِئر ڪاليجن ۾ ”ٻه ورهيه“ لڳنِ ۽ انهن کان پوءِ ”ايسوسيِئيٽَ“ جي ڊگري ملي. اهڙا ڪاليج هر ڪنهن ننڍي وڏي تعلقي ۾ هوندا آهن جيڪي تعلقي جي حڪومتي ڍلَ مان ۽ صوبائي محصول مان تعلقي کي ڏنل ڏوڪڙن مان هلندا آهن. هرَ گھر، دڪان، هوٽل، فيڪٽريءَ ۽ ٻنيءَ تي ڍل (پراپرٽي ٽيڪسَ) پوي جا ڍل آمريڪا ۾ گھڻوتر سموري تعلقي کي ملي، جنهن مان مڪاني رستا، سِڪولَ، جونيئر ڪاليجَ ۽ تعلقي اندر تعلقو هلائي. هونئن صوبائي مختيارڪاري ڪري ڍل وارو قانون صوبن جي هٿ ۾ آهي پر لڳ ڀڳ هر صوبي ۾ ساڳيو نطام وڃي بيٺو آهي جيتوڻڪ ڪي صوبا آمدني تي محصول ڪو نه وٺن، ڪي وري خريداري تي محصول وڏو هڻن، وغيره.

ازانسواءِ خانگي ڪاليجنِ جي وِديارتينِ (شاگردن) کي پڻ گھرج جي بنياد تي سرڪاري سڪالرشپون (وضيفا)، گھٽ وياجي قرضا، ۽ ڪن عام مفادي جاين تي ڪُجهه وقتي ڪم ڪرڻ لاءِ اڌ پگھارَ سرڪاري خرچ تي ملن. انهي گھرج جو حساب هڻڻ لاءِ مائٽن جي آمدني، وسيلا ۽ جائداد کي غور سان ڳڻيندا آهن. ٻيو ته اِهو پڻ حساب ۾ آهي ته هر وديارتي ڪجھ وقت ڪَم ڪندو ۽ انهن انگن کي جورڻ ۽ وڍڻ جا وڏا فارمودا ٺاهيا اٿن. هونئن ڪاليجن جون فيون ۽ خرچا وڏا آهن. هوُنئن عام طور تي ڪو سمورو وَقتي (فُلُ ٽائيمُ) وِديارتي نَوَ مهنا ڪاليج ۾ هوندو آهي ته ٽي مهنا ڪمُ ڪندو آهي. اهو ڪمُ باغ سنڀالڻ، هوٽلَ ۾ نوڪري، مزوُري، وغيره ٿي ٿو سگھي. اهڙا ڪم اونهاري ۾ وڌي ويندا آهن جو سياري ۾ برف ڪري باغ گھڻي پاسي ڪونهن، لوڪ ٻه ٽي هفتا اونهاري جو موڪلون وٺندي ٻين شهرن ۾ گھمڻ نڪرن ۽ هوٽلن ۾ وڃيو رهن، وغيره. ڪي وديارتيِ هسپتالن، ليبارٽين، ڪارخانن، ڌنڌن، حڪومت جي آفيسن، ڪانگريس ميمرن جي آفيسن، وغيره ۾ ”انٽرنشپ“ ڪندا آهن جنهن جو مقصد آهي ته ڪو ڪارِ گر (پريڪٽڪل) تجربو حاصل ڪنِ. ٻيو ته ڪاليجَ ويندڙ مهنن ۾ پڻ عام طور تي هفتي ۾ ڏهه ڪلاڪَ کن ڪمُ ڪنِدا آهن. اهي ڪمَ لائيبرري ۾ ڪتاب موٽائي وجھڻ، ڪمپيوٽر ليبارٽري جو رات ويهي سنڀالڻ، ڪنهن ڪتابن جي دڪان تي، هوٽل ۾، ميوُزيمَ ۾، يا ٻي هند هجن.


اميرن توڙي غريبن جا ٻار اينئن ڪمَ ڪنِدا آهن. اميرَ اينئين چاهيندا آهن ته ٻارن کي زندگي جو تجربو
ملي ۽ ٻين ٻين قسمن جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ جواني ۾ ٻار اچن جينئين سماج کي چڱي طرح سمجھن. انهي ساڳي ريت گھڻا ئي وديارتي هفتو ٻه سال ۾ غريبن جي مدد جا ڪم ڪن، جينئين پڪو گھر ٺاهڻ جي مزوري، ڪراڙن جي خِزمت، وغيره. سڪول هلندي پڻ ڪي وديارتي توڙي مٿين ڪلاسن (نائين، ڏهين، يارهين، ٻارهين ڪلاس) جي سِڪولن جا ٻار پڻ ”خوش خزمت سپاهي“ بڻجن ٿا ــــ مثال ته منهنجي هڪَ ڌيءَ سال ٻن لاءِ هر ڇنڇر جو چار ڪلاڪ آمريڪا ۾ آيل غريب پناهگيرن جي ٻارن کي سُوَمُ شيوا طور مفت ”ٽيُوشن“ پاڙهيندي هئي. ٻيءَ ڌي جانورن جي سنڀال لاءِ هر هفتي ڪجھ ڪلاڪ ڏيندي هئي.

مٿين چارٽ ۾ پرووفيشنل ڊگري مان مراد آهي قانون، طب (ڊاڪٽري)، دندان ساز، ليکاري (اڪائوُنٽِنگ)، وغيره جون ڊگريون.

ايندڙ بلاگ ۾ ٻڌائيندس ته ٻين ٻين ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو مقصد ڇاهي، ڪهڙيون ڊگريون ڏينديون آهن، ڇا پاڙهينديون آهن ۽ داخلا ڪينئن ڪنديون آهن.

Advertisements

7 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. Dear Sir,

    it’s better effort and i appreciate this step taken for sindhi students. we young people are being far from our experienced generation and i m glad to see sindhi groups on net to guide us.

    Regards

  2. Piyara Dosto

    I was born in Memon Mohalla Shikarpur. My grandparents and parents used to live on Molvi Rahmatullah Street near Sate Bazar.

    The street was named after my Nana– Molvi Rahmatullah who was deputy mayor of the town.

    I got a little more than 3 years of education at Memon Mohalla Elementry School. It was a great school. It had great education. But it was also very well built– with a garden and play grounds.

    Particularly I remember a great teacher– Sain Shamsuddin Memon. He was a tall man. I learnt a lot from him.

    In 4th grade, we moved to Larkana where I did my matric. However, I have continued to visit Shikarpur. A lot of my extended family has lived there and continues to live there.

    I have very fond memories of shikarpur.

    Ali Nawaz Memon
    Gaithersburg, Maryland, USA

  3. سائين مهرباني ڪري هن سلسلي ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيش ۽ ووڪيشنل ٽرينگ تي وارن ادارن جو به احوال ڏيندا.
    حبيب سنائي

  4. Dear Saein,
    Jeay Sindh,
    How r u?
    really, daily we are learning from your share events, News & Research with Exp, however,
    sain fully pls concentrat to help Sindhi like how thay mobilize by self and with mob to new Army/Punjab Strategay against wetland, Dams & Natural resourcess issue with NFC award.

    thanx
    Muhammad Moosa Rind

  5. Dear all,

    I am Ahmed Brohi. I live in Shikarpur at Jumani Hall. This is just about share comments about site. This is very good effort and definately help sindhi brothers in future…

    Allah Wahi.

  6. Sir its good to see a Sindhi blog hope to see more in future. Keep up the good work!

  7. Dear Sir,

    Jeaay Sindh…!!!

    Allah Tawahna khey wadi zindagi dey, himuth dey..,
    Sindh ai Sindh wasiyion laiye hee wadi khushnaseebi aahe ta tawhaan jahra sindhi marhoon unhaan insaaanun je laye jeke na sirf sindhi balkay pakistani hujy un je laye waday fakhur ji galih aahe ta tawhaan unhan khy eeitry keemati information dien laye hee kum sar anjaam dion tha.

    Allah Tawahan khy har tarah saan knowledege deein farmaaye….AAmeeeeen.

    Sadayeen Gudd…

    Abdul Qadeer Memon
    +923002515863


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: