شطرنج جي راند ۽ قديم سنڌ

جنوري 23, 2007 at 10:26 pm | Posted in Archeology, Folklore, Sindh, Sindhi | 2 رايا

moenjodaro-shatranji.JPG

 

انسان اوهدار جانور (جنهن کي انگريزيءَ ۾ ميمل چوندا آهن) جو هڪ قسم آهي. رانديون خاص ڪري اوهَدار جانور ٻارنِ جي قابليت وڌائڻ لاءِ گھڻو قدرُ رکنديون آهن. انسان جي وجود ۽ پکيڙ ۾خيالي سمجھَ abstract intelligence جي وڌائو جو وڏو ڪردار رهيو آهي. شطرنج هڪ اهڙي راند آهي جنهن سان خيالي سمجھ جو گھڻو واڌارو ٿئي.

موئن جي دڙي مان جيڪي رانديون لڀيون آهن تن مان شطرنج جو هڪ اولائڪي نمونو پڻ مليو آهي. (ڏسو مٿي فوٽوُن. اهو هيٺين ڪتاب مان آهي جنهن ۾ دڙي جي ٻين راندين جا پڻ فوٽا ملندا).


Terracota toys include miniature bulls with movable heads.carts with tiny solid wheels drawn by a pair of bullocks. such as westill find in reality with slight change in the design of wheels trundlingalong the dusty tracks in the countryside around Moenjodaro.Other amusing toys are whistling birds. monkeys. broods ofchicken. and pet dogs. A glimpse of contented domestic life isreflected in the relics of indoor games. the bagatelle and a primitive kind of chess-board designed on brick tiles with gamesmen made of agate or ivory.

K. H. Shaikh and S. M. Ashfaque: Moenjodaro, A 5,000 year old Legacy, UNESCO, 1981. http://www.worditude.com/ebooks/unescopdf/moenj_eng.pdf

انهي چوڻ جو اِهو مقصد ناهي ته هاڻوڪي شطرنج ڪا صفا ساڳي روُپ ۾ کيڏي وڃي. نه صدين ۾ ڪي ڦيريون گھريون آيون. ايِوروپ پڄڻ پوءِ به ٽي قائدا ڦيرايا ويا. (هاڻوڪيِ شطرنج ۾راند تڪڙي ڪرڻ لاءِ، پيادو پهرين وار ٻه قدم اڳتي وڌي ٿو سگھي. انهين سان ڳڏ راجا جو ڪوٽ ٺاهڻ جو تريڪار پڻ تکو ڪرڻو پيو، ۽ ”اين پَسان“ وارو قائدو پڻ پيادن کي راند اٽڪائڻ کان جھلڻ لاءِ ٺاهيڻو پيو. ايهي ڦيريون ڪجھ صديون اڳ آنديون ويون)

شطرنج بابت هڪ مزي جي سنڌي لوڪ ڪهاڻي آهي جا سڄي جڳ ۾ هاڻ مشهور ٿي ويئي آهي، توڙي نه گهڻن سنڌين کي اها هاڻ ياد هوندي نه وري گھڻن ٻين کي اها پرک آهي ته هي لوڪ ڪهاڻي اول سنڌ مان آئي آهي. (ساڳي ريِت ايساپَ جون ڪيئي لوڪ ڪهاڻيون سنڌ مان پکيڙيون پرَ انهي بابت ڪڏهن ٻي ڀيري لکندم). انهي آکاڻيءَ جو سنڌي ڏسُ مانکي هن حوالي سان ڏسڻ آيو (مان تاريخدان ناهيان ۽ چئي نه ٿو سگھان ته اها آکاڻي ڪيتري قدر سچ آهي).

Raverty, H.J., “History of Chess and Backgammon”, Journal of the Royal Asiatic Society of Bengal, Vol. 71, Part I, p. 47, Calcutta, 1902 .

راءِ ڀليت جي راڄ ۾ ساشِي نالي سان هڪُ سياڻو سنڌي هيو. (راجا ڏهر راءِ خاندان جي راجائُن کان پوءِ سنڌ تي راڄ ڪيو. راءِ اصلي ”اڇوت“ جاتي جا هيا پر پوءِ ٻڌ ڌرم اپڻيائون ۽ سنڌ تي تنهن زماني ۾ گوتمَ ٻُڌ جو وڏو اَثر هيو ۽ اڇوتپڻي جي ڳالهه پوري ٿي ويئي). ساشي هڪ رات واه جي نئين راند (اڄوڪي شطرنج) ٺاهي. راجا کي ٻي ڏينهن ڏيکاريائين ته راءِ ڏاڍو خوش. ورجائي چئيسِ بسِ ڪا گُھر ڪر.

نيٺ ساشِيءَ به چڱو ڀوگ ڪيس. چيائينس، بس سارينِ سان هڪ بَساط (بورڊ) ڀري ڏيار.. سو ايئين. پهرين چوڪنڊي ۾ هڪ ڪڻو، ٻي تي ٻه، ٽين تي چار، چوٿين تي اٺ.. هن ريت ٻيڻ ٿيندي وڃي جيسين بساط ڀرجي وڃي…

راءِ ڀليتَ وڏو ٽهڪ ڏنو. چيائين هي ته ڪو سفا چريو ٿو لڳي. کپنس چانور، سو به تِرُ. راءِ جا ڪمدار ويا. ڪن ڏينهن کان پوءِ ڳوڻيوڻ ڊوهي ڊوهي موٽيا، چيائون سائين شاهي گدام سڀ خالي ٿي ويا اٿوِ، هن جي بساط ته ڪانه ڀري.. هاڻ ڇا ڪيون؟

ساشي وڏو ڳڻت گياني هجي. ڳڻت ڪندا ته ٻٽو ڪندي وڃي ٿيدا

264 approx. 1019

هوُئن حساب هڻجي ته سڀ 64 چوڪنڊا جوڙي ملائي ڪڻا 265بيهن. چانور جي هڪَ هزار ڪڻن جو وزن 25 کان 30 گرامَ لڳي. سو هي ٿيا ڪل وڃي لڳ ڀڳُ ڪلوگرام

8 x 1014

800,000,000,000,000 kg

قلم تازو

سائين وسيم مفتي مانکي مٿين حساب ۾ چڪ ٻڌائي.. ڳڻت هڪ ۽ نه ٻن کان ٿي ٿئي تنهن ڪري جوڙَ ڏنلَ انگ جي اڌ هجڻ گھرجي. مان سائين مفتي تي ڪم وڌو ته اهڙن ٻٽا ٿيندڙ حساب جا ڪمپيوٽر وديا مان مثال ڏي، جينئن ٻه شاخا وڻ.

Advertisements

2 رايا »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. Mammal

    لاءَ مان لفظ اوهدار ڪتب آندو آهي. اهو نالو هن جانور تي انهيءَ ڪري پيو جو مائرن کي اوههَ (ميمري) هوندا آهن.

    شاه جو بيت جي سٽَ آهي،
    وڏي اوهه آئيون، پُٺيءُ لاءِ ڦر

    جيڪر اوهان کي هن بيت جي ڄاڻ آهي ته ٿورائتو ٿيندس جي اسان سڀنِ کي سموري بيت يا سُرَ جي نالي سان آگاه ڪندا

    اوهدار جانورن جون ٻيون خاصتيون آهن ته اِهي ٻار پيٽ ۾ وڏو ڪنديون آهن، ۽ سندن جسمَ تي وار هوندا آهن.

  2. قلم تازو
    سائين وسيم مفتي مانکي مٿين حساب ۾ چڪ ٻڌائي.. ڳڻت هڪ ۽ نه ٻن کان ٿي ٿئي تنهن ڪري جوڙَ ڏنلَ انگ جي اڌ هجڻ گھرجي. مان سائين مفتي تي ڪم وڌو ته اهڙن ٻٽا ٿيندڙ حساب جا ڪمپيوٽر وديا مان مثال ڏي، جينئن ٻه شاخا وڻ.


جواب ڇڏيو

لاگ ان ٿيڻ لاءِ هيٺ پنهنجي تفصيل ڀريو يا ڪنهن آئڪان تي ڪلڪ ڪريو:

WordPress.com Logo

توهان پنهنجو WordPress.com اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Twitter picture

توهان پنهنجو Twitter اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Facebook photo

توهان پنهنجو Facebook اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

Google+ photo

توهان پنهنجو Google+ اڪائونٽ استعمال ڪندي رايو ڏئي رهيا آهيو. لاگ آئوٽ ڪريو / تبديل ڪريو )

%s سان رابطو پيو ڪري


Entries and رايا feeds.

%d bloggers like this: