آغا صوفي، سچل سرمست
November 28, 2009 at 10:51 pm | Posted in Uncategorized | 4 Comments
آغا صوفيءَ 1933ع ۾ سچل سائين جو پهريون رسالو ترتيب ڪيو. ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي هيٺين فائيلن ۾ سو رسالو وڌو اٿم . پهرين فائيل ۾ آغا صوفي جي ڪتاب جا ڪي مضمون، ۽ پهريان ٽي باب جن ۾ تصوف ۽ ويدانت جي سمجھاڻِي، سائين سچلَ جي حيات، ۽ راڳن جي سمجھاڻي ڏنل آهي . ٻي فائيلَ ۾ پويان ٻه باب جن ۾ ڪلام سرمست، ۽ شرح ۽ معنا ڏنل آهي. ڇو ته اِهو ڪتاب وري ٽائيپ ڪونه ڪيل آهي، پر ساڳيو ڇاپو بيهر پڌرو ڪيو اٿم، پويان ڀلنامو پڻ ٻي ڀاڱي ۾ ڏنل آهي.
هنن فائيلن کي لاهڻ لاءِ هيٺين ڪڙين تي ٺرۡڪ هڻندا ـ
آغا صوفي، سچل سرمست (ڀاڱو پهريون)ـ
آغا صوفي، سچل سرمست (ڀاڱو ٻيو)ـ
آغا صوفي سچل جي درگاه جا خليو هيا. سائين پنهنجي وقت جا مشهوُر شاعر ۽ ناٽڪ نويس پِڻ هيا. سندن ناٽڪ ”دنيا دورنگي“ سنڌي ادبي بورڊ پاران وري ڇاپايل آهي، پر سندن هڪ سوَ کان وڌيڪ ٻيا ليک هاڻي ملڻ ڏکيا آهن. جي ڪنهن صاحب وٽ تِن جي شاعري جا ڪي نسخا هجن ته مانکي موڪليندا ته اِهي پڻ پڌرا ڪبا. آغا صوفي جي ٻن ڪلامن جي ريڪارڊنگ ڀڳونتي ناواڻي جي آواز ۾ هٿ آيون اٿم، جن کي پڻ ونڊينم. تِن مان آغا صوفي جو هڪ ڪلام مهتما گانڌي جي صبح ستسنگ ۾ ڳائيندا هيا جو اِهو ڪلام ماهتما کي گھڻو وڻندو هو. اِهو ڪلام هيٺين ڪڙي ٺرڪ هڻي ٻڌي سگھو ٿا ـ
http://www.4shared.com/file/137350129/8ceac0f1/teddaa_makaanu_vaaha_vaaha_2.html
4 Comments »
RSS feed for comments on this post. TrackBack URI
Leave a Reply
Blog at WordPress.com. | Theme: Pool by Borja Fernandez.
Entries and comments feeds.

محترم سائين گل آغا
وڏي مهرباني اهڙي سٺي شئي ورهائڻ جي
سائين هڪ نماڻي گذارش ته جي ايڃ ٽي ايم ايل سٽاءَ ۾ دستاويز هجن ها ته ڦولهارڻ ۾ سولائي ٿي پئي ها.
Comment by احمد علي مڱريو— November 29, 2009 #
SIR GULL AAGHA JI
ITS REALLY NICE TO SEE ALL OF YOUR ARTICALS.
THEY REALLY MATTER.
I REQUEST YOU WRITE A ARTICALE ON SINDHI TOPI DAY
I HAVE ALSO POST SOME THING NICE ON MYBLOG
I AM WAITING FOR YOUR NICE ARTICAL
THANX
Gnabi
ADMIN
kawishmagazine.blogspot.com
Comment by gnabi— December 10, 2009 #
Bravo, seems to me it is a brilliant idea
Comment by Алихан— March 9, 2011 #
your all article very nice.
Comment by Daud Khan— May 26, 2011 #