بيدل ۽ رام پنجواڻي
November 24, 2007 at 8:27 pm | Posted in History, Poetry, Sindh, Sindhi, سنڌي | 2 Commentsفقيرُ بيدِلَ جو عُرسُ،
پوئين هفتي پڙهُيمِ سُڀان کان (نومبر 25) وٺي ٽي ڏينهن فقير بيدل جو عُرسُ ملهايو پيو وڃي. فقير جي حياتي ڏاڍي ويچار جوڳي آهي. جوانيءَ ۾ فقيرُ پنج وقتَ نمازي هو. مسيِت ويِندي اجرڪ مٿي تي ورائي مُنهُن ويڙهي هلندو هو تي متان ڪا اهڙي شئي يا آدم ذات آسي پاسي ڏسڻ نه اچي جنهن سان هِرکي وڃي. پَرَ ليکو ڪيرُ مٽائي نه سگھي! هڪَ ڏينهن نماز پڙهڻَ ويو پي ته هوا جو جھوڪو لڳو ۽ مُنهَن تان نظر ڍڪيندڙُ لٽو لٿسُ. پاسي ڏسي ته ڪنهن جوان ڇوڪري تي نظر پينِ. سو دلِ لڳي ڪيرُ جھلي؟ ڏاڍو سُهڻو لڳُنِ ۽ تنهن سان دل ۾ يڪدمَ عشق مجازي جاڳيُنِ. تڏهن نماز جو خيال لهيِ ويُنِ ۽ ڌرم جون رسموُن وري نه ياد ڪيائون. انهيءَ کان پوءِ فقيِري جي واٽ ڌاريائون ۽ عشق حقيقيءَ جي ڪنهن وڏي منزلَ تي پُڳا. سو پهتل فقير ٿو ڏات ڏي
مذهبَ واري قيدَ کون بيدل
عشقُ ڪندءُ آزادُ
عشقَ جي صوفياڻيِ راهَه ”همه اوُست“ (سڀ هوُ آ؛ همه معنا سڀُ) سڃاڻڻ جي واٽ. تنهن واٽ ۾ ڌرمَ جا جھيڙا جھٽا ترڪ، رڳو هيڪائي هيڪاند (هيڪاندُ ـــ گڏجاڻيِ، هِڪ ٿيڻ واري حالت) جي ڳولها. فقير سائين ٿا ٻڌائِن
صوفي لا مذهب تڪرارُ
هر مذهب مان آ بيزارُ
ڪي ٿا سُنيِ پاڻ سڏائنِ
ڪي ٿا شيعا پاڪُ ڪوٺائِنِ
ڳيِتُ ”هَمَه“ جو عاشقُ ڳائِن
عشقَ جو اعلا آ اِسرارُ
عُرسُ لفظ جي عربي معنا شاديءَ جو کاڌو. سنڌي ۾ معنا ڪنهن اولياءَ جي ياد ۾ ملهايل ڏيِنهُن. سو ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو (وِصال) ڪرڻ جو ڏينهن هوُندو آهي ڇو ته اِهو ماتم نه پرَ خوشيءَ جو ڪارڻ هوُندو آهي… ڇو ته تنهن ڏينهن عاشق پنهنجي حقيقي محبوُب سان ميلاپ ڪري.

”سُگھَڙَ جا حوالَ“ واري بِلاگَ تي فقير بيدل جي هڪَ ڪافيِ ڏنل آهي. هوُنئن جيسين تائين مانکي خبرَ آهي، سائين بيدل جي عقيدت مندن اڃا سندن رِسالو جڳَ پکيڙيل ڄارَ تي نه وڌو آ. اُميدَ ته انهيءَ خيرَ جي ڪمَ ۾ به ديرَ ناهي. تنهن فقيرَ جي ميلي تي ڪنهن صاحب يا صاحبڻِ وِڊيو ڪارِ گذاريِ ڪئي هجي ته ڀائيوراي ڪندا. جي جڳَ پکيڙيل ڄارَ تي فقير بيدلَ جا ڪلام آوازي درج ٿيل آهِن، تِن بابت به لکندا. (مٿيون فوٽون سکر روهڙي پاسي پُلِ جو آهي جيڪو مان 1982 ۾ ٻيڙيءَ ويندي ڇڪيو هو. سامهون ساڌ ٻيلو ڏسڻ اچي پيو).
پروفيسرُ رام پنجواڻيِءَ جنمَ ڏيِنهن ورسي
فقيرُ بيدل جي اصوُلُ موجب انسانن ۾ ڪو ڀيد ڪونه
آهي هندوُ مومن ايڪُ وچ عقيدي وحدت والي
اهڙن عقيدت مندن جي فهرستَ ۾ سُرڳواسيِ پروفيسر رامُ پنجواڻيءَ جو نالو سونهرن اکرن ۾ لکيل آهي. تازو پڙهيمُ تنهن صوفيءَ جو 97 ئون جنمُ
ڏينهن ملهايو ويو. پروفيسرَ بابت بابا مرحومَ کان ٻڌو هومُ جو ٻئي اُترادي سنڌي هئا ۽ شڪارپور پاسي ملندا هُئا. پاڻ ۾ پُراڻيِ سنگت هين (بابا پروفيسرَ کان ڇهه ورهيه وڏو هيو). امان ڳالهه ڪئي ته هڪَ ڀيري هِندَ ۾ ڪنهن ڪانفرنسَ کان موٽندي سندن ممبئي مان لنگُهه ٿيو. سو جينئن موٽي پئي ته پروفيسر دادا رام پنجواڻيءَ کي اِها خبر مليِ.. دادا هِڪدمُ ممبئيءَ هوائيِ اڏي تي بابا جي سار لهڻَ ڀَڄندو آيو.
پروفيسر پنجواڻي سنڌيت جو اوتار هو. سنڌ کا ن پري رهندي، سنڌَ کان ڪڏهن ڌار نه ٿيو ۽ سدائين سنڌڙيءَ جي ياد رهندي هُينِ. سائين پنجواڻي مشهور اديب به هُئا ته راڳي ٻه، دِلو وڄائيدا هُئا ته سَگھائتي آوازَ ۾ ڳائيندا بهِ هُئا. هيٺين ڪڙيءَ تي ”پوسٽس“ تي ٺڙڪُ هڻي ، پهريون ڀاڱو ٻي نمبر تي، وري ٻيو ڀاڱو مٿيان ٺرڪَ هڻي ٻڌي سگھندا، يا وريِ انهيءَ ويب َ صُفحي هيٺان MP3 وارن نشانن تي ٺرڪ هڻي ريڪارڊ لاهي سگھو ٿا.
http://www.gcast.com/u/shikarpuri
سندن اِها آخري چونڪيِ ٻنِ ڀاڱن ۾ ٻُڌي سگھندا؛ جيڪا چونڪيِ سائينءَ جو سنڌين نالي وصيت نامو به ليکجي. ٻڌندا ته پڌرو بيهندو ته سائينءَ کي پروڙ هُئي ته هِن دنيا ۾ سندن پويون وقت اچي پُڳو آهي؛ پروفيسر پنجواڻيِ چونڪيءَ کان ٻي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويا. پڇاڙيءَ ۾ آڇَ ڪيائون ”ڀڳوانَ! ٻيو جنمُ ڏيِن ته وري به سنڌڙيءَ ۾ سنڌوُ ءَ ڪِناري.“
2 Comments »
RSS feed for comments on this post. TrackBack URI
Leave a Reply
Blog at WordPress.com. | Theme: Pool by Borja Fernandez.
Entries and comments feeds.

ها! اَڄُ پهريون ڀيرو لَهَرَ ڏٺيي. هاڻي ته پُل هيٺون واري ِئيواري آ.
وسيِمُ
Comment by Waseem (Sindh)— November 26, 2007 #
This is the only 1 sindhi blog that discusses veriety of topics.
Comment by Waseem (Sindh)— November 29, 2007 #