سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ

October 23, 2007 at 9:33 pm | Posted in Sindhi, Uncategorized, سنڌي | 1 Comment

 

سِڪَڻَ ڪِيا شهِيدَ، ماروُ جي مَلِيرَ جا

هِنَ بلاگَ لکڻ جو خاص مقصد سنڌ جي ماڻهن سان ويراڳي مجلسَ ڪرڻ هومِ. تنهن ڪري هجوَ آميز ڳالهه لڳندي اٿمِ ته پڙهڻ وارن مان اٽڪل ٽيون ڀاڱو سنڌ مان ايندو آهي، ۽ لڳُ ڀڳُه ساڳيو ڀاڱو آمريڪا مان. ويراڳي سفر ڪندڙن جي ڏيهن جي نسبتَ ”سائيٽِ ميٽرُ“ هِن ريتِ ڏيکاري ٿو.

pie chart

متان اينئين نه هجي ته جيڪي ڳالهيون مان ڪيان ٿو سي ٻاهر رهندڙن کي سمجھڻ ۾ سوليوُن ٿيون لڳنِ جو سندن تجربو ٻيو ۽ سنڌ رهندڙن کي ڏکيوُن. مان ڀانيان ٿو ته اِنهيءَ جا گھڻا ئي ٻيا ڪارڻ هوُندا. هڪُ ته سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي حسابي ڪَلن ڳنڍيندڙ ڄارَ جي وَهڪ کِميل آهي. ٻيو ته پريان رهندڙن جي ڏيهه لاءِ سِڪَ گھڻي.. ٿي ٿو سگھي بِلاگ پڙهڻ جو شونق تنهن ڪري وڌيڪُ ٿينِدو هجينُ.


آئُون ڪِئَن ڇَڏِيان، سومِرا! تِنِ پنوَهارَنِ پَچارَ؟
جَڙَ جنِين جي جانِ ۾، لڳي رِءَ لُهارَ؛
ميخُون مُحبَتَ سَندِيُون، هِنئڙي مَنجِھ هَزارَ؛
پَکا ۽ پَنوَهارَ، ڏِٺي مُون ڏِينهَن ٿِيا.

ڀلو ميان… هوُنئن بِلاگ پڙهندڙن جو انگُ وڌندو ٿو رهي. ڪي ڏينهن ٿيا ته هِيءُ بِلاگُ ”ورڊ پريس ڊاٽ ڪامَ“ جي ”چڙهندڙ بِلاگنِ“ ۾ ٻٽيهين نمبرَ تي ٻيٺو هو.

http://botd.wordpress.com/2007/10/08/growing-blogs-530/

ڀانيان ٿو ته سنڌيءَ ۾ هيءُ واحد بلاگ آهي جو اهِڙيِ فهرستَ ۾ هيل تائين آيو هُجي. آس اٿمِ ته اڳتي گھڻائي سنڌي بِلاگَ وڌنڌا ويِندا ۽ جڳ جي سنڌين کي هڪَ ٻي سان ڳنڍيندا هلندا.

1 Comment »

RSS feed for comments on this post. TrackBack URI

  1. Reading original sindhi is quite interesting specially for those who are out of sindh; It is single source of inspiration for us; quite interesting, very informative, if possible for u increase ur frequency of writing;
    DILI WADHAYOUN


Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Blog at WordPress.com. | Theme: Pool by Borja Fernandez.
Entries and comments feeds.

Follow

Get every new post delivered to your Inbox.

Join 25 other followers